ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64690 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻولي ھڪ بلڪل پراچين ڀاشا (قديم ٻولي) آھي ۽ ان اندر سندس لنبي اتھاس (ڊگھي تاريخ) ۾ ڪافي تبديليون آيون آھن. سنڌي ڀاشا اھڙي پراچين آھي، جھڙو آريھ لوڪن جو ڀارت اندر اچي سنڌو ماٿريءَ جي ھيٺئين ڀاڱي ۾ پاڻ وسائڻ جو اتھاس. ان جي اصلي صورت شايد اھا ئي ھئي، جيڪا ان ماٿريءَ جا باشندا ان وقت ڳالھائيندا ھئا ۽ اھا ان ٻوليءَ کان گھڻو علحدي نھ ھئي، جنھن ۾ رگ ويد جا منتر اول اول اچاريا ويا ۽ ڳايا ويا.
جدا جدا روپ:
ٻين اِنڊو- آرين ٻولين جيان، سنڌي ٻولي پڻ جدا جدا صورتون اختيار ڪيون آھن، جن کي پراچين، وچولي ۽ نئين زماني جي انڊو- آرين ڀاشائن جو پراڪرت ۽ اپڀرنش روپ سڏجي ٿو. آخر ان ھاڻوڪي سنڌيءَ جي صورت اختيار ڪئي آھي، جنھن کي ڀارت جي ھاڻوڪين ٻولين ۾ پڻ ڳڻيو وڃي ٿو.
سنڌي ڀاشا کي سندس آخرين (انڊو- آرين ڀاشائن جي نئين زماني واري) صورت شايد ھڪ ھزار عيسويءَ ڌاري ملي. جيتوڻيڪ ھڪ زندھھ وستوءَ (شيءِ) جيان اھا اڃا بھ ڦلجي ڦولجي ۽ وڌي رھي آھي. سر جارج ابراھيم گريئرسن ۽ ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ پارن ڀاشا وگيانين (ٻولي- ماھرن) ، اتر ڀارت جي ھاڻوڪين ڀاشائن جي وڪاس (اوسر) جو اھو ئي مارگ ٻڌايو آھي.
سنڌيءَ جو وڪاس:
ھزار ورھيھ اڳي جڏھن سنڌي ڀاشا جو جنم ٿيو، تڏھن کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جو وڪاس لڳاتار ٿيندو آيو آھي. انھيءَ جي شروعات ان وقت ٿي، جڏھن آريھ جاتيءَ جي ھڪ فرقي، بلوچستان ۽ راجسٿان جي وچ واري ايراضي اچي والاري. آريھ جاتيءَ جو اھو فرقو ٻين کان ڪجھھ الڳ ٿي ويو ۽ اھي ھڪ خاص قسم جي ويدڪ پراڪرت ڀاشا ڳالھائڻ لڳا، جا رگ ويد جي لکڻ کان اڳ ۾ ڪتب ايندي ھئي. پراتتو (آثار قديمھ) جي ماھرن (Archaeological specialists) ڪافي ثابتين سان ثابت ڪيو آھي تھ اتھاسڪ زماني کان اڳ واري زماني جي کوٽاين مان جيڪي شيون لڌيون آھن، سي ڏيکارين ٿيون تھ چئن ھزارن سالن کان اڳي، سنڌ جي راڄڌاني موھن جي دڙي ۾، ويدڪ ڪريائون (رسمون) ڪيون وينديون ھيون ۽ ويدڪ منتر اچاريا ويندا ھئا. ان وقت جيڪا ڀاشا ان شھر ۾ گھرن ۽ بازارين ۾ ڳالھائي ويندي ھئي، سا ھئي پراچين سنڌي پراڪرت. ان جي ٻاھرين صورت جيتوڻيڪ آھستي آھستي بدلجي ويئي آھي، پر ان جي بيھڪ (Structure) جو اصل نسل اڃا قائم آھي، اھا پراچين سنڌي پراڪرت، پاڻني، پتنجلي، ڪاليداس، رامائڻ ۽ مھاڀارت جي پراڪرت کان بھ اڳ واري آھي. ٻين ھاڻوڪين انڊو- آرين ڀاشائن جيان، سنڌيءَ کي بھ ساڳي پراچينتا ۽ ساڳئي نموني جو پراچين اتھاس آھي. انھن پراچين ڀاشائن جي ڪنھن اڳ واري ٻولي (Predecessor) مان ئي سنسڪرت ڀاشا جنم ورتو، ٻين پراڪرت ڀاشائن جيان سنڌيءَ پڻ پنھنجو روپ بدلائي اپڀرنش جو روپ اختيار ڪيو، پر ڏسجي ٿو تھ سنڌي پاڻ پنھنجا ڪيترائي پراڪرت روپ جيئن جو تيئن قائم رکيا آھن.
جين اوتار:
جين ڌرم جو يارھون تيرٿنڪر انشناٿ، جو سنڌ ۾ ڄائو ھو ۽ جنھن جين ڌرم جي سڌانت جو پرچار سنڌ ۽ ڀارت جي ٻين ڀاڱن ۾ ڪيو ھو، تنھن، ڏسجي ٿو تھ پنھنجي پرچار ۾ ان وقت جي سنڌي زبان جو اپيوگ (استعمال) پڻ ڪيو. ھن عيسوي سنھ ١٥٠٠ سال اڳ ۾ اولھھ بنگال ۾ وجي اپواس (روزي) ذريعي پنھنجي زندگيءَ جي آخرين آھوتي (قرباني) ڏني.
مھاڀارت وارو زمانو:
عيسوي سن کان ھڪ ھزار ورھيھ اڳي، جڏھن چيو وڃي ٿو تھ مھاڀارت واري جنگ لڳي، تڏھن ٽيھھ ھزار کن براھمڻ، ڪورون جي راجا دريوڌن سنڌ ۾ وسايا. انھن ڏسجي ٿو تھ اچي وچ سنڌ ۾ پاڻ وسايو. جنھن بعد ان ايراضيءَ کي ”برھمنڪا“ سڏيو ويو. پاڻني جنھن جو جنم عيسوي سن کان پنج سؤ سال اڳي ٿيو ھو، تنھن پنھنجي ”اشٽاڌيابي“ پستڪ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آھي. اھا ايراضي ”برھمن واس“ ۽ ”برھمڻ آباد“ جي نالن سان سڏجڻ ۾ آئي. ڀارت جي جدا جدا ڀاڱن مان آيل ايترن براھمڻن جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ضرور وڌيڪ وڪاس ٿيو ھوندو ۽ ان جي صورت ۾ پڻ ڪافي تبديلي آئي ھوندي.
سنڌيءَ جا روپ:
سنڌي ٻوليءَ جي روپ وغيره بابت ٻي عيسوي صديءَ کان اڳ جو اسان وٽ ڪو بھ رڪارڊ يا ذڪر ڪو نھ آھي. موھن جي دڙي مان جيڪي مھرون لڌيون آھن، تن ۾ ڪھڙي لپي ۽ ڪھڙي ڀاشا ڪتب آندي ويئي آھي، سا اڃا سمجھي نھ سگھيا آھيون. جيتوڻيڪ ان بابت جدا جدا ويچار ظاھر ڪيا ويا آھن. انھن مان شايد سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي رنگ روپ ۽ وصفن تي ڪجھھ روشني پئجي سگھي، پر ھن وقت جيڪا ڄاڻ اٿئون تنھن موجب ڀرت مني ئي پھريون سنسڪرت ليکڪ آھي، جنھن ٻي عيسوي صديءَ ۾ لکيل پنھنجي گرنٿ ”ناٽيھ شاستر“ ۾ سنڌ سؤ وير جي رھواسين جي ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آھي ۽ ان جي رنگ روپ ۽ وصف وغيرھ بابت پڻ ٻڌايو آھي، جي اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آھن.
يادون جو زمانو:
اھو زمانو شايد اھو ھو، جڏھن يادو ڪل جي ”سما“ لوڪن جو راڄ ڏکڻ سنڌ مٿان ھو. ھنن جي گاديءَ جو ھنڌ ”برھمڻ واس“ (برھمڻ آباد) ۽ سندن ڌاڪو ستين عيسوي صديءَ تائين قائم رھيو. انھيءَ ساڳئي عرصي ۾ کتري ڪل جي پرمار لوڪن جو راڄ وري اتر سنڌ مٿان ھو ۽ راڄڌاني اروڙ ۾ ھئي. انھيءَ عرصي اندر ماڻھن جي ٻولي سنڌي ئي رھي، جا انڊو- آرين ٻوليءَ جو ھڪ قسم ھئي.
چينائي ياتري:
ان بعد ستين صديءَ جي وچ ڌاري چينائي ياتري يوئن چئانگ ڀارت ۾ آيو، جنھن ڏکڻ ۽ وچ سنڌ ۾ رھندڙ ماڻھن جي ٻوليءَ بابت ڪجھھ ٻڌايو آھي. ھو لکي ٿو تھ انھن ماڻھن جي ٻولي مڌيھ ديش جي رھواسين کان ٿوري ڦريل آھي. مڌيھ ديش ۾ اتر گجرات، راجسٿان، مالوا، پشچم- اتر پرديش ۽ ڀرواريون ايراضيون اچي ٿي ويون. انھن ايراضين ۾، چينائي ياتريءَ جي لکڻ موجب شورسيني ۽ ناگر ٻوليون چالو ھيون.
پوءِ وري اسين ڏسون ٿا تھ اٺين صديءَ ۾ ”سينڌو“ ماڻھن جي ٻوليءَ جو ذڪر ملڪ جي ارڙھن مکيھ ديش ڀاشائن ۾ ڪيو ويو آھي. ”ڪؤليھ مالاڪھا“ نالي ھڪ پستڪ (ڪتاب) عيسوي سنھ ٧٧٩ع ۾ اپڀرنش ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. ان پستڪ جو ليکڪ لکي ٿو تھ ”سنڌ واسين جي ڪوتا رمڻيڪ، مٺي، نرم آواز واري آھي ۽ منجھس ديش ڀڳتيءَ جو ڀاو ڀريل آھي. ان جي ثابتيءَ ۾ پوءِ ھن سينڌوائن جي ڪوتا مان ڪي بيت وغيرھ پڻ دھرايا آھن.
نائين صديءَ ۾ وري آنند ورڌن نالي ڪشميري مھاڪويءَ پنھنجي ڪوتائن ۾ جدا جدا ڀاشائن جا لفظ ڪتب آندا ۽ انھن ۾ ڪي ”سنڌو ڀاشا“ يعني سنڌ جي ٻوليءَ جا لفظ بھ ڪتب آندا ويا آھن.
سنڌي مھاڀارت:
اٽڪل ھڪ ھزار ورھيھ اڳي ھڪ نامعلوم سنڌي ودوان، سنڌيءَ ۾ مھاڀارت لکيو. اھو ڪتاب شايد نثر ۾ لکيو ويو ۽ ان ۾ مھاڀارت جي آکاڻي ڪجھھ علحدي نموني ڏنل آھي. اھو مھاڀارت ڏھين عيسوي صديءَ ڌاري ابو صالح نالي ھڪ عرب عربي زبان ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان عربي ترجمي جو وري فارسي ترجمو ١٠٢٦ع ۾ ڪيو ويو. ڪجھھ وقت بعد اھو فارسي ترجمي وارو ڪتاب وري مختصر روپ ۾ ”مجمع التواريخ“ جي نالي سان پڻ شايع ڪيو ويو. وچولي زماني جي سنڌي نثر ۾ اھو سنڌي مھاڀارت شايد پھريون ڪتاب آھي، جنھن بابت پڪ سان ڪجھھ چئي سگھجي ٿو.
انھيءَ ڪتاب ۾ جيڪي نالا وغيرھ اچن ٿا، تن کي ويچار ۾ رکي چئي سگھجي ٿو تھ ھڪ ھزار ورھيھ اڳي سنڌ جي ڀاشا ۽ ٻين ڀارتي ڀاشائن وچ ۾ ڪافي ھڪجھڙائي ھلندي پئي آئي. البيروني ۽ ٻين عرب ليکڪن جيڪي لکيو آھي، تنھن مان بھ ساڳي شاھدي ملي ٿي.
سومرا ۽ سما:
سومرن جي راڄ واري عرصي ۾ ۽ ان بعد چوڏھين صديءَ کان وٺي سمن جي ٻئي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ وڏو ئي واڌارو ڪيو. انھيءَ عرصي ۾ ڪيتريون ئي اتھاسڪ (تاريخي) ۽ رومانچڪ (رومانوي) ڪوتائون لکيو ويون، جيڪي ڦريل روپ ۾ اسان وٽ اڃا تائين موجود آھن.
ھمير ۽ مارئيءَ جي قصي ۾ ڪجھھ تبديلي آئي ۽ اھو اسان اڳيان عمر ۽ مارئيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آھي. اھو ساڳيو قصو ھو. جو سورھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري، بنھھ ھن دھليءَ جي شھر ۾، اڪبر بادشاھھ اڳيان سندس درٻار ۾ سھڻيءَ سنڌيءَ ۾ ڳايو ويو ھو. ڪوتا جي ميٺاج درٻار کي اھڙو تھ موھي ڇڏيو، جو ڪيترا درٻاري پنھنجو پاڻ وساري، گائڪ سان گڏ ويھي موج ۾ ڳائڻ ۽ جھومڻ لڳا.
سترھين صديءَ کان وٺي اسين سنڌي ساھتيھ ۾ تڪڙو تڪڙو واڌارو ڏسون ٿا. ھڪ ٻئي پٺيان انيڪ شاعرن پنھنجي شعر جي پلٽ لڳائي ڏني. شاھھ عبدالڪريم، شاھھ لطيف، سچل ۽ سامي وغيرھ ھڪ ٻئي پٺيان ايندا ويا، تان جو اچي چالو صديءَ ۾ پھتاسين ۽ ھن صديءَ ۾ پڻ نثر ۽ نظم وڌيڪ ۽ وڌيڪ تعداد ۾، نھ رڳو مرد پر زالون پڻ چئي ۽ لکي رھيون آھن. انھن جي لکيتن جون وشيون بھ اھي ئي ساڳيون آھن، جيڪي ھندستان جي ٻين ليکڪن جون آھن.
برک ڀاشا وگيانين جو رايو آھي تھ ٻين انڊو- آرين ٻولين جيتوڻيڪ پنھنجو اصلوڪو روپ گھڻي قدر ڦيرائي ڇڏيو آھي، تڏھن بھ سنڌي ٻولي ڌارين جي سياسي توڙي ڪلچرل اثرن پوڻ جي باوجود پنھنجي اصل شڌ روپ کي ۽ پنھنجي پراڪرت واري ويس کي اڄ تائين گھڻي ڀاڱي قائم رکندي آئي آھي. انھيءَ خيال کان ٻين ڀارتي ڀاشائن جي وڪاس ۽ واڌاري جي اتھاس جي اڀياس لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي اھميت آھي.
(ڊسمبر ١٩٥٧ع)·