ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64678 ڀيرا پڙهيو ويو |
سسئي پنھونءَ، عمر مارئي ۽ ٻين سنڌي لوڪ ڪھاڻين کي اسان پئي سمجھيو تھ، شاھھ لطيف ئي ارڙھين صديءَ ۾ مشھور ڪيو. پر جيڪو سنڌ جو جھونو ساھت ھيل تائين ھٿ لڳي سگھيو آھي، تنھن مان ڏسجي ٿو تھ شايد پھريون پھريون شاعر، جنھن جي پڌري ٿيل شعر ۾ انھن لوڪ ڪھاڻين جي ڳالھھ ملي ٿي، سو ھو سورھين صديءَ جو شاعر، شاھھ ڪريم، شاھھ لطيف جو تڙ ڏاڏو.
شاھھ لطيف جو جنم ١٦٨٩ع ۾ ٿيو ۽ ١٧٥٢ع ۾ ھو گذاري ويو. اڃا يارھن ورھين جو ھو تھ ١٧ صدي پوري ٿي ويئي. شاھھ ڪريم ١٥٣٨ع ۾ ڄائو ۽ سندس موت ١٦٢٤ع ۾ ٿيو. ٦١ سالن جو ھو تھ اڃا سورھين صدي پئي ھلي. سندس اڪثر شعر ان ڪري سچ پچ سورھين صديءَ جو چئبو.
شاھھ ڪريم جا فقط پنجانوي سنڌي بيت ملي سگھيا آھن، جي ١٦٣٠ع ۾ سندس ھڪ مريد (مير رضا دريائي) ”بيان العارفين و تنبيه الغافلين“ نالي پارسي ڪتاب ۾ وڌا ھئا. انھن ٩٥ بيتن مان ڏھھ بيت سسئيءَ بابت آھن. چئبو تھ جھوني ۾ جھونا سسئيءَ جي باري ۾ سنڌي بيت اھي شاھھ ڪريم جا ئي اڄ تائين موجود آھن. اٽڪل چار سؤ سال کن پراڻا آھن.
سسئيءَ جي ڪھاڻي تھ ان کان گھڻي آڳاٽي آھي. ڀنڀور شھر جي کنڊرن جي کوٽائي پاڪستان جي سرڪار پئي ڪرائي آھي. ان سڀ جا نتيجا ۽ اتھاسڪ انومان (تاريخي گمان) پڌرا نھ ٿيا آھن. جڏھن پڌرا ٿيندا، تڏھن شايد پڪ سان چئي سگھبو تھ سسئيءَ جي ڪھاڻي عربن جي ئي دؤر جي، اٺين صديءَ جي، يا ان کان بھ اڳ جي آھي، ڪين سومرن جي دؤر جي، يعني ڏھين صديءَ جي آھي.
ڪي ڇھھ يا اٺ صديون شاھھ ڪريم کان بھ اڳ، سسئيءَ جي ڪھاڻي، سنڌ جي چارڻن ۽ مڱڻھارن پي ڳائي ھوندي ۽ ڪن کانئس اڳين شاعرن يا ناثرن (نثر لکندڙن) شعر يا نثر ۾ چئي يا لکي ھوندي. پر اھو سڀ اڃان ناپيد آھي. جڏھن ڪ ھٿ لڳي! پندرھين- سورھين صديءَ جي شاعرن- اسحاق، حماد ۽ قاضي قاذن جا تمام ڇڊا بيت ھٿ آيل آھن، پر انھن ۾ تھ سسئيءَ جي پريم ڪھاڻيءَ ڏانھن ڪوبھ اشارو ڪونھي.
شاھھ ڪريم جا سورھين صديءَ ۾ سسئيءَ بابت چيل بيت پڙھندڙن لاءِ ھيٺ ڏيان ٿو. سنڌي ٻوليءَ جا کوجيندڙ يا اتھاس جا شائق بھ شاھھ لطيف جي ۽ ان کان بھ ڏيڍ سؤ کن سال اڳ جي شاھھ ڪريم جي سنڌي ڀيٽي سگھن ٿا:
١- وھاڻيي ئي وڃ، تو نھ سرندو تِن ري؛
تان سا وڃي ڀڃ، پِيئي جا ڪاڻ پِرين سين.
’پرھھ ڦٽي جو ئي اٿي ھل، تنھنجي ھنن سواءِ نھ سرندي؛ پرينءَ بنا جيڪا گھرج پئي ٿئي، سا انھن سان وڃي لاھھ.‘
٢- جي مون سڏ ڪئا، ڀنڀورا ٻھار ٿي؛
جي سي پِريي سئا، تھ ھند وئا نھ نڪري.
’ڀنڀور کان ٻاھر ٿي، جيڪي مون سڏ ڪيا، سي جي پرين ٻڌا ھجن ھا تھ جيڪر اڳتي وڌي نھ وڃن ھا.‘
٣- ڀنڀورا ٻھ ٿوڪ، ڪنين نھ نئا پاڻ سين؛
سڪڻ سپيرين کي، ۽ لاڳاپو سين لوڪ.
’ڀنڀور مان ڪنھن بھ ٻئي وٿون پاڻ سان نھ کنيون؛ يا کڻي پرينءَ جي سڪ، يا کڻي لوڪ سان لاڳاپو.‘
٤- نيه نياپي نھ ٿِيي، نھ سڌين سيڻ ھون؛
ڪاريين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نھ رون.
’نياپن معرفت نينھن ڪونھ ٿيندو آھي، نڪي رڳو سڌن ڪرڻ سان ئي سيڻ ملندا آھن. تيسين نھ ملندا، جيسين اونداھيون راتيون جھاڳي اکيون رت نھ ڳاڙينديون.‘
٥- مڌ م منھھ ويھھ، اڀي اوسڙ اس ۾؛
تو سيئي سيڻ ڪئا، ڏور جنين جو ڏيھھ.
’اي منڌ! گھر ۾ نھ ويھي رھھ، اس ۾ اڀي ٿي رل؛ تو اھي ئي سيڻ ڪيا آھن، جن جو ڏيھھ پري آھي.‘
٦- امڻ! کوءِ گھروءِ مونئا ساٿڙو وڃي نڱئو؛
ھيڙو ڏيئي وٽِ جي، مون جِي تان نھ ٻرئوءِ.
’اي امڙ! کڏ پوي تنھنجو گھر، پنھونءَ وارو ساٿ مون کان نڪتو ٿو وڃي؛ مون جيان، تنھنجو ھينئون، ڏيئي جي وٽ وانگر، ڪون سڙيو آھي.‘
٧- پر ۾ پچِي پِرينءَ کي، پسجي پرديھھ؛
جِتي ساڄن سپڄي، ساھھ کي سو ساڙيھھ.
’پنھنجيءَ پر ۾ پچي، پرينءَ لاءِ پرڏيھھ بھ ڏسجي، جتي ساجن ملي، اھوئي پنھنجو ديس آھي.‘
٨- جاڳي جاڳي سسئي، جان ھيجا ھٿ وڌاءِ؛
تان سڃي سيڄ، پِرين ري، پنو پٿر ناھھ؛
نڪرندي چئاءِ، گھوڙا گھر نھ سپِرين.
’جاڳي جاڳي سسئي، جيئن ئي سڪ مان ھٿ ڊگھيريو، تھ ڏسي تھ پرينءَ بنا سيج سڃي آھي ۽ پنھون پٿراڻيءَ تي ٺھيئي ڪونھ؛ ٻاھر نڪري رڙيون ڪيائين: ”گھوڙا ڙي! سپرين گھر ۾ آھيئي ڪونھ.‘
٩- ھوت نھ ڏٺائون، ڏوھھ نھ ڏيان جيڏيين؛
مٿي ڪري ھٿڙا، ھند مون جِي رنائون.
’جيڏين کي ڪئن ڏوھھ ڏيان، ھنن تھ ھوت ڏٺو ئي ڪونھي؛ نھ تھ جيڪر مٿي تي ھٿ رکي مون وانگر روئن.‘
١٠- تان ڪي ڳوري ڇل ُ، لاڙائو سڄ ٿِئو؛
ھاڙي ڌاري ھل، وڃي ھوتن جو ٿِئو.
’اي ھيڻي! اڃا ڪجھھ تکو ھل، سج لڙي پيو؛ ھوڏانھن ھوت تھ وڃي ھاڙي جبل ويجھو پھتا اٿيئي.‘
چار کن صديون اڳ، شاھھ لطيف کان بھ ١٥٠ ورھيھ اڳي، سنڌي ٻوليءَ جي صورت ڪھڙي ھئي ۽ لفظن جا ڪھڙا اچار ھئا، تن جو ڪجھھ پتو مٿين ايڪيھن سٽن مان ملي سگھي ٿو.
شاھھ ڪريم، سسئيءَ جي ڪھاڻيءَ کان سواءِ، ٻين ڪھاڻين تي بھ بيت چيا آھن، پر بلڪل ڇڊا. عمر مارئيءَ تي چار بيت، سھڻي ميھار تي ٻھ ۽ مومل راڻي ۽ ليلا چنيسر تي رڳو ھڪ ھڪ بيت.
جيتوڻيڪ آھن رڳو ايترا ٿورا، پر تھ بھ انھن ڪھاڻين تي شاھھ ڪريم جي بيتن کان اڳ جا بيت، سواءِ شايد ھڪ جي، اڃا تھ ڪٿي ملن ئي ڪين ٿا.
”بيان العارفين“ ۾ ڄاڻايل آھي تھ شاھھ ڪريم جڏھن اڃا جوان ھو ۽ سماع جي ھڪ مجلس ۾ ويٺو ھو، جتي بيت پئي چيائون، تھ ھڪ ڄڻي ھيٺيون بيت ڳايو:
اکڙيون ملير ۾، جنين راتو ڏيھھ؛
عمر آسائن سين، ھاڻي ڪندي ڪيءَ؟
جن جون، راتو ڏينھن، ملير ۾ اکيون آھن، تن آسائتين سان، اي عمر! تون ھاڻي ڇا ڪندين؟
جيئن تھ شاھھ ڪريم ان وقت جوانيءَ ۾ ھو، ۽ ڪھاڻين تي اڃا بيت نھ بھ چيا ھجنس، تھ ممڪن آھي تھ ھي بيت شاھھ ڪريم کان اڳ جي ڪنھن شاعر جو چيل ھجي.
اڪبر بادشاھھ جي درٻار ۾، ١٥٩١ع ۾، سنڌ جي حاڪم، مرزا جاني بيگ ترخان، عمر مارئيءَ جي ڪھاڻي ٻڌائي ھئي ۽ ان قصي جا ڪي سنڌي بيت بھ چيا ھئا، جي ڪن درٻارين وري سندس پٺيان سنڌي سر ۾ ڳايا. شاھھ ڪريم تڏھن ٥٣ ورھين کن جو ھو. ٿي سگھي ٿو تھ اڪبر اڳيان چيل اھي بيت شاھھ ڪريم کان اڳ جي ڪنھن شاعر جا ھجن، جنھن سڄو قصو بيتن ۾ ٺاھيو ھجي يا تھ سندس ئي زماني جي ڪنھن شاعر جا، پر سندس چيل بيتن کان اڳ يا پوءِ جا ھجن. ائين بھ ٿي سگھي ٿو تھ اھو نامعلوم شاعر اھو ساڳيوئي شاعر ھجي، جنھن جو مٿي ڏنل بيت ”بيان العارفين“ ۾ ڄاڻايل آھي. جي ائين آھي تھ چئبو تھ اڪبر بادشاھھ اڳيان جيڪي سنڌي بيت ڳايا ويا، تن مان ھڪ جي اسين سڃاڻپ ڪري سگھون ٿا. ھيءَ اسان جي سنڌي ساھت لاءِ ڄڻ اتھاسڪ (تاريخي) ڳالھھ آھي.
شاھھ ڪريم جي وفات کان ٿورو اڳ پارسي نظم ۾ ليلا چنيسر جو وڏو قصو بھ لکيو ويو ھو، جو ڇاپي ۾ آيو آھي. اھو ادراڪي بيگلاري ١٦٠٢ع ۾ لکيو. پاڻ ١٦٢٦ع ۾ گذاري ويو. پر شاھھ ڪريم جا چيل بيت ان کان اڳ جا ٿا ڏسجن؛ ڇو جو اھي ڪو پنھنجي ٻڍي اوسٿا (عمر) ۾ ڪونھ چيا ھئائين. شاھھ ڪريم ٨٧ کن ورھين جو ٿي ١٦٢٤ع ۾ وفات ڪئي.
مٿين ڪھاڻين نسبت شاھھ ڪريم کان اڳ جي چارڻن ۽ مڱڻھارن جا چيل بيت غائب آھن.
مارئيءَ جو قصو اتر گجرات ۽ راجسٿان پاسي بھ ڳائبو آھي، پر کيس کڻي ويندڙ کي ’عمر‘ ڪونھ ڪوٺين، پر امرسنگھھ يا امرؤسنگھھ يا اومرا راءِ. ھو امرڪوٽ جو شايد راجپوت راڻو ھو. ھيءَ ڪھاڻي اوڀر سنڌ جي آھي.
سھڻي ميھار- ”سوھني مھيوال“ جي ڪھاڻي اصل پنجاب جي ٿي ڏسجي. پنجاب ۽ سنڌ اڳئين زماني ۾ ڪيئي ڀيرا ھڪ ئي حاڪم جي ھٿ ھيٺ ھئا. ڪڏھن ڪڏھن تھ پنجاب جو ھيٺيون ٽڪر ۽ سنڌ جو مٿيون ٽڪر ھڪ ئي راڄ ۾ ھئا. پنجاب مان بھ ھرڪنھن زماني ۾ ھزارين ڪٽنب سنڌ ۾ اچي وسيا آھن، جيئن اتر سنڌ مان ھزارين ڪٽنب، عربن جي زماني ۾، ڏکڻ پنجاب ۾ لڏي ويا ھئا. جيئن ”سسئي پنھونءَ“ جي ڪھاڻي سنڌ مان پنجاب ۾ ڦھلي آھي، تيئن ”سھڻي ميھار“ جي آکاڻي پنجاب مان سنڌ ۾ آئي آھي ۽ پنجاب مان آيل ڪٽنب، جيڪي سنڌي سماج ۾ جذب ٿي سنڌي بڻجي ويا ۽ سنڌي ٻولي ڪتب آڻڻ لڳا، تن سنڌيءَ ۾ ”سھڻي ميھار“ جي ڪھاڻي سنڌ ۾ بھ چالو ڪئي ۽ ان جا ھنڌ/ نشان سنڌ ۾ پسڻ لڳا، جيئن سسئيءَ جا مڪان اڄ اتر پنجاب ۾ ڏيکاريا وڃن ٿا. پنجاب جا جاٽ ۽ سنڌ جا جٽ ھڪ ئي قوم آھن ۽ سنڌوندي سندن لاڳاپو ڳنڍيندي آئي آھي. جڏھن سنڌوندي ٻنھي پرانتن (پرڳڻن) جي ماڻھن جي اچ وڃ ۽ واپار جو مکيھ رستو ھئي، تڏھن ھڪ پرانت (پرڳڻي) جون ڪھاڻيون ٻئي پرانت لاءِ سولو پھچنديون ھيون. ھي نھ رڳو لوڪ ڪھاڻين نسبت چئي سگھجي ٿو، پر ٻنھي پرانتن جي سڀيتا جي ٻين انگن نسبت بھ.
مومل راڻي جو قصو بھ اوڀر سنڌ جو آھي. راڻو امرڪوٽ جو ھو ۽ مومل جي ڪاڪ ندي جيسلمير جي ويجھو ھئي. ھيءَ ڪھاڻي نجي راڄپوتي وايومنڊل جي آھي. سنڌ جو اڀرندو ڀاڱو صدين کان راجپوتي قومن سان وسيل ھو. سڪندر جي ڏينھن کان ان پاسي لڙاڪو قومن جي وسڻ جا آثار ملن ٿا. ھيءَ ڪھاڻي راجسٿان جي الھندي ڀاڱي ۾ بھ ڳائبي آھي.
ليلا چنيسر ڏکڻ سنڌ جي ڪھاڻي آھي. چنيسر جو راڄ لاڙ ۾ ھو.
سنڌ جون ڪي ٻيون بھ ڪھاڻيون آھن، جي شاھھ ڪريم جي وقت ماڻھن ۾ چالو ھيون ۽ جن جا بيت عام جام ڳائبا ھئا. پر شايد انھن ۾ شاھھ ڪريم ڪي بھ اھڙا واقعا ڪونھ ڏٺا، جن کي پنھنجن روحاني رھاڻين لاءِ ڪتب آڻي سگھي.
شاھھ ڪريم جيڪي بيت عمر مارئي، سھڻي ميھار، مومل راڻي، ۽ ليلا چنيسر جي ڪھاڻين جي ڪن واقعن تي چيا آھن سي ھيٺ ڏجن ٿا:
عمر مارئي:
١- ڪاڻياريون ڪي ڪن، عمر اڇا ڪپڙا،
جني جا ٿرن ۾، ور ٿا ويڻ سھن.
اي عمر! جن جا ڀتار ٿرن ۾ مھڻا پيا سھن، سي ڪاڻ واريون ڪيئن اڇا ڪپڙا پائينديون.
٢- اسين تِتان آئيون، جِتِ کونبو ناه،
جي وڃون وياھھ، تھ پڻ مٿِئون لوئيون.
اسين اتي جون آھيون، جتي کھنبو ڪپڙو ڪونھي. جي وھانءَ تي وڃون تھ بھ لوئيون پھريون.
٣- ڳال اوءَ ھي ھيڪڙي، جا مون ڪال ڪئي،
ڀينر §ڪيم ڀڪٽِئو، ٿِيندي تان نھ ٻِئي.
اي ڀينر، بڪوات نھ ڳالھايو، جيڪا ڪالھھ ڪيم، اھا ھڪڙي ئي منھنجي ڳالھھ آھي. ان بنا ٻي ڪانھ ٿيندي.
٤- صورت ليکي ھتِ، معنيٰ ليکي ماروئين،
عمر! مون جي چِتِ، اوتاڪون© ٿرن ۾.
سرير منھنجو ھت آھي، پر من تھ منھنجو ماروئن وٽ آھي، عمر! منھنجي چت لاءِ گھر تھ ٿرن ۾ آھي.
سھڻي ميھار:
١- جيڪي گھرا م وڃ، جيڪي موٽ م سوھڻي،
ھيڪڙيائي ھٿِ ڪر، ٻيون ڀاڄوءَ جينءَ ڀڃ.
اي سھڻي! يا تھ گھران ئي نھ وڃ، يا جي وڃين تھ موٽين ئي نھ، پرينءَ سان ھيڪاند ھٿ ڪر، ٻيو سڀ، ڀاڄو شين وانگر، ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪر.
٢- ڳوري ٻي نھ تاتِ، مھارو ئي من ۾،
جو پڻ پيئي راتِ، تھ ھو سائر، ھوءَ سوھڻي.
ويچاريءَ کي ٻي ڪا تات ئي ڪانھي، ميھار ئي من ۾ اٿس، جي رات بھ ڪري ٿئي، تھ بھ اھو درياھھ، اھا سھڻي.
مومل راڻو:
١- ڪاڪ وڻني ساڻ، اوٺيين نھ اورڳي،
جي ڳڻ ھون گھڻا، راڻا توءِ روندا وئا.
اوٺين، ٻيلي سوڌي، ڪاڪ نھ اورانگھي، جيتوڻيڪ راڻن ۾ گھڻيئي ڳڻ ھئا، تھ بھ ھو روئندا ويا.
ليلا چنيسر:
١- جوري اتي جن، داغ تون جو داسڙا،
تون ڪي مٿا تن، چنيسر چِت کڻين.
اي داسڙا! جن جي جيري تي تنھنجي پريم جو داغ آھي، تن تان، اي چنيسر! تون ڪيئن ٿو پنھنجو چِت کڻين؟
شاھھ صاحب جي ڪل ٩٤ بيتن مان ١٨ بيت سنڌ جي پنجن لوڪ ڪھاڻين تي چيل آھن. کانئس اڳ ٻين شاعرن ضرور انھن ڪھاڻين تي بيت چيا ھوندا. سنڌ ۾ صوفي مت جي زور پوڻ بعد ڪن شاعرن اھي لوڪ ڪھاڻيون پنھنجن روحاني رھاڻين لاءِ اوس ڪتب آنديون ھونديون. ايران جي صوفي ڪلام جي اثر پڄاڻان سنڌي صوفين جي ڪلام ۾ پريم جي ڪھاڻين جو ڪم اچڻ سڀاويڪ ھو. پر ان کان بھ اڳ جڏھن انھن لوڪ ڪھاڻين جا اصلوڪا واقعا ٿيا ھوندا، تنھن زماني ۾ سنڌي چارڻن ۽ مڱڻھارن پڪ بيت ٺاھيا ھوندا. شل اھي اصلوڪا ٺھيل بيت ڪٿان ملن، پوءِ ڀلي سندن ٻوليءَ جو ويس زماني ڪجھھ بدلايو ھجي!
سنڌ ۾ جن درويشن، فقيرن، روحاني راھھ جي پانڌيئڙن، سنڌي شعر چيو، تن مان ڪن ٿورن ئي جا نالا اڄ تائين تاريخن ۾ ملن ٿا. سڀ کان آڳاٽو شيخ حماد جماليءَ جو نالو ملي ٿو. ھو چوڏھين صديءَ جو ھو. ١٣٨٠ع ڌاري فوت ٿيو. (تذڪره لطفي، جلد-١، صفحو ٥١). ڄام تماچيءَ جي تاجپوشيءَ جي اڳڪٿيءَ نسبت سندس ھڪ سنڌي بيت ڏانھن اشارو آيل آھي (سنڌي تحفة الڪرام، ٤٥٨). پر اھو يا سندس ٻيا سنڌيءَ ۾ چيل بيت ڪٿي ڄاڻايل ڪينھن. خبر نھ آھي تھ ڪن سنڌي لوڪ ڪھاڻين بابت منجھن ڪجھھ ھو، ڪي نھ ھو.
ان بعد اسحاق اھنگر ٿي گذريو آھي. سندس ڄم ۽ موت جي تاريخ جي سڌي خبر ڪانھي. پر شيخ ڀريو ويرداس، جو سندس سنڌي بيت چوندو ھو، تنھن جي وفات ١٤٩٨ع ۾ ٿي (سنڌي تحفة الڪرام، ٤٤٨). سو اسحاق ١٥ صديءَ جو چئبو. ١٤ صديءَ ۾ ڄائو ھجي. پندرھين صديءَ جي اڳياڙي يا وچ ۾ بيت چيا ھجنس. سندس بيتن مان رڳو ھڪ اڄ موجود آھي، پر ان جي لفظن جا اچار شايد زماني ڦيرايا آھن. ان بيت ۾ ڪنھن بھ سنڌي لوڪ ڪھاڻيءَ ڏانھن اشارو ڪونھي.
اسحاق آھنگر کان پوءِ قاضي قاذن جو نالو ٿو اچي. ھو ١٥٥٠ع ڌاري وڏيءَ عمر ۾ فوت ٿيو. (سنڌي تحفة الڪرام، ٣٥٣). پندرھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڄائو ھو ۽ ١٤٨٩ع ڌاري علم پڙھي پورو ڪيو ھئائين. (تذڪره لطفي، جلد-١ صفحو ٥٥). قاضي قاذن ان ڪري پندرھين- سورھين صديءَ جو چئبو. ھن سنڌيءَ ۾ گھڻيئي بيت چيا ٿا ڏسجن، پر رڳو ست بيت سندس چيل ”بيان العارفين“ مان ملن ٿا. انھن ستن بيتن ۾ ڪنھن بھ سنڌي لوڪ ڪھاڻيءَ جي ڪنھن واقعي ڏانھن اشارو ڪونھ ڪيل آھي. ممڪن آھي تھ ٻين بيتن ۾ ڪي اھڙا واقعا ڪتب آندا ھجنس.
ان پڄاڻان درويش راڄو سورھين صديءَ ۾ ٿي گذريو آھي. ھو ١٥٦٩ع ڌاري فوت ٿيو (سنڌي تحفة الڪرام، ٤٥٠). ھو بھ سنڌي بيت چوندو ھو، پر سندس ڪوبھ بيت لکت ۾ ڪونھ ٿو آيل ڏسجي. خبر نھ آھي تھ ھن سنڌ جي ڪھاڻين جي آڌار تي ڪي بيت چيا ھئا يا نھ؟
پير محمد لکوي، جنھن ١٥٩٠ع يا ١٦٠٠ع ڌاري وفات ڪئي، تنھن جا سنڌيءَ ۾ رڳا مناجات ھٿ آيل آھن. اِنھن ۾ سنڌ جي ڪھاڻين ڏي ڪوبھ اشارو ڪونھي. ھي بھ سورھين صديءَ جو شاعر ليکبو. (تذڪره لطفي، جلد-١، صفحو ٨١- ٨٤).
مخدوم نوح، جو ١٥٠٦ع ۾ ڄائو ۽ ١٥٩٠ع ۾ فوت ٿيو، سو بھ سورھين صديءَ جو شاعر چئبو. چون ٿا تھ ھن بھ سنڌي بيت چيا ھئا، پر جيڪي ٣ بيت سندس نالي سان ظاھر ٿيا آھن، سي سچ پچ سندس ھئا؟ ان بابت تھ ڪي شڪ اٿاريل آھن. پر انھن ۾ بھ سنڌي لوڪ ڪھاڻين نسبت ڪو اشارو ڪونھي. (تذڪره لطفي، ٨٤- ٨٧).
مٿي جيڪي چئي آيل آھي، تنھن مان ڏسجي ٿو تھ سنڌي لوڪ ڪھاڻين تي بيت سورھين صديءَ جي وچ ڌاري ھڪ ٻئي نامعلوم شاعر بھ چيا پئي ۽ ان کان اڳ بھ ڪن چيا ھجن، پر شاھھ ڪريم ئي پراڻي ۾ پراڻو شاعر آھي، جنھن جو سنڌي شعر، سنڌي ڪھاڻين جي اوٽ تي چيل، ڪنھن چڱيري مقدار ۾، سندس ئي ٻوليءَ ۾، اڄ تائين موجود آھي.
اھو ممڪن نھ آھي تھ ستاسي سالن جي عمر ۾ شاھھ ڪريم رڳو ٩٤، اڃا بھ ساڍا ٩٣ بيت چيا ھوندا. (سندس ھڪ بيت ۾ رڳو ھڪ مصرع آھي). انھن ٩٤ بيتن ۾ ١٨ بيت آھن، سنڌي لوڪ ڪھاڻين تي. ان کان وڌيڪ بيت انھن ڪھاڻين تي چيا بھ ھجنس، پر جي چيا ھئائين تھ اھي اڄ ملن ڪٿان؟
© ”بۑإڷ إڵڠإڎڢۑڷ“ ۾، ضڷێڷ ۾ ڛإێێ ڥڎۑڶ ضإ بۑج ڶڵڷ حإ، ”إۆڞإڤ“ ”ج“ ۽ ”ڥ“ ښإڷ ڵڦۑ ۆۑیۑ آێۑ.