سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (562) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     64677   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌين جو اتھاسڪ(تاريخي)ڏينھن


(١٠ اپريل ١٩٦٧ع تي، سنڌي ”قومي ٻولي“ تسليم ٿيڻ بابت،

اتھاس جو ھڪ ننڍو ورق)

 

ڏھين اپريل ١٩٦٧ع جو ڏينھن ڀارت ۾ رھندڙ سنڌين جي اتھاس ۾ سياسي، ساھتڪ (ادبي)  ۽ سڀيتڪ درشٽيءَ کان تمام اھميت وارو ڏينھن آھي.

ان ڏينھن، راشٽر پتي(صدر)، ڊاڪٽر راڌاڪرشن، سرڪاري بل تي صحي ڪئي، جنھن موجب، سنڌي جاتيءَ جي ڀاشا (ٻوليءَ) کي وڌان (آئين) ۾، ديش جي ٻين چوڏھن ڀاشائن سمان (برابر) قومي ڀاشا (قومي ٻولي) جو درجو ڏنو ويو.

١٩٦٥ع ۾ ئي مون شريمتي اندرا گانڌيءَ کان ان بابت قبوليت ورتي ھئي، جڏھن ھوءَ اڃا ”سماچار ۽ آڪاش واڻي“ جي منتري (سڌ سماءَ ۽ ريڊيو جي وزير) ھئي.

جڏھن ھوءَ پرڌان منتري (وزيراعظم )ٿي، تڏھن مون ١٩٦٦ع ۾ سنڌين جي عام ميڙ ۾، کيس ديش جي رکشا فند (ملڪ جي سلامتيءَ واري فنڊ) ۾ سنڌين پاران ٢٥ ھزار روپين جي رقم ڏني.

اتي مون کيس اپيل ڪئي تھ سنڌي ڀاشا کي ديش جي ٻين ڀاشائن سمان (برابر) درجو ڏنو وڃي. پروفيسر رام پنجواڻي، جو پڻ ان ميٽنگ ۾ حاضر ھو، تنھن پڻ کيس ساڳي اپيل ڪئي. انھيءَ ڏينھن شام جو اندرا گانڌيءَ راجيھ سڀا ميمبرن کي چانھھ پارٽي ڏني ھئي، جتي ھن مون کي ۽ ميمبرن کي چيو تھ وڌان (آئين) ۾ سنڌي ڀاشا (ٻولي) کي تسليم ڪرڻ گھرجي.

اوچتي مخالفت:

ھن پوءِ وزارت جي ميٽنگ ۾ اھا ڳالھھ اوچتو ڪڍي، پر ٻن واسطيدار وزيرن ان جي مخالفت ڪئي. سندن چوڻ ھو تھ ٻين ڀاشائن وارا پڻ ساڳي طلب ڪندا.

شريمتي اندراگانڌيءَ يڪدم مون کي پنھنجي خانگي سيڪريٽريءَ ھٿان ان واقعي بابت سنيھو موڪليو.

ڊڪون ۽ ڊوڙون:

مان پوءِ وزارت جي ١٢ ميمبرن مان ھرھڪ ميمبر سان الڳ، اڌ اڌ ڪلاڪ کن گڏيس. مکيھ دليل ڏنامان. ھرھڪ، انت ۾ منھنجي ڳالھھ مڃي. ھڪ مکيھ وزير ھو، قانوني وزير، شري پاٺڪ، جو پوءِ وائيس پريزيڊنٽ ٿيو ھو. چيائين رات اچي مون وٽ ماني کاءُ تھ ڳالھيون بھ ڪريون. سو گڏجي ماني بھ کاڌيسين بحث بھ ٿيو. ھن بھ ھائو ڪئي.

شري چاڳلا سان بحث:

تعليم جو وزير شري چاڳلا اول سخت مخالف ھو. چي: سنڌ پرديش(صوبو) تھ ھتي ڪونھي. چيومانس تھ ٻوليءَ جو واسطو انسانن سان آھي، نھ زمين سان. اسين سنڌي ڳالھائيندڙ انسان پنھنجي ٻولي کڻي آيا آھيون. ورھاڱي کان اڳ بھ سنڌي سڀيتا،ھند جي ٻھورنگي (گھڻ رنگي) سڀيتا جو ھڪ نرالو انگ ھئي. ھاڻ ھتي بھ ھڪ نرالو انگ آھي. ڏسو وڌان (آئين) جو ٣٥١ قلم. ھند جي راشٽريھ ڀاشا (قومي ٻولي)، ان ٻھورنگي سڀيتا جي ھرھڪ انگ مان ڪجھھ وٺي، جوڙڻي آھي. اسان جي ڀاشا جو ھن وڌان (آئين) موجب حق آھي، تھ اسين بھ راشٽريھ ڀاشا (قومي ٻولي) لاءِ ڪجھھ حصو ڏيون. ان قانوني دليل اڳيان ھو چپ ٿي ويو ۽ ننھھ نھ ڪيائين.

منھنجو دوست مخالف :

سنڌي ڀاشا کي وڌان ۾ تسليم ڪرڻ جو وڌيڪ سخت مخالف ان وقت جو گرھھ منتري (گھرو وزير) شري نندا ھو. ان سوال سان سندس منتراليھ (وزارت) جو سڌو واسطو ھو. ڏھھ ڏينھن اڳ خود سرڪاري فائيل تي رايو ظاھر ڪيو ھئائين تھ سنڌي ٻولي وڌان ۾ نھ آڻي سگھبي ۽ ان ڪري ھڪ ميمبر شري ترويديءَ جو، سنڌي ٻولي جي تسليميءَ لاءِ جيڪو غيرسرڪاري بل لوڪ سڀا ۾ اچڻو آھي، ان جي سرڪاري (ڪانگريس) ڌر مخالفت ڪري. کيس تھ خبر بھ ڪانھ ھئي تھ ڪن سنڌي سنسٿائن (جماعتن) سنڌيءَ جي تسليميءَ جي طلب ڪئي ھئي. سندن خط عملدار دفتر داخل ڪري ڇڏيندا ھئا.

ٻولي پٿر نھ، پر انسان ڳالھائيندا آھن:

ھو منھنجو ويھن سالن کان متر (مائٽ) ھو. مان کيس ٻھ دفعا گڏيس ۽ سندس مخالفت دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. مون کيس سنڌي ڀاشا کي وڌان ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ دليل ڏنا ۽ اپيلون ڪيم. چيومانس تھ جي اکنڊ ڀارت جو وڌان ٺھي ھا تھ سنڌي ٻولي، جا سرڪاري رپورٽن ۾ ھند جي تيرھن مکيھ ٻولين ۾ ليکبي ھئي، سا ضرور وڌان ۾ پوي ھا. ورھاڱي ھوندي اوھان جون تھ سڀ ٻوليون تسليم ٿيون. پر اسان ٻيو تھ سڀ وڃايو، پر اسان جي ڀاشا، جا ھند جي ھڪ سرڪاري پرديشي ڀاشا (صوبائي ٻولي) ھئي، سا جڏھن اسين ھتي کڻي آيا آھيون، تھ ان کي بھ وڌان ۾ جاءِ ڪونھ ٿا ڏيون؟

پاڻيءَ سان ڀرجي ويئون:

ھو ٻڏتر ۾ ھو تھ اھا ڳالھھ قبوليان يا نھ قبوليان. مون آخر ۾ کيس چيو تھ منھنجي ديھانت (لاڏاڻي) کان اڳي مان ڏسڻ چاھيان ٿو تھ منھنجي ڀاشا کي وڌان ۾ تسليم ڪيو وڃي. پنھنجي متر جي اھڙي اپيل جو مٿس گھرو اثر ٿيو ۽ سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي ويئيون! ھن مون کي چيو تھ ”جئرامداس! مان اوھان جي ڳالھھ مڃيندس!“

١٦ آڪٽوبر جو ڏينھن:

اھو ١٦ آڪٽوبر جو ڏينھن ھو ۽ مون ان ڏينھن ئي پرڌان منتريءَ (وزيراعظم ) کي لکيو تھ گرھھ وڀاڳ (گھرو کاتي) بھ منھنجي اپيل اونائي آھي. ھرھڪ ميمبر سان ملاقات جي نتيجي کان مان ھر روز پرڌان منتري اندراگانڌيءَ کي واقف ڪندو ھوس.

مشڪلات آئي، ويئي!

گرھھ منتري (گھرو وزير) شري نندا اڳيان ھڪ مشڪلات ھئي. سنڌي ڀاشا تسليم ڪرڻ وارو بل مخالف ڌر طرفان پيش ڪيو ويو ھو، جنھن کي بحاليءَ لاءِ ڪافي ووٽ ھئا ئي ڪونھ. سرڪاري ڌر جي ووٽن سان ئي بل پاس ٿي سگھيو ٿي. گرھھ منتريءَ پوءِ فيصلو ڪيو تھ اھو بل سرڪار طرفان ڇونھ پيش ڪيو وڃي، جو بل جي بحاليءَ لاءِ گھربل ٻھ ڀاڱي ٽي حصو ووٽ تھ سرڪار ئي ٿي ڏئي. اھڙيءَ طرح ھن اھا مشڪلات دور ڪئي.

وزارتي فيصلي لاءِ مسودو:

وزارت ڪنھن سوال جو فيصلو ڪندي آھي تھ اھو مسودو واسطو رکندڙ منتري (وزير)، وزارت جي اڳواٽ ويچار لاءِ لکت ۾ سڀني کي موڪليندو آھي. سو شري نندا جي قبوليت بعد، ٿورا ڏينھن پوءِ، سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ اھڙو مسودو وزارت جي سڀني ميمبرن وٽ ويو تھ سڀاڻي شام جو ان بابت وزارت جو ميڙ آھي.

ھڪ وزير دوست جو نياپو:

منھنجي ھڪ وزير دوست، شري منو ڀائي شاه، انجام ڏنو ھو تھ سنڌي ڀاشا لاءِ ووٽ ڪندس ۽ خبر پيم تھ وزارت ۾ ان جي سمرٿن (حمايت) ۾ ڳالھايو بھ ھئائين. سو اھو مسودو پھچنديئي مون کي گھر ۾ ٢٦ آڪٽوبر تي فون ڪيائين. گھران چيائونس تھ فلاڻي ھنڌ شاديءَ تي ويو آھي. سو وري اتي فون ڪيائين تھ ”جئرامداس! سنڌي ٻولي وڌان ۾ تسليم ٿئي ٿي. سڀاڻي لاءِ مسودو اچي ويو آھي!“ چيومانس تھ ”صبح جو اچي ڏسندس“. سو صبح جو ويو سانس. مسودو ڏيکاريائين، پڙھيم. شري نندا کي ھڪ مسودو وزارت لاءِ ٺاھي موڪليو ھوم. ڪجھھ ڦيرگھير ھئي، پر تسليميءَ جي قبوليت صاف ھئي.

شري پاٽل جو ھوائي اڏي تان فون:

وزارت ان ئي شام جو، ٢٧ آڪٽوبر، ١٩٦٦ع تي، يڪراءِ سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي بحال ڪئي. وزارت جي ميڙ بعد شري ايس. ڪي. پاٽيل، جو بھ تن ڏينھن وزارت جو ميمبر ھو، ان گھران فون ڪيو. چيائونس ”ٻاھران موٽيو ڪونھي.“ چيائين تھ ”اچي تھ چئجوس تھ مون فون ڪيو. اڄ بمبئي ٿو وڃان. سو ھوائي جھاز جي اڏي تي مون کي فون ڪري.“

مان گھر موٽيس تھ نياپو مليم. مان فون ڪريان ئي ڪريان تھ شري پاٽل ھوائي اڏي تان فون ڪيو تھ ”جئرامداس! اڄ اسان وزارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وڌان ۾ تسليمي بحال ڪئي آھي. واڌايون“. ھڪ سال اڳ مون ساڻس ڳالھيون ڪيون ھيون. سردار پٽيل جي ڪري ساڻس گھاٽو رستو ھوم. مون کي چيو ھئائين تھ مان سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي قبول ڪندس. ٻيو ڀيرو چوڻ جي تڪليف بھ نھ وٺج.

رڳو پنجاھھ حاضر! ڪڏھن:

وزارت جي قبوليت بعد، نومبر ١٩٦٦ع ۾، جڏھن شري ترويديءَ پنھنجو بل لوڪ سڀا ۾ پيش ڪيو، تڏھن ڪل ٥٠٠ کان مٿي ميمبرن مان رڳو ٥٠ کن ميمبر مس حاضر ھئا. سرڪاري منتري شري ھاٿيءَ، ترويديءَ کي چيو تھ تون بل واپس وٺ ۽ سرڪار پاڻ سرڪاري بل پيش ڪندي. ترويديءَ اھا ڳالھھ قبولي پنھنجو بل واپس ورتو.

٩ ڊسمبر تي بل:

اسان جو بل پوءِ ٩ ڊسمبر ١٩٦٦ع تي اول راجيھ سڀا ۾ پيش ٿيو ۽ سڄي راجيھ سڀا سڀني ڌرين جي ميمبرن سان ڀري پيئي ھئي. سڀني ڌرين جي اڳواڻن بل جي حمايت ڪئي. سرڪاري منتريءَ ۽ مون بھ ڳالھايو.

جنسنگھھ اڳواڻ ڇا چيو:

راجيھ سڀا ۾ جن سنگھھ اڳواڻ، شري اٽل بھاري واجپائي، اڳي سنڌيءَ جي تسليمي لاءِ غيرسرڪاري بل پيش ڪيو ھو، ان بھ ھن موقعي تي ڳالھايو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ سٺي تقرير ڪري آخر ۾ چيائين:

”مئن ايڪ بات اؤر ڪھھ دون. يھ غير سرڪاري بل ميرا ٿا، ليڪن سنڌي ڀاشا ڪو وڌان ۾ لاني ڪا شريبھ ھماري آدرڻيھ شري جئرام داس دولترام ڪو جانا چاھيئي. انھون ني پريتن ڪرڪي، منتريون سي وارتا ڪر ڪي، مل ڪر، ائسي زمين بنائي، سڀ ڪو تيار ڪيا، اور ان ڪي صلاح مئني ڀي ماني ڪ اپنا بل لاني ۾ مين جلدي نھ ڪرون. اؤر آج انڪا پريتن سڦل ھو رھا ھي. اسڪي ليئي ڀي ھمين بڙا آنند ھئھ. وي ھماري راشٽريھ نيتائون مين سي ايڪ ھئن، وي سنڌ ڪي ھئن. سنڌ چلاگيا. سنڌي ڀاشا ڪو رھنا چاھيئي.“

ويو لوڪ سڀا ۾:

”راجيھ سڀا يڪراءِ اھو بل پاس ڪيو. پوءِ بل ويو لوڪ سڀا ۾. اتي اٽڪي پيو! لوڪ سڀا جي آخرين بئٺڪ پوري ٿيڻ تي ھئي. پنج سال سندن جيون جا ختم ٿي ٿيا! فيبروري ١٩٦٧ع ۾ نيون پنج سالي چونڊون ٿيڻيون ھيون. سو قاعدي موجب لوڪ سڀا اڳيان جيڪي بل اچڻا ھئا، سي سڀ بل اڌ تي ئي ختم! وري نئين سر ڄمن!

”منڊي بدڪ“

اڳي رواج ھو تھ تمام ضروري خرچ پکي لاءِ نين چونڊن کان اڳ ھڪ ھفتي لاءِ مرڻينگ لوڪ سڀا جو ميڙ ڪوٺائيندا ھئا. ان لوڪ سڀا جي ميڙ کي چوندا ھئا ”منڊي بدڪ“. ھن ڀيري لوڪ سڀا ”منڊي بدڪ“ ميڙ لاءِ ميمبرن کي ڪوٺ ڪانھ ٿي! منھنجي دل دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. ھي تھ وري نئين سر کٽراڳ! ڊڪ ڊوڙ لاءِ ٽنگون ھلائڻيون پوندم. گرھھ منتري چيم: ”مھينو ٻھ وڌيڪ لڳندو، ٻيو فڪر نھ ڪر.“

باقي ڇھھ ڏينھن!

نئين پنج سالي چونڊ بعد پارليمينٽ ڪوٺائي وئي. ٤ اپريل ١٩٦٧ع تي وري راجيھ سڀا ۾ بل پيش ٿيو ۽ پارليمينٽري کاتي جي وزير سان بندوبست ڪيو ھوم، تھ اسان جو بل جلدي پيش ڪرائجي. مشڪي چيائين ”تنھنجو ڪم اول“. چيومانس ”اڃا لوڪ سڀا ۾ اچڻو آھي. اسان جو چيٽي چنڊ بھ سر تي اچي رسيو آھي.ا پريل ١٠ ۾ ڏينھن باقي ڇھھ!“

اڌ ڪلاڪ ۾ سڀ خلاص:

پوءِ تھ راجيھ جي چوڏھن ڌرين جي اڳواڻن سان بندوبست ڪيم تھ اڳئين ڀيري اوھان جي ڌرين ڳالھايو آھي. سمرٿن (Support) ڪيو آھي. ھاڻي جيڪڏھن ڪو ھروڀرو ڳالھائي تھ منٽ اڌ ۾ رڳو سمرٿن ڪري. سندن وڏو سھڪار ٿيو. اڌ ڪلاڪ ۾ سڀني سرڪاري وزيرن ۽ ڌرين ٻھ چار لفظ ڳالھائي بل پاس ڪيو. پارليمينٽري وزير، لوڪ سڀا ۾ تڪڙي بجيٽ جا ڪي بل جلد جلد پاس ڪرائي، اسان جو بل ٧ اپريل تي رکايو.

ورانڊي ۾!

٧ اپريل ھو جمعي جو ڏينھن! لوڪ سڀا ۾ سرڪاري ڪم لاءِ رڳو اڌ ڏينھن ملندو آھي. باقي اڌ ڏينھن غيرسرڪاري بلن لاءِ. سو اتي بھ لوڪ سڀا جي سڀاپتي (صدر) ۽ ڌرين سان بندوبست رکيم تھ اسان جي بل جو ڪم ترت لاھجو. پر اتي ھرھڪ کي لڳي ھئي پنھنجي ٻوليءَ جي. سو ھرھڪ پنھنجي ٻوليءَ لاءِ اٿي حق گھريا. لوڪ سڀا ھلندي راجيھ سڀا جو ميمبر اندر وڃي نھ سگھي. مون اندرين غاليچي پيل ”لابي“ (ميمبرن لاءِ محفوظ ورانڊي) ۾ پئي ڌرين وارن تي زور ٻڌو تھ گھڻو نھ ڳالھائجو، نھ تھ اسان جي مکيھ پوتر ڏينھن ھن بل تي راشٽرپتيءَ (صدر) جي صحيح پئجي نھ سگھندي. مڃائيندي مڃائيندي بھ بحث ۾ اچي ساڍا چار لڳا. ان وقت مسين مسين لوڪ سڀا بل يڪراءِ پاس ڪيو.

پھريون مثال:

پارليمينٽ جي اتھاس ۾ ھيءُ پھريون مثال ھو، جو وڌان ۾ درستي ڪرڻ وارو بل يڪراءِ سڀني ڌرين پاس ڪيو. پوين ڏھن سالن ۾ وري اھڙو مثال نھ ٿيو آھي.

راشٽرپتي (صدر) جي قبوليت لاءِ نئون ڇاپو!

راشٽرپتي (صدر) ڪنھن بھ بل لاءِ تيستائين قبوليت نھ ڏيندو آھي، جيستائين سرڪاري پريس، خاص ٿلھي سائي رنگ جي پني تي اھو بل وري ڇاپي، جو سدا سلامت رھي. مون اول اھو بل ڇاپڻ لاءِ پرٻنڌ (بندوبست) ڪيو، جيئن اھو دير ۾ دير ٩ اپريل شام جو راشٽرپتيءَ (صدر) کي ملي.

بل تي صحيح ڪيئن ملي:

پر بل تھ ٧ اپريل تي شام جو پاس ٿيو. اھو جمعي جو ڏينھن ھو! ٨ تاريخ تھ مھيني جو ٻيو ڇنڇر ھو. سو سرڪاري آفيسون ۽ پريسون بند! ٩ تاريخ آرتوار ھو! ١٠ تاريخ ھو چيٽي چنڊ اسان جو! ڪيئن سومر ١٠ تاريخ صبح جو ئي راشٽرپتيءَ بل تي صحيح ڪئي، سا ھڪ عجيب ڪھاڻي آھي.

لوڪ سڀا جا ڪرمچاري بھ منھنجي رکندا ھئا. پريس کي فون ڪيائون تھ پريس بنھھ بند نھ ڪريو. ھڪ ڪمپازيٽر ۽ ھڪ پرنٽر، ھڪ پروف ريڊر ترسايو. بنھھ ضروري ڪم آھي. اسڪوٽر تي ھڪ ننڍو بل ٿا موڪلين سنڌي ٻوليءَ بنسبت. راشٽرپتيءَ (صدر) جي صحيح يڪدم وٺڻي آھي. ٿلھي سائي پني تي سنڀالي صحيح نموني ڇپي اڌ ڪلاڪ اندر موڪليو تھ جيئن اسڪوٽر وارو موٽي کڻي اچي لوڪ سڀا جي منتريءَ کي ڏئي. ھو ترسيل آھي. اسڪوٽر وارو چڙھيو، اسڪوٽر اڏائيندو ويو. بل وري ڪمپوز ٿيو، پروف پڙھيا ويا، ٿلھي پني تي ڇپيو ويو. وڏي لفافي ۾ وجھائي ويھن منٽن ۾ اسڪوٽر واري موٽ کاڌي. منتريءَ ڪاغذ تيار ڪري راشٽرپتي ڀون (صدارتي محل) ۾ جمعي رات ٨ بجي پھچايا!

مون ان بابت راشٽرپتي ڊاڪٽر راڌاڪرشنن سان اڳ ئي ڳالھھ ڪئي ھئي تھ ان سال ١٠ اپريل تي اسان جو چيٽي چنڊ ھو ۽ ان ڏينھن کيس بل تي صحي ضرور وجھڻ کپي.

ان ڏينھن صبح اندر، ھن منھنجو صحيح وجھڻ لاءِ عرض قبوليو ۽ اھڙيءَ طرح اسان جي ڀاشا ١٠ اپريل ١٩٦٧ع تي راشٽريھ ڀاشا (قومي ٻولي) ٿي.

آل انڊيا ريڊيو:

يڪدم آل انڊيا ريڊيو اھو سوال ھٿ ۾ کنيو ۽ واسطيدار وڏي آفيسر، شري گلاب ميرچنداڻيءَ، مون سان صلاح ڪئي تھ سنڌي ٻولي ھاڻي وڌان ۾ آئي آھي. ھاڻي مون رٿ ٺاھي آھي تھ سنڌي ڀاشا ۾ بھ روز دنيا ۽ ڀارت جون خبرون ڏينداسين. پوءِ ويچار ونڊيائين تھ روز گھڻا ڀيرا خبرون ڏجن، ڪھڙا وقت سولا ٿيندا. پوءِ ريڊيو سروس ۾ سنڌي ڀاشا جو پروگرام ھر روز ڪٿي ٽي، ڪٿي ٻھ ڀيرا پيو ڏنو وڃي.

سنڌي ڀاشا لاءِ ھڪ ڪروڙ روپيا:

ٻي اھم ڳالھھ اھا ٿي، جو سنڌي ڀاشا جي وڪاس (اوسر) لاءِ ھڪ ڪروڙ روپين جو پرٻنڌ (بندوبست) ٿيو.

ھڪ لک جو انعام:

گيان پيٺ وارن سنڌي ڀاشا لاءِ ھڪ لک روپين جو انعام ڏيڻ قبوليو.

ان جي پريزيڊنٽ راماٻائي جين سان، ان بابت منھنجي اڳيئي لکپڙھھ جاري ھئي.

١٠ اپريل کان اڳ ئي لکي موڪليائين تھ پنھنجي بورڊ اڳيان تنھنجي رٿ رکان ٿي. ان وچ ۾ اسان جي ٻولي وڌان ۾ اچي وئي. سو ان جي نيمن انوسار (قاعدن پٽاندڙ) سنڌي ٻوليءَ لاءِ ھڪ لک روپين جو انعام ڏيڻ قبوليو ويو. ٻھ ڀيرا نارائڻ شيام جو نالو رٿيم. سنڌي ڪاميٽيءَ جي ٻين مترن (دوستن) پٺڀرائي نھ ڪئي. ٽيون ڀيرو ھري ”دلگير“ جو نالو موڪليوسين. نيمن جي ارچڻ (مشڪلات) ڪري بورڊ تائين وڃي نھ سگھيو. چي: جن ٽن ڄڻن جي ڪاميٽي، جن جون اڙدو يا ڪمشيري يا پنجابي ماتر ڀاشائون (مادري ٻوليون) آھن، پر منجھن ھڪ سنڌي ڀاشائي ماھر آھي، اھا ڪاميٽي جڏھن ”دلگير“ جو ڪتاب ھند جي ٻولين جي اوچ ڪوٽيءَ جي ڪتابن جھڙو لائق سمجھندي، تھ پوءِ ھنديءَ ۾ انواد (ترجمو) ڪرائي، ڪيندري بورڊ اڳيان سوال جواب ڪرڻ بعد ئي ڪو فيصلو ڪري سگھبو، نھ تھ نھ. ھڪ گجراتي ودوان جو نالو ڏنوسين، جو سنڌيءَ جو ماھر ھو. قبول نھ پيو.

فلمون ۽ ٽي وي:

سنڌي ڀاشا کي، فلمن ۽ ٽي. وي پروگرامن ۾ پڻ وجھھ مليو آھي.

اھڙيءَ طرح ٻيا فائدا پڻ ملندا رھندا.

سنڌي جاتيءَ جو فرض:

سنڌي ڀاشا جي ڀارتي وڌان (آئين) ۾ تسليميءَ جي پاڙ پڪي ٿي ويئي آھي. پر سنڌي جاتيءَ جي ھر فرد  جو، اھو فرض ۽ جاتي  ڌرم آھي تھ ان ٻوٽي کي پاڻي ڏيندا اچن. جيڪو سنڌي ڪٽنب، گھر ۾، سنڌي ڀاشا کي جاءِ نٿو ڏئي، سو پنھنجي جاتيءَ جو ويري چئبو. ھو گھڻگھرو ڪيئن چئبو؟ پنھنجي ڀاشا کي پاڻ خنجر نھ ھڻون. جيڪو سنڌي، پنھنجي ڀاشا کي ٻين ڀاشائن کان گھٽ سمجھي، سنڌي ڳالھائيندي لڄي ٿو ٿئي، اھو جاتيءَ (قوم) کي ڇيھو ٿو رسائي. جيترو اسين پنھنجي ٻوليءَ کي مان ڏينداسين، اوتروئي دنيا ڏيندي.

سنڌي جاتيءَ کي اپيل:

مان ھند جي سڀني شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رھندڙ سنڌين، پئنچاتن، سماجڪ ۽ تعليمي سنسٿائن ۽ سڀني نوجوانن کي اپيل ڪندس تھ جيڪي ڏھين اپريل تي سنڌي ٻولي تسليميءَ جا اتسو (ميڙاڪا)  رٿيندا اچن، تن ۾ اوھين شامل ٿيو.

ھند ۾ اسان جي جاتيءَ لاءِ اھو تمام اھميت وارو ڏينھن آھي.

(روزاني ھندستان: ٩ اپريل ١٩٧٦ع)