سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (562) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     64685   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي


مان سمجھان ٿو تھ ضروري آھي تھ سنڌي جنتا (عوام) کي خبر ھئڻ کپي تھ سنڌي ٻولي ڀارتي وڌان جي اٺين شيڊول ۾ داخل ٿئي، ان بابت منڍ کان ئي منھنجا ڪھڙا ويچار پئي رھيا آھن. ڪجھھ وقت ٿيو تھ ڪن دوستن ھن ڳالھھ نسبت غلط ٽيڪا ڪئي ھئي تھ وڌان ٺھڻ وقت سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ ڪوشش ڪانھ ورتي ويئي. ان ڪري ڪي حقيقتون ڏيڻ مناسب آھن:

ڀارت جي جوڙجڪي پريشد (قانون ساز اسيمبلي:  (Constituent Assembly) ۾ جڏھن ھندستان جي راڄنيتڪ (سياسي)، جوڙجڪ ٿي ٺاھي ويئي، تڏھن ان جوڙجڪ رٿڻ لاءِ ھڪ ١٥ کن ڄڻن جي ڪاميٽي ھئي، جنھن ۾ اڪثر ھند جا مکيھ اڳواڻ ھئا. سڀ سوال اول ان ڪاميٽيءَ اڳيان ٿي آيا. انھيءَ ڪاميٽيءَ ئي جوڙجڪ جي ھرھڪ سوال تي رٿون ٺاھي، اسيمبليءَ ۾ ٿي پيش ڪيون ۽ انھن اڳواڻن جي ئي راءِ پٽاندڙ اسيمبليءَ ۾ ٿي فيصلا ٿيا. جڏھن اھا ڪاميٽي ويٺي ۽ سيپٽمبر ١٩٤٩ع ۾ اٺين شيڊول جو سوال اوچتو آيو، تڏھن جيتوڻيڪ مان ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪونھ ھوس، تڏھن بھ مون ميمبرن ۾ وڃي سنڌيءَ جو سوال اٿاريو ۽ ڪاميٽيءَ کان ٻاھر بھ سردار پٽيل ۽ مولانا آزاد ۽ گوپال سوامي آينگر، جي مکيھ ميمبر ھئا ۽ ڪن ٻين اڳواڻن سان اڪيلي ريت بھ بحث ڇيڙيو. پر انھن بحثن وقت توڙي ڪاميٽيءَ ۾ ميمبرن جو اھو رايو ھو تھ شيڊول ۾ اھي ئي ٻوليون ٿا وجھون، جيڪي پرديشڪ (regional) ٻوليون آھن يا ٿينديون. سنڌي ڪنھن پرديش (region) جي ٻولي ڪانھي، ان ڪري نٿا وجھي سگھون. اردو بھ ان ڪري ٿا وجھون، جو ھڪ تھ ھنديءَ جو ڄڻ نرالو روپ آھي ۽ خود ڪشمير region جي ٻولي آھي، ۽ ان کان سواءِ دھلي ۽ اتر پرديش جي ھڪ ٻولي آھي. ٻيو تھ چئن ڪروڙ کن ڀارتي مسلمانن جي ٻولي آھي ۽ پاڪستان جي قيام بعد اردوءَ کي جوڙجڪ ۾ جاءِ نھ ڏيڻ ڪري نوان تڪرار جاڳندا. سنسڪرت مان ئي گھڻو کڻي راشٽر ھندي ٺاھڻي ھئي. سو سنڪرت بھ داخل ڪئي ويئي. پر ديشي (علائقائي) ٻولي نھ ھئي، ان ڪري سنڌي داخل نھ ڪيائون. ان بعد وري جڏھن ڪنھن سنڌي سنسٿا (تنظيم)وارن جي مولانا آزاد، تعليم جي وزير سان ھن سوال بابت لکپڙھھ ٿي، تڏھن بھ ھن اھو ساڳيو جواب ڏنو ھو تھ سنڌي ٻولي ڪنھن پرديش (region) جي ٻولي ڪانھي، ان ڪري شيڊول ۾ نھ آندي ويئي. سنٿالي ٻولي، جا بينگال، بھار ۽ مڌيھ پرديش جي ڪن ضلعن ۾ رھندڙ سنٿال قوم جي ٻولي آھي، جنھن جا ڳالھائيندڙ بھ لکن ۾ آھن، ان جي اڳواڻ جئپال سنگھھ، جوڙجڪي اسيمبليءَ ۾ رٿ وڌي تھ سنٿالي ٻولي شيڊول ۾ وڌي وڃي، پر ان کي بھ اھا رٿ واپس وٺڻي پيئي.

اھا گھڻن کي خبر ڪانھي تھ ١٩٥٥ع ۾ ”سرڪاري ٻولي ڪميشن“ جو چيئرمين سرڳواسي شري کير (بمبئيءَ جو اڳيون مکيھ وزير) ان ڪميشن جي دوري وقت آسام ۾ آيو ھو ۽ مون وٽ اچي رھيو ھو. تڏھن مون مٿس زور رکيو تھ سندس ڪميشن سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ آڻڻ جي فائدي ۾ رايو ڏئي. کيس سڀ دليل ٻڌايم. ھن چيو تھ دليل تھ ٺيڪ آھن، پر اسان جي ڪميشن جي دائري کان اھا ڳالھھ ٻاھر آھي تھ اسين ڪو رايو ڏيون تھ ڪھڙيون ٻوليون اٺين شيڊول ۾ داخل ٿين. اسان کي سرڪاري ٻولي، يعني ھنديءَ جي باري ۾ رايو ڏيڻو آھي تھ ڪڏھن چالو ٿئي ۽ ان کان اڳ ڇا ڇا ڪجي.

ان ھوندي بھ مون کيس مڃايو تھ گھٽ ۾ گھٽ اھو دائري جو سوال حال کليل ڇڏيو ۽ سنڌين کي موقعو ڏيو تھ پنھنجو سوال اوھان جي اڳيان پيش ڪن. پوءِ مون بمبئيءَ جي ڪن دوستن کي لکي موڪليو تھ ڪميشن جي ميمبرن کي چانھھ پارٽيءَ تي گھرائي اوائلي ڳالھيون ڪريون ۽ پوءِ باقاعدي لکت ۾ ڪميشن اڳيان سوال پيش ڪريون ۽ سنڌيءَ جي شيڊول ۾ داخل ٿيڻ جي گھر ڪريون. ڪي سنڌي سنسٿائون (تنظيمون) ڪميشن جي اڳيان آيون ۽ اھا گھر ڪيائون ۽ ڪميشن پنھنجي رپورٽ ۾ سنڌين جي ان گھر بابت ذڪر ڪيو آھي.

منھنجو ڪڏھن بھ اھو رايو نھ رھيو آھي تھ سنڌي ٻوليءَ کي ھند جي وڌان جي اٺين شيڊول ۾ آڻڻ جي ضرورت ڪانھي.

منھنجو منڍ کان وٺي اھو رايو رھيو آھي تھ سنڌي ٻولي اٺين شيڊول ۾ داخل ٿيڻ جي ھرطرح حقدار آھي. مون گھڻي تفصيل سان پنھنجو رايو ١٩٥٨ع واري اکل ڀارت سنڌي ٻولي ڪانفرنس وقت، دھليءَ ۾ صدارتي تقرير ۾ ظاھر ڪيو ھو، جيڪو رايو اتي ظاھر ڪيو ھوم، اھوئي منھنجو اڄ بھ رايو آھي. پڙھندڙن کي خبر پوي تھ منھنجو ڪھڙو رايو آھي، ان ڏيکارڻ لاءِ مان ان تقرير ۾ ھن سوال بابت ڏنل ٽڪر مختصر ريت ھيٺ ڏيان ٿو:

”جيڪڏھن برصغير جو ورھاڱو نھ ٿئي ھا تھ پوءِ بنا ڪنھن سوال اٿڻ جي سنڌي ٻولي ملڪ جي وڌان (آئين) ۾ تسليم ڪئي وڃي ھا، ڇو جو سنڌي ٻوليءَ جو سنسڪرت، ھندي ۽ ھندستان جي ٻين ”انڊو آرين“ ٻولين سان جسماني لاڳاپو آھي ۽ خود ھندي ٻوليءَ کي بھ اپنائڻ لاءِ ڪجھھ مال سنڌي ٻولي ڏيئي سگھي ٿي. جڏھن ڪڏھن ڀارت جي ٻولين جي ٻرسپر ناتي نسبت لکيو ويو آھي، چاھي بيمس (١٨٧٢ع ۾)، چاھي ڊاڪٽر ڀنڊارڪر (١٩١٤ع ۾)، چاھي ڊاڪٽر تگري (١٩٤٨ع ۾) لکيو، تڏھن سڀني ٻين مکيھ ٻولين سان گڏ سنڌيءَ کي بھ شامل ڪري، ان سان بھ ٻين ٻولين جي ڀيٽ ڪئي ويندي ھئي.

”ڪن ودوانن جي ڪٿ موجب، سنڌي ٻوليءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک کن لفظ چالو آھن. اڪثر ريت سنڌي لفظن جو سنسڪرت جي لفظن سان لاڳاپو آھي، جيتوڻيڪ عربي ۽ پارسي ڳالھائيندڙ قومن جي حڪومتي ۽ ادبي اثر ھيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجھھ انداز عربي ۽ پارسي لفظن جو داخل ٿيو آھي. سچ پچ تھ سنڌي ٻولي، ٻين ڪيترين ڀارتي ٻولين جي ڀيٽ ۾، سنسڪرت ٻوليءَ جي وڌيڪ ويجھو آھي، ان ڪري وڌان جي ٣٥١ قلم جي مطلب لاءِ سنڌيءَ مان بھ ڪيترا اکر نئين ھندي ٻوليءَ لاءِ ڪتب اچي سگھن ٿا.

”ھند لاءِ سرڪاري ٻولي ڪميشن پنھنجي رپورٽ ۾ چيو آھي: ”جيڪي ٻوليون اٺين شيڊول ۾ داخل ڪيون ويون آھن، انھن ۾ گھڻي قدر ھڪجھڙائي ۽ ساڳيائي آھي ۽ انھن سڀني جي ساھت، سنسڪرت جي ساھت مان ئي پاڻي پئي پيتو آھي ۽ ويچارن ۽ انھن جي ويس لاءِ ساڳيو ئي پسمنظر آھي ۽ سواءِ اردوءَ جي، ٻين انھن سڀني شيڊول ۾ داخل ٿيل ٻولين جي آئيويٽا ۽ لپي ڀارت جي ھڪ ساڳئي اچارن جي رٿا تي ٻڌل آھن“.

”مٿين پريکشائن (پرکن)پٽاندڙ سنڌي ٻوليءَ کي بھ اٺين شيڊول ۾ داخل ٿيڻ جو پورو حق آھي. اھا ڳالھھ سـِڌ ٿيل آھي تھ ھاڻوڪين ’انڊو آرين‘ ٻولين سان (جيڪي شؤرسيني، مھاراشٽري ۽ ماگڌي ٻولين مان ئي نڪتيون آھن) سنڌي ٻوليءَ جي ھڪجھڙائي ساڳئي آھي. ھند جي ڀاشا وگيانن اھا ڳالھھ ور ور ڪئي آھي. سنڌي لکندڙن بھ سنسڪرت ساھت جي ئي ساڳئي ڀنڊار مان پنھنجي ساھت لاءِ پريرڻا (اتساھھ) ورتي آھي. مھاڀارت، رامائڻ، ڀاڳوت، ڪاليداس وغيره سنسڪرت پستڪن ۽ ساھتڪارن جي رچنائن جي سروور (پاڻيءَ/ڍنڍ) مان سنڌي ليکڪن بھ پنھنجي لاءِ دلا ڀريا آھن. ساڳيءَ ريت، جيتوڻيڪ، ڪجھھ وقت کان، سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ لپي (عربيءَ مان) ورتل آھي تھ بھ آئيويٽا ۽ اکرن جا اچار گھڻي ڀاڱي شيڊول ۾ آيل ٻولين جي آئيويٽا ۽ اچارن جي رٿا پٽاندڙ آھن.

”ڪميشن وڌيڪ اھو چيو آھي تھ شيڊول ۾ ڪنھن بھ ٻوليءَ کي داخل ٿيڻ لاءِ ضروري آھي تھ ان ٻوليءَ کي چالو ساھت ھجي. سنڌيءَ جي حالت ۾ اھو شرط بھ پورو ٿيل آھي. ثابتي ملي ٿي تھ گھٽ ۾ گھٽ ڀرت منيءَ جي زماني (عيسوي ٻي صديءَ) کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ساھت پئي پيدا ٿيو آھي ۽ ان وقت کان اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ جو نثر ۽ نظم ھلندو آيو آھي. ھن وقت تائين ھزارين ڪتاب ڌار ڌار وشين (موضوعن) تي لکيا ويا آھن ۽ انگريزيءَ ۽ ھند جي ٻولين جي شاھڪار ساھت مان بھ ترجما ڇپيا ويا آھن.

”ٻيو شرط اھو ھو تھ ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ گھڻا ھجن. سنڌي ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ اڄوڪي ھند ۾ گھڻا نھ آھن. اھو سبب بھ واجب ڪونھي تھ شيڊول ۾ سنڌي داخل نھ ٿئي. جي ورھاڱي ڪري سنڌي ٻوليءَ جا پنجاھھ لک ڳالھائيندڙ گھٽجي ھند ۾ رڳو پندرنھن ويھھ لک کن ٿيا تھ ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڪھڙو ڏوھھ؟ اڄ ھند جي ڌار ڌار پرديشن (علائقن) ۾ جيڪي سنڌي پکڙيل آھن ۽ ڪڇ ۽ سوراشٽر ۽ الھندي راجسٿان ۾ جيڪي ماڻھو سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ آھن، سي پندرنھن ويھھ لک کن ٿيندا. جڏھن اٺين شيڊول ۾ ڪشميري ٻولي وڌي ويئي ھئي، تڏھن ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ ستاويھھ لک ڄاڻايل ھئا ۽ مليالم (ڪيرالا  جي ٻولي)، جا بھ شيڊول ۾ آھي، ان جا ڳالھائيندڙ ٽيٽيھھ لک ھئا. انھن ٻولين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن جي تعداد ۾ ڪو ايڏو فرق ڪونھي، جو ان ڪري سنڌي ٻولي شيڊول ۾ داخل ٿيڻ کان محروم ڪئي وڃي.

”ٻيو سبب سرڪاري ٻولي ڪميشن شيڊول ۾ ٻولين کي داخل ڪرڻ لاءِ اھو ڏنو آھي تھ سواءِ اردوءَ جي ھرھڪ ٻولي ملڪ جي جيڪي سو ھڪ ئي وڏي ٽڪر يا پرديش (region) ۾ ڳالھائجي ٿي. ورھاڱي کان اڳ سنڌيءَ جي بھ اھا حالت ھئي. ورھاڱي جي ڪري، ھند جي ان ڀاڱي، جنھن کي ھاڻي ”ڀارت“ ٿو سڏجي، ان ۾ رھندڙ رھواسين کي پنھنجي ترقي ڪرڻ جو پورو وجھھ مليو، پر انھيءَ ڪري جو جيڪو ڀاڱو (سنڌ) پاڪستان کي مليو، ان جي رھواسين جي واسطن ۽ حقن کي ڇو نقصان پھچايو وڃي، جيڪڏھن اڄ ھو انھن ڪارڻن ڪري ھند ۾ ٽڙيل پکڙيل آھن، جن تي سندن وس ئي ڪونھ ھو؟ خود سرڪار جي نيتي (پاليسي) ھئي تھ سنڌي نرواسين (پناھھ وٺندڙن) جو ھڪ ئي پرديش (علائقي) تي بوجو نھ پوي. ان ڪري ڌار ڌار پرديشن (علائقن) ۾ کين وسايو ويو. ڪي سنڌي نرواسي بھ، اوچتيءَ لڏ پلاڻ ڪري، لاچاري حالتن ۾ ڪنھن پرديش ڏي ويا تھ ٻيا ٻئي پرديش ڏي ويا. ان ڪري اھو نياءُ نھ ٿيندو، نڪي اھو واجب ٿيندو. ڇاڪاڻ جو سنڌي ھڪ ھنڌ ڪٺا نٿا رھن، تنھن ڪري پنھنجين ٻين ڀينر – ٻولين سان گڏ سنڌي اٺين شيڊول ۾ داخل نھ ڪئي وڃي.

”افسوس آھي جو سرڪاري ٻولي ڪميشن، ھنديءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جي وڪاس (ترقيءَ) لاءِ وڏي پروگرام جي سفارش ڪندي ائين لکيو آھي تھ شيڊول ۾ ڄاڻايل چوڏھن ”پرديشي“ (علائقائي) ڀاشائن لاءِ پروگرام رٿيو وڃي، ڄڻ انھيءَ شيڊول ۾ اھي ئي ٻوليون ھئڻ گھرجن، جيڪي ”پرديشي“ ٻوليون ليکيون وڃن ٿيون!

”سنڌي ٻوليءَ کي شيڊول ۾ داخل ڪرڻ جي سوال کي سرڪار کي ھمدرديءَ سان ويچار ڪرڻ گھرجي. ان کي شيڊول ۾ نھ وجھڻ ٿيو، سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي ٻولين جي ”سنڊريلا“ ڪري ليکڻ ۽ خود ھنديءَ کي بھ ان مان نقصان ٿيندو. ھرھڪ لياقت ۽ پريکشا (پرک) پٽاندڙ، سنڌيءَ کي اٺين شيڊول ۾ داخل ٿيڻ جو پورو حق آھي.

”ھند جي مھا ڪوي ٽئگور ڀارت جي قومي راڳ ۾ ”سنڌ“ لفظ کي جاءِ ڏني ۽ سرڪار بھ ان لفظ ڪڍڻ جي خلاف رھي آھي. اسان کي قوي اميد آھي تھ سنڌي ٻولي، جنھن کي قدرت ۽ اسان جي ديش جي اتھاس، ڀارت جي ھاڻوڪين ٻولين جو جزو ڪري ڇڏيو آھي، ان کي ڌار نھ رکيو ويندو ۽ ان کي شيڊول ۾ آڻي سنڌي ٻوليءَ کي وجھھ ڏنو ويندو، جيئن اھا بھ ڀارت جي ”قومي ٻوليءَ“ کي پنھنجي رنگ، سڳنڌ ۽ سواد جو حصو ڏيئي وڌيڪ ڌنيھ (شاھوڪار) بڻائي.“

مٿيان ھئا ۽ آھن منھنجي ھن سوال بابت ويچار ۽ رايا. دھلي ڪانفرنس کان يڪدم پوءِ بيماريءَ جي بستري تي ھوندي بھ مون پرڌان منتري (وزيراعظم) شري نھروءَ لاءِ ڪانفرنس طرفان وڏو عريضو ويھي تيار ڪيو ۽ ڪانفرنس وارن کي موڪليو، جو ڪانفرنس جو اھو ويچار ھو تھ ڪا سفارت ان وقت ئي پرڌان منتريءَ کي روبرو ڏسي.