ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64681 ڀيرا پڙهيو ويو |
”ڊڪشنري آف سنڌي لٽريچر“ ۾ شري جئرام داس دولت رام بابت داخلا ھيٺ ڄاڻايل آھي تھ ھو صاحب ١٨٩١ع ۾ ڄائو ۽ ١٩٧٩ع ۾ وفات ڪيائين؛ سنڌيءَ جي پھرين صف جي ودوانن (عالمن) مان ھڪ ھو، “Collected works of Gandhiji” جو پھريون مکيھ سمپاوڪ (ايڊيٽر) ھو؛ ۽ جيڪي ودوان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سلسليوار وڪاس (ارتقا) کي سمجھڻ چاھين ٿا، سي ھن صاحب جي انھن وشين (موضوعن) تي وقت بوقت لکيل ليکن ۽ مضمونن جي مطالعي کان سواءِ اڳتي وڌي نھ سگھندا، وغيرھ . اِن ڊڪشنريءَ ۾ اِھا سندس ٿوري ۾ واقفيت ڏنل آھي. ليڪن اِن کان گھڻو وڌيڪ پڻ لکبو، سو سندس ڪيل خذمتن جي حوالي ۾ ٿورو ئي ليکبو.
جيتوڻيڪ اسان جا سنڌي لوڪ جئرام داس دولت رام کي آزادي ھلچل جي مشھور معروف سياسي ڪارڪنن مان ھڪ ھئڻ جي ناتي ۽ آزاديءَ کان پوءِ (ھند جي) کاڌ خوراڪ کاتي جي مرڪزي وزير ۽ بھار ۽ آسام جي گورنر جي حيثيت ۾ گھڻو تڻو ڄاڻن، سڃاڻن ٿا، پوءِ بھ کين سندس ادبي دين (Contribution)جي اڻپوري ئي سھي، معلومات اوس ئي آھي. ليڪن سنڌيءَ جي سڄاڻ لوڪن کي خبر آھي تھ ھو صاحب ھڪ اعليٰ کوجنيڪ (محقق) ھو.
جواھر لال نھروءَ لاءِ چيو ويندو آھي تھ جيڪڏھن ھو صاحب راڄنيتڪ کيتر (سياسي ميدان) ۾ ايترو مصروف نھ ھجي ھا، تھ ھو پنھنجي زماني ۾ انگريزي ٻوليءَ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اعليٰ اديبَن ۾ شمار ڪيو وڃي ھا. ساڳئي نموني جئرام داس دولت رام لاءِ پڻ چئي سگھجي ٿو تھ جيڪڏھن ھن صاحب پنھنجي جيوت (زندگي) کي سياسي، سماجي کيتر ۾ ارپڻ نھ ڪيو ھجي ھا، تھ ھو سنڌي ٻولي، ساھتيھ (ادب)، اِتِھاس ۽ سنسڪرتيءَ (تھذيب) جي کيتر ۾ اڃا بھ گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ھا.
ھو صاحب اڄوڪن انھن سنڌي ودوانن مان ڪين ھو، جيڪي سنڌي ادب جي تاريخ جي ”ڇنڊ ڇاڻ“ ڪندي سومرن ۽ سمن جي جدا جدا دؤرن ۾ منجھي پون ٿا، يا انھن ليکڪن مان بھ نھ ھو، جي يارھين صديءَ جي ”ڪوئل ۽ ديپچند“ قصي تي ڪلڪراني (قلم آرائي) ڪندي ان زماني جي ڪردار واتان گھڻو تڻو ارڙھين صديءَ جي صوفي شاعر شاھھ لطيف جو بيت چوارائين ٿا. ھو صاحب انھن سنڌي عالمن مان قطعي ڪين ھو، جي ثانوي ماخذن جا حوالا پيش ڪندا آھن. پر ھو انھن ودوانن مان ھو، جي ابتدائي ماخذن جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪندا آھن ۽ ائين ڪندي ڪيتريون نيون ڳالھيون روشنيءَ ۾ آڻيندا آھن. اھڙن اعليٰ عالمن کان پوءِ ايندڙ ٻيا عالم سندن روشنيءَ ۾ آندل ڳالھين کي پنھنجي لفظن ۾ چئي، انھن جا شروعاتي محقق بڻجي ويھندا آھن، مثال طور ”جھولي لال“ جي ١٠ سيپٽمبر ١٩٩٦ع واري پرچي ۾ شري ليلارام رچنداڻيءَ، مھامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻيءَ تي پنھنجا ويچار ظاھر ڪندي لکيو آھي تھ ان واڻيءَ جي پھرين ڄاڻ شري جئرام داس دولت رام، سرڳواسي بولچند راجپال جي سمپادڪيءَ (ايڊيٽريءَ) ھيٺ نڪرندڙ ”سنڌو“ مخزن جي اپريل ١٩٦٧ع واري انڪ (شماري) ۾ ڏني ھئي. ليڪن شري جھمون ڇڳاڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”سوامي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي“ ۾ يا ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ان ڪتاب جي پنھنجي مھاڳ ۾ ان جو ذڪر ڪو نھ ڪيو آھي. شري جئرامداس ان ليک ۾ ڄاڻايو ھو: ”مون کي تھ لڳي ٿو تھ سوامي پراڻناٿ جي سنڌي ڪوتا (شاعريءَ) تي سندس گرو سوامي نجانند جو ضرور ڪو اثر پيو ھوندو. اھو ممڪن آھي تھ سوامي نجانند خود بھ ڪي سنڌي سلوڪ رچيا ھجن، جي ان ڪري اڃا بھ اڳوڻا چئبا ۽ شاھھ ڪريم (١٥٣٦-١٦٢٤) ۽ شاھھ لطيف (١٦٨٩-١٧٥٢) جي وچ جون ڪڙيون شايد سوامي نجانند ۽ سوامي پراڻناٿ جون سنڌي ڪوتائون ٿي سگھن ٿيون.“
ليڪن ليلارام رچنداڻيءَ جي لفظن ۾ ”مرليڌر جيٽلي بھ پراڻناٿ کي روشنيءَ ۾ آڻڻ جو شرف پنھنجي مھاڳ ۾ جھمون ڇڳاڻيءَ کي ڏنو آھي ۽ پراڻناٿ جي واڻي سنڌي شاعرن ۾ شاھھ لطيف کان اڳ جي ھڪ کٽل ڪڙي ڪري ڄاڻائي آھي.“
ايترو ئي نھ، شري جئرام داس دولت رام انھن سڄاڻ ودوانن مان ھو، جي اڃا سوچ ويچار، بحث مباحثو گھرندڙ ڳالھين پويان سوال جون نشانيون لڳائيندا آھن. اھڙا ودوان دل ۽ دماغ جي خلوص وچان، انھن جي صحيح صورت سامھون اچڻ جو اِنتظار ڪندا آھن ۽ ھروڀرو پنھنجو رايو مڙھڻ جي ڪوشش نھ ڪندا آھن. اوھين سندس مضمون ”سنڌ جي ڪوئل“ پڙھي ڏسو، ان جي سري ”سنڌ جي ڪوئل؟“ ۾ ئي سوال جي نشاني لڳل آھي. ھو صاحب ١٩٢٤ع ۾ شھدادپور پاسي ويو تھ اتي کيس ھڪ سرندائي گڏيو، جنھن ”ديپچند ۽ ڪوئل“ جا بيت پئي چيا. ھن پنھنجي نوٽ بوڪ ۾ اھي بيت لکيا، پھريون بيت:
گجي ٿو غزنيءَ ۾، سلطان محمود شير،
ڏينھان ڪري راڄڙو، راتيان ڦري فقير،
پوتا پايو چم جا، کڻي ڪو نھ وزير،
سکي ٿي ساري پرٿڻي، ستين پاڙيو سير.
ان بيت مان کيس لڳو تھ اِھا ڪھاڻي سلطان محمود غزنويءَ جي ڏينھن جي ھئي. ليڪن کيس انھن مڙني بيتن جي ٻولي گھڻو پوءِ جي ڏسڻ ۾ آئي. ان مضمون ۾ ان سرندائيءَ جا سڀ بيت ڏيئي، آخِر ۾ ڪنھن بھ نتيجي تي نھ پھچي ڪري، سوال مٿان سوال سان پنھنجو مضمون پورو ڪيائين، ”ھيءَ ڪھاڻي غزنيءَ جي شھر جي آھي ڪين سنڌ جي شھر جي؟ ھو سنڌ ۾ ايترو رھيو ھو ڇا، جو ٿانيڪو ٿي ويھي ڪٿي راڄ ڪيائين؟.... اِھي سڀ دلچسپ سوال پڙھندڙن اڳيان اٿن ٿا.“
ساڳيءَ ريت، سندس ھڪ ٻئي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جو اتھاس: ٻھ ھزار سال پراڻو اکر؟“ جي سري ۾ پڻ سوال جي نشاني ڪتب آندل آھي. ھتي ھڪ ڳالھھ صاف ڪرڻ گھرجي تھ شري جئرامداس ”اکر“ لفظ ”اکر“ جي معنيٰ ۾ نھ، پر شبد (لفظ) جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آھي. اسين سنڌي گھڻو ڪري ”اکر“ لاءِ اکر ڪم آڻڻ کانسواءِ، ”شبد“ لاءِ پڻ ”اکر“ ڪم آڻيندا آھيون. جيئن ڪتاب جي مھاڳ کي ”دو شبد“ جي معنيٰ ۾ ”ٻھ اکر“ چوندا آھيون. ”غلط العام صحيح“ تحت، شري جئرامداس صاحب پڻ ”لفظ“ بدران ”اکر“ ڪم آڻيندي لکيو آھي: ”سنڌ ۾ ھفتي جي ڏينھن مان ڪن ڏينھن لاءِ ٻھ نالا ڪم ايندا آھن. ھڪ نالو سنڌي مسلمان ڪم آڻيندا آھن، ٻيو سنڌي ھندو. منگل وار کي سنڌي مسلمان چون ”اڱارو“ ۽ سنڌي ھندو چون ”منگل“، عام ريت سنڌي ھندو ائين سمجھندا آھن تھ اڱارو ڪو خاص اسلامي اکر (شبد) آھي. ”اڱارو“ ھڪ ڪھنو (قديم) سنڌي اکر آھي، جو مھاراشٽري پراڪرت جي ”ستسئي“ ۾ پڻ ”انگار وار“ يعني ”منگل وار“ جي معني ۾ آيو آھي.“ ۽ پوءِ لکيو اٿائين. ”سنڌيءَ جون پاڙون ڪيتري قدر آڳاٽي مھاراشٽري، پراچين (قديم) شؤرسيني ۽ پراڻي راجسٿاني، مرھٽي ۽ گجراتي ٻولين جي ويجھو پکڙيل آھن. ان جو اونھو اڀياس ٿيڻ گھرجي.“ ان ريت ھن صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بنياد تي نئين روشني وجھندي سنڌي ادب جي اتھاس (تاريخ) کي ٻھ ھزار سال اڳ جو ڏيکاريو آھي ۽ اڻ سڌي نموني مھاراشٽري پراڪرت سان سنڌيءَ جو رشتو جوڙي، ان جي شاھڪار ”گاٿا ستسئيءَ“ کي اتر- اولھھ ھندستان (جنھن ۾ سنڌ بھ اچي وڃي ٿي) جو گڏيل ادبي ورثو ڪري قبوليو آھي.
سنڌي ادبي حلقن ۾ سندس معتبريءَ جو اھو عالم آھي، جو ١٩٥٨ع ۾ جڏھن پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو ”شاھھ جو رسالو“ ڇپيو، تھ ان جو مھاڳ ھن صاحب لکيو ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ کي ھند جي ادبي تاريخ سان ۽ سنڌوءَ کي گنگا جمنا سان ڳنڍيائين ۽ سنڌي ڌارا کي ھند جي مکيھ ڌارا سان جوڙيائين. پنھنجي مھاڳ ۾ چيائين، ”لوڪن سنئون، شاھھ صاحب جي رھڻي ۽ چوڻيءَ جي ڪجھھ ٿوري ڄاڻ اٿم، پر اِنھيءَ ٿوري ڄاڻ بھ مون کي ان نتيجي تي رسايو آھي تھ شاھھ عبداللطيف جي حقي جڳھھ اتر پرديش جي ڪبير، راجسٿان جي ميران ٻائي، مھاراشٽر جي رامداس ۽ تڪارام، بينگال جي چئتنيھ ديو، آسام جي شنڪر ديو، گجرات جي نرسي مھتا جھڙن نامور سنت- ڪوين، ڌڻيءَ جي نماڻن ڀڳتن ۽ درويشن جي قطار ۾ آھي.“
سچ پچ تھ ھن صاحب پنھنجن عالماڻن مضمونن وسيلي، اسان کي نئين درشٽي (سمجھھ) ڏني. سندس بيشمار ليک ۽ مضمون روزاني ”ھندستان“ ۽ ھفتيوار ”ھندواسيءَ“ ۾ شايع ٿيا. ١٩٩٣ ۾، انھن ليکن ۽ مضمونن مان چونڊ ڪري ”سنڌ جي کوج“ نالي پستڪ (ڪتاب) ظاھر ٿيو، جنھن جي ٽن ڀاڱن ۾ سنڌي ساھتيھ، سنڌين جي اتھاس ۽ مھاپرشن (عظيم انسانن) جي سمرڻين (يادن) سان وابستھ ليک ۽ مضمون ڏنا ويا. ان جي پھرئين ڀاڱي ۾ آھن: (١) سنڌي ٻوليءَ جو اتھاس: ٻھ ھزار سال پراڻو اکر، (٢) يارھين صديءَ جا اکر، (٣) ڪوئل ۽ ڏيپچند جي ڪھاڻي، (٤) قاضي قادن، (٥) شاھھ ڪريم ۽ لوڪ ڪھاڻيون، (٦) سنت نجانند ۽ مھامتي پراڻناٿ، (٧) شاھھ عبداللطيف ۽ سندس رسالو، (٨) سنڌي لپيءَ جو اِتھاس. ٻئي ڀاڱي ۾ شامل آھن: (٩) راجا ڏاھر جي شادي: ڏاھر ۽ لاڏي، (١٠) يوگ وديا جي حيرت انگيز شڪتي، (١١) ڌن اسان جو ديس لاءِ سـِر قربان، (١٢) ويرن ڪيا صدقي سر، ويرانگنائن گھوريا سرير، (١٣) الھندي سوراشٽر ۾ سنڌين جو راڄ، (١٤) اڀيچند ۽ سرمد، (٥١) ننگر، ممت ۽ ڏونگر، (١٦) مارئيءَ جي سچي ڪھاڻي. ۽ آخرين ٽئين ڀاڱي ۾ ڏنل آھن: (١٧) ديوان گدومل، (١٨) لوڪمانيھ تِلڪ، (١٩) مھاتما گانڌي، (٢٠) راشٽر نرماتا سردار پٽيل، ۽ (٢١) اسان سنڌين جو آئيندو ڇا ۾؟“
”سنڌ جي کوج“ ڪتاب جي آخرين مضمون ۾ ھو صاحب اسان سنڌين کي گھڻو ڏيکاءُ نھ ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. چئي: ”اسان مان ڪن کي ھتي، ڀارت ۾ جھجھو ئي ڌن مليو آھي، سنڌ ۾ سندن ڌن سان جاءِ نھ آھي. ھت مايا جي تيز وھندڙ ندين مان، اسان مان ڪيترا، گھڻي ئي دلا ڀري سگھيا آھن. سنڌ کان ھت وڌيڪ سڻڀا ٿيا آھن، پر اسين پنھنجي شاھوڪاريءَ جو گھڻو ڏيکاءُ نھ ڪريون. اسين اھي گڻ ڏيکاريون، جيڪي سنڌين جي سچي ناموس وڌائين.“
ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي
(ھندواسي: ٣ نومبر ١٩٩٩)