ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64673 ڀيرا پڙهيو ويو |
”سنڌ وار“:
سنڌين جي اتھاس، سنڌين جي ساھت، سنڌين جي سڀيتا ۽ ڪلا جي کوج جي گھڻي ضرورت آھي، جي اسين چاھيون ٿا تھ سنڌين جون ايندڙ پيڙھيون پنھنجي ننڍي پر نرالي جاتيءَ ۽ ھند جي چمن جي ”سنڌ وار“ گل ۾ فخر وٺن. ھزار کن سالن کان ھند جون ديويون ان اڇي ”سنڌ وار“ گل جي ويڻيءَ سان پنھنجا چوٽا سينگارينديون آيون آھن ۽ پشچم (اولھھ) جي تيز ھوا، جي اھو سينگار اسان جي ھند جي سڀيتا مان اڏائي نھ ڇڏيو، تھ اھو ”سنڌ وار“ گل ڀارت جي اِستري- سينگار جو انگ رھندو ايندو.
کوج جي ضرورت آھي، پر ان کوج لاءِ ڀارت جي ڀن ڀن پرديشن (ڌار ڌار علائقن) جي اتھاس، ساھت، سڀيتا ۽ ڪلا جي اونھي ڄاڻ بنا اھا کوج اڻپوري رھندي.
ھن ننڍي ليک ۾ سنڌين جي پراڻي ساھت جو ھڪ تازو ڄاتل سماچار ڏيڻ گھران ٿو. وقت مليم تھ وڌيڪ ٻئي دفعي لکندس.
سورھين- سترھين صديءَ جو سنڌي سنت:
سنڌ جي عمرڪوٽ/امرڪوٽ شھر ۾ ھڪ سنڌي سنت- ڪويءَ جو ١١ آڪٽوبر ١٥٨١ع تي جنم ٿيو. ان وقت سنڌ ۾ ترخان گھراڻي جو راڄ ھو. اڪبر بادشاھھ اڃا سنڌ فتح ڪانھ ڪئي ھئي. پر ترخان گھراڻي جو ڪو امرڪوٽ تي راڄ ڪونھ ھو. امرڪوٽ ستنتر ھندو راڻن جي ھٿ ھيٺ ھو. اڪبر بادشاھھ جو بھ جنم چاليھھ کن ورھيھ اڳ امرڪوٽ جي ويجھو راڻن جي حڪومت اندر ٿيو ھو.
انھيءَ امرڪوٽ جي سنت ڪويءَ جو اصلوڪو نالو ھو ديوچندر.
سوامي نجانند:
پڻس جو نالو ھو شري متو ميھتا. يارھن ورھين جي ڄمار ۾ کيس ويراڳ لڳو. ان وقت جي ڪن سنتن جي سنگ ۾ مائٽاڻو گھر ڇڏي، سنڌ جي ٻين ڀاڱن جي سفر تي نڪتو. اتي ڌرمي مارڳ جا آڳيوان (اڳواڻ) مليس. اتان ٿيندو ڪڇ ۾ ويو، جتي سڀني ڀن ڀن (مختلف) ڌرمن ۽ پنٿن جي سڌانتن (اصولن) جي واقفيت ٿيس. ڪڇ ڀڄ ڀيٽي ١٦٠٦ع ۾ نؤنگر (ڄام نگر) پھتو. تڏھن ٢٥ ورھين جو جوان ھو. ڪل ١٤ ورھيھ ڌرم ياترا ڪيائين. ڄام نگر ۾ پنڊت ڪانجھي ڀٽ سان دل لڳس. سندس شيام جي مندر ۾ ٻيا ١٤ ورھيھ ڀاڳوت جون ڪٿائون ٻڌائين. چاليھن ورھين جي عمر ۾ ”مان ڪير آھيان؟“، ”ڇو آيو آھيان؟“ ”ڪٿان آيو آھيان؟“، ”ڪيڏانھن ويندس؟“. انھن جيون جي آدي انادي سوالن جا جواب سمجھيائين. سچ جي پرک پيس. پوءِ ١٦٢١ع کان وٺي سمورو وقت جنتا ( عوام) کي مانسڪ (ذھني) سک ڏيڻ ئي سندس ڪرم ٿيندو آيو. سوامي نجانند جي نالي سان مشھور ٿيڻ لڳو. سندس ديھانت ڄام نگر جي شھر ۾ ٥ سيپٽمبر ١٦٥٥ع ۾ ٿيو. سندس ياد ۾ ڄام نگر ۾ اڄ تائين ھڪ مندر آھي جو ”کيجرا مندر“ جي نالي مشھور آھي. سندس چتر (تصوير) بھ موجود آھي. شايد ھيءُ چتر، ڪنھن بھ سنڌيءَ جو پراڻي ۾ پراڻو چتر آھي. ڪڏھن ڪڍيو ويو، سو چئي نٿو سگھجي، پر سندس ڪنھن ڀڳت سندس وڃڻ بعد ئي ويھي چٽيو ھو.
ڪنھن ڇھھ سؤ سنڌي سلوڪ رچيا ؟
پر ھي سڀ جيڪي مون مٿي لکيو آھي، سو ھڪ ڪري پنھنجي ليک جو ڄڻ منڍ ئي ليکجڻ کپي. سنڌي ساھت سان لاڳاپو رکندڙ دلچسپ ڪھاڻي تھ ھاڻ ٿي شروع ٿئي.
جڏھن ديوچندر اڃا ٣٧ ورھين جو ھو ۽ ڄام نگر ۾ پنڊت ڪانجھي ڀٽ جي ستسنگ ۾ ويندو ھو، تڏھن ڄام نگر جي حاڪم ڄام ستي جي پرڌان منتريءَ (وزيراعظم) ڪيشو ٺڪر جي گھر ۾ ھڪ ٻار جنم ورتو. نالو رکيائونس مھر راج (سنسڪرت ۾ مھر معنيٰ سورج). کتري ڪل ۾ ڄائو، پر سنسڪار ڌرمي ھيس. ٻارھن ورھين جي ڄمار ۾ مکيھ ڌرمي پستڪ پڙھي پورا ڪيائين. سندس لاڙو ڌرمي ڳالھين ڏانھن وڌندو ويو. پنجويھن ورھين جي عمر ۾ سنساري جيون ڦٽي ڪري ياترائون ڪرڻ لڳو. سرير سان لڙندو رھيو. شخصي گھرجون گھٽائي گھٽائي وڃي حد ڪيائين. ٽي سال ننڊ سان وڙھيو. سندس سرير ڄڻ لڪڙي ٿي پيو. اھو حال ڏسي سندس وڏي ڀاءُ کيس مٿي ڄاڻايل سنڌي سنت سوامي نجانند وٽ وٺي آيو، جنھن جي ان وقت سڄي ڪاٺياواڙ ۾ ھاڪ ھئي.
سوامي نجانند، مھر راج جا گڻ پرکي منجھس تمام گھڻي دلچسپي ورتي ۽ کيس سچي راھھ تي آڻي اوچي آتمڪ (روحاني) منزل تي چاڙھي ويو. کيس ”ترتم مھا منتر“ جي ڪشلتا سيکاريائين ۽ سڀني ڌرمن جي سڌانت کان واقف ڪيائين.
مھر راج عربستان ۾:
انھن ڏينھن ۾ ڪاٺياواڙ جي واپارين جون بصري ۾ ڪوٺيون ھونديون ھيون. ڪيترائي ڪاٺياواڙي بصري ۾ عربن جي وچ ۾ رھندا ھئا. سوامي نجانند، مھرراج کي پاڙھي سيکاري پڪو ڪري، بصري ۾ پرچار لاءِ موڪليو. مھرراج پنج سال بصري ۾ ڪاٺياواڙين ۽ عربن جي پاڙن ۾ رھيو. اتي عربي بھ سکيو. قرآن شريف ۽ ٻين عربي ڪتابن جو بھ اڀياس ڪيائين. بصري مان بغداد ويو تھ سلطان کي روبرو گڏجان. عربي ٻوليءَ جي ڄاڻ ڪري ويچارن جي ڏي وٺ ۾ ڪابھ تڪليف ڪانھ ٿيس. پنھنجي ڌرم جا سڌانت بھ سلطان کي سمجھايائين. بغداد جي اِسلامي اڳواڻن سان بھ گڏجاڻي ٿيس.
١٦٥١ع ۾ ھندستان ۾ موٽي آيو. تڏھن ٣٣ ورھين جو ھو. ڌرول جي راجا مٿس زور آڻي کيس پنھنجو پرڌان منتري (وزيراعظم) بڻايو ۽ ھو وري سنساري جھنجھٽن ۾ اچي ڦاٿو.
سنڌي سنت جا سڌانت:
ھوڏانھن سندس گرو سوامي نجانند جي اوسٿا (عمر) بھ برڌ (وڏي) ٿيندي ويئي. آگسٽ ١٦٥٥ع ۾ جڏھن سوامي نجانند جا ڏينھن پورا ٿيڻ تي ھئا، تڏھن سندس سڏ تي، مھر راج پرڌانپڻي جي جوابداري ڇڏي اچي سندس چرنن (پيرن) ۾ حاضر ٿيو. پويان ٢٢ ڏينھن ھن سنڌي سنت ڪويءَ مھرراج کي پنھنجي ڀرسان رکيو ۽ کيس پنھنجا سڌانت نئين سر ذھن نشين ڪرايائين:
”سڀني ڌرمن جو نجو تت ساڳيو آھي. سڀني ڌرمن جي پوئلڳن ۾ ڀراتري ڀاو (ڀائپي) ڦھلائڻ گھرجي. جي سچ جا ڳولائو آھن، تن کي ذات پات جي ڀيد ۾ ڀلجڻ نھ گھرجي. ذات، جاتي، قوم، ڌرم جو ڀيد نھ رکي منش جاتي (انسان ذات) تائين ايشور جو سنديش (پيغام) پھچائڻ گھرجيئي.“
اھو گيان ڏيندي سوامي نجانند ٥ سيپٽمبر ١٦٥٥ع تي ٧٤ سالن جي عمر ۾ پران (ساھھ) ڏنا.
مھر راج ٢ سالن لاءِ ڌرول موٽي ويو. پوءِ ١٦٥٧ع ۾ پرڌانپڻي جو پد بھ ڇڏي، پاڻ کي آزاد ڪري، ديس جي دؤري تي نڪري، گرو سوامي نجانند جي آگيا انوسار (حڪمن پٽاندڙ) ڌرمي پرچار ڪندو رھيو. پاڻ ”سوامي پراڻناٿ“ جي نالي مشھور ھو.
پراڻناٿ ٺٽي ۾:
پراڻناٿ ١٦٥٨ع ۾ سورت ۾ رھيو. ١٦٦٥ع تائين وري ڄام نگر رھي، پرچار ڪندو رھيو. ١٦٦٨ع تائين ديو بندر، پور بندر، ڪپائي ڀڄ ۽ ڀر وارن شھرن ۾ ويو. ١٦٦٧-١٦٦٨ع ۾ ھو سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي ۾ ڏھھ مھينا رھيو. اتي ٺٽي واسي سوامي لالداس سندس شش (پوئلڳ) ٿيو ۽ سندس مرڻ تائين ساڻس گڏ رھيو. ھو سوامي پراڻناٿ جي تفصيلوار جيوني لکي ويو آھي. ٺٽي مان سوامي پراڻناٿ، ١٦٦٨ع ۾، مسقط ۽ عباس بندر پاسي عربن ۾ پرچار لاءِ ويو. ١٦٧٧ع ۽ ١٦٧٩ع ۾ دھليءَ ويو، جتي اورنگزيب کي قرآن جون آيتون ٻڌائي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪيائين تھ سڀيئي مذھب ۽ ڌرم حقيقت ۾ ھڪ ئي آھن ۽ ھندن خلاف سندس ظلم بند ٿيڻ گھرجن. ١٦٨٠ع يا ١٦٨٤ع تائين اتر ۽ وچ ھندستان ۾ دؤرو ڪيائين. ١٦٨٤ع ۾ بنڊيليکنڊ جي پنا شھر ۾ آيو، جتي جو مھاراجا ڇترسال سندس شش (معتقد) ٿيو. ان سال ان شھر ۾ ”پدماوتي پري ڌام“ اسٿاپن (قائم) ڪيائين، جو ئي سندس پٺيان سندس سڌانتن جي ڦھلاءُ جو ڪيندر (مرڪز) آھي. ١٦٩٤ع جي جون مھيني جي ٢٩ تاريخ سندس ديھانت ٿيو.
پراڻناٿ جا سنڌي سلوڪ:
سوامي پراڻناٿ رڳو سنت نھ ھو، پر مھا ڪوي پڻ ھو. سندس ڪوتا گرنٿ ۾ ١٨٧٥٨ سلوڪ آھن. پاڻ گھڻيون ئي ٻوليون ڄاڻندو ھو. پارسي، عربي، گجراتي، ھندي، ھندستاني ۽ سنڌي. گجراتيءَ ۾ اٽڪل ٣ ھزار کن سلوڪ چيا اٿس. سنڌيءَ ۾ ٦٠٠ ۽ باقي ھندستانيءَ ۾، ڪي ٿورا ھنديءَ ۾.
جنھن ڳالھھ ۾ اسان جي خاص دلچسپي آھي، سا اھا تھ سوامي پراڻناٿ ”شاھھ“ ۽ ”سامي“ جي وقت کان اڳ سنڌيءَ ۾ شعر لکيو آھي. سندس مھاگرنٿ ۾ ڄاڻايل آھي تھ اھي سنڌي سلوڪ ٨٩- ١٦٨٨ع ۾ سنگره (جمع) ٿيل آھن. شاھھ جو جنم ١٦٨٩ع ۾ ٿيو. شاھھ جي جنم کان ھڪ سال اڳ سوامي پراڻناٿ جا اھي ٦٠٠ سنڌي سلوڪ سنگره ٿيا آھن. ”ساميءَ جي سلوڪن“ جي رچنا تھ گھڻو پوءِ جي آھي، ڇوتھ سندن رچيندڙ ڀائي چئنراءِ جو جنم ١٧٣٠ يا ١٧٤٣ واري سالن ۾ چيو ٿو وڃي.
شاھھ ۽ ساميءَ کان اڳ جا ھي سنڌي سلوڪ سنڌي ٻوليءَ جي اتھاس تي روشني وجھندا. انھن ٦٠٠ سنڌي سلوڪن ھٿ ڪرڻ جي مان ڪوشش ۾ آھيان. مون کي تھ لڳي ٿو تھ، سوامي پراڻناٿ جي سنڌي ڪوتا تي سندس سنڌي گرو سوامي نجانند جو بھ ضرور ڪو اثر پيو ھوندو. اھو ممڪن آھي تھ سوامي نجانند خود بھ ڪي سنڌي سلوڪ رچيا ھجن، جي ان ڪري اڃا بھ اڳوڻا چئبا ۽ شاھھ ڪريم (١٥٣٦- ١٦٢٤ع) ۽ شاھھ لطيف (١٦٨٩- ١٧٥٢ع) جي وچ جون ڪڙيون شايد سوامي نجانند ۽ سوامي پراڻناٿ جون سنڌي ڪوتائون ٿي سگھن ٿيون. ڪنھن بھ حالت ۾ ھن ڏس ۾ وڌيڪ کوجنا جي گھرج آھي.