سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (562) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     64683   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌ ۾ ديوناگري لپِي:ڀنڀور جي کنڊرن مان ڇا لڌو؟


سنڌ ۾ ديوناگري لپيءَ جو اتھاس دلچسپ آھي. انھيءَ اتھاس جا ورق وقت بھ وقت پيا نروار ٿين. ڏسجي ائين ٿو تھ سڀ ورق اڃا ظاھر ڪونھ ٿيا آھن. جڏھن اھي سڀ ھٿ ايندا، تڏھن ديوناگريءَ جو اتھاس پوريءَ ريت ڄاڻي سگھبو.

ڪجھھ وقت کان پاڪستان ۾ ڀنڀور جي پراڻي شھر جي کنڊرن جي کوٽائي پئي ٿي آھي. سسئيءَ جي ڪھاڻيءَ انھيءَ شھر کي سڀني سنڌين ۾ مشھور ڪيو آھي. اھا ڪھاڻي سنڌ مان ٻين ملڪن ۾ بھ پکڙي. ھند جي ٻين ڀاڱن ۾ تھ پکڙي، پر ھند  کان ٻاھر بھ سسئيءَ روحاني راھھ جي پانڌيئڙن کي وڏا سبق سيکاريا آھن. سنڌين توڙي ٻين کي سچ تي بيھندي سختين سھڻ جي ھمت ڏني آھي. انھيءَ سسئيءَ جي پراڻي ڦٽل شھر جون ٺِڪريون اڄ سندس ڪھاڻيءَ سان گڏوگڏ سندس شھر واسين جي جيون جي جھلڪ بھ پسائي رھيون آھن.

 

ان ڦٽل ڀنڀور جي کوٽائي ڪندي آثار قديمھ جا ماھر مسلماني زماني کان اڳ جي تھھ تائين جڏھن پھتا تھ پھريائين پھريائين ھندڪيون شيون نظر آين. ٺڪر جي ٿانون ٺاھڻ جا ڪارب ھٿ آيا، جن تي مرد ۽ زال جي ناچ جون ۽ سورج مکي گلن جون شڪليون ھيون. ڪن تي ھاٿين جون شڪليون ھيون. ٺڪر جون ننڍيون زالن جون مورتون ھيون.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

انھن سان گڏ ٻين قسمن جون شيون لڌيون، جن مان ثابت ٿو ٿئي تھ عربن جي اچڻ کان اڳ جي وقت ۾ ديوناگري لپي چالو ھئي. ڏسجي ٿو تھ تڏھن اناج يا ٻين شين رکڻ لاءِ وڏا شاھي مٽ ھوندا ھئا. انھن جا ڪيترا ٽڪرا ھٿ آيا آھن. انھن تي ان زماني جا ديوناگري اکر لکيل آھن. انھن مان ٻن ٽڪرن جون ھوبھو شڪليون ھنن صفحن تي ڇپيون ٿيون وڃن، جن مان پڙھندڙ ڪي اکر شايد سڃاڻي بھ سگھن. آثار قديمھ جي ماھرن جو خيال آھي تھ ديوناگري اکرن ۾ شايد لکيل ھو تھ مٽن ۾ ڇا رکيل آھي ۽ ڪيترو آھي. ان کان سواءِ ھڏي مان سينگار جي يا ٻئي ڪم جي ڪا شيءِ بھ ٺھيل ھئي، جنھن جو ڀڳل ٽڪر ھٿ آيو اٿن، جنھن تي بھ ان وقت جي ديوناگريءَ ۾ ڪجھھ لکيل آھي جو آثار قديمھ جا ماھر اڃا پورو پڙھي نھ سگھيا آھن.