سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (562) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     64689   ڀيرا پڙهيو ويو

چوڏھين صدي عيسويءَ جي سنڌي؟


پھاڪا، گھڻو ڪري، چالو جيون يا تازي حقيقت جي پيدائش ٿيندا آھن. ڪجھھ ٿئي پيو يا ڪجھھ اِجھو ھاڻ ٿيو آھي، جنھن من کي ڇڪيو آھي، اھا آھي پھاڪن جي پيڙھھ. اھڙي ڪنھن بنياد تي سڀ پھاڪا ٺھندا آھن. مير بجر کي ڪن جي ڳالھين مارايو. اھو پھاڪو اڄ ١٩٥٨ع ۾ ڪير ڪونھ ٺاھيندو. جڏھن اھو حادثو ٿيو تڏھن ئي ٺھيو ھوندو. سؤ سال کن اڳي انگريزن ميرن کان ڪيئن سنڌ ڦري، ان تي ڪا چوڻي ٺھندي تھ ١٨٤٣ع ڌاري يا ستت ئي پوءِ ٺھندي. سؤ سال رکي اڄ ڪانھ ٺھندي.

پھاڪا ٺاھيندڙ ڪير ٿيندا آھن؟ ڪو شاعر يا عالم، عام ريت، پھاڪا ڪونھ ٺاھيندو آھي. عام خلق جا دنيا ديده ماڻھو، ڪجھھ مرد ڪجھھ زالون، پھاڪن جا ٺاھيندڙ آھن. ڪجھھ اکئين ڏٺائون، ڪجھھ ڪنين سڻيائون، جنھن مان ڪا وھنواري نصيحت من تي تري آين، تھ پاڻيھي واتان پھاڪو ڄميو پوي. اھا آھي اڪثر پھاڪن جي جنم ڪھاڻي.

تنھن ڏينھن ھڪ سنڌي جوان گڏيم، شري نارائڻ ڀارتي. سنڌي لوڪ گيتن، لوڪ ڪٿائن، لوڪ چوڻين لاءِ اونھي لگن اٿس. گھڻيئي اورچائي ڏيکاري اٿس. خوب ڀٽڪيو آھي. ڳول ڦول بھ ھرھنڌ ڪئي اٿس. چڱو چوکو مال گڏ ڪيو اٿس. ھن مقدار جي ھي پھريون ئي دفعو ڪوشش ڪئي ويئي آھي. اميد تھ جلد ئي سوڌي سنواري پڌرو ڪري سگھندو. سنڌي لوڪ ساھت نيٺ ھندي ۽ ٻين ڀارتي ڀاشائن (ٻولين) جي ويس ۾ پڻ پنھنجي سونھن ڏيکاريندو. اھا آس اٿم.

شري نارائڻ ڀارتيءَ جي گڏ ڪيل لوڪ چوڻين مان ھڪ تي نظر پيم، جا سنڌي ٻوليءَ جي اتھاس جي ڄاڻن اڳيان رکڻ گھران ٿو تھ انھيءَ چوڻيءَ جي ٻوليءَ نسبت پنھنجا رايا ٺاھين. اھا چوڻي بوبڪ پاسي اڳي رھندڙ ھڪ ٻڍيءَ مائيءَ واتان نارائڻ ڀارتيءَ کي ملي آھي. مائيءَ جا وڏا پيڙھين کان بُوبڪ جي پسگردائيءَ ۾ رھندا ھئا. ڌيءُ ماءُ کان، پٽ پيءُ کان، ننڍڙن وڏڙن کان اھو پھاڪو پئي ٻڌو آھي. شايد صدين کان واتون وات چالو پئي رھيو آھي. اھو پھاڪو ھي آھي:

”ويئي وھاڻيءَ، دودي ناناڻا آيا“

دودو ۽ چنيسر چوڏھين صديءَ جا سنڌ جا راڻا ھئا. ڀائر ھئا. راڄ گديءَ (تخت، سرداري) تان اچي منجھن جھيڙو متو. چنيسر زور پئجي پئي ويو. دودي پنھنجن ناناڻن ڏي واھر لاءِ ماڻھو ڊوڙايا. ناناڻن نڪرڻ ۾ ڍر ڪئي. جيسين پھچن ئي پھچن، تيسين دودو ڪسجي ويو. تھان پوءِ پھتو ناناڻو دل (لشڪر) تنھن تي تن ڏينھن جي ڪنھن ڏاھي واتان مٿين چوڻي چالو ٿي، ڪنين واتين ھلندي پئي آئي آھي.

جي ھيءُ سچ پچ پھاڪو آھي ۽ ڪنھن وڏي ڪوتا مان ڪپجي اڪيلي جيون نھ پيو گھاري تھ پوءِ ڀانئجي ٿو تھ چوڏھين صديءَ ڌاري جو چيل ھوندو ۽ ان ئي زماني جي سنڌي ٻوليءَ جي صورت اٿس. عمر مارئي، سسئي پنھون، ليلا چنيسر، اھڙن قصن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي شاعرن پنھنجي پنھنجي زماني ۾ پئي شعر ٺاھيا آھن. ڪي پراڻا، ڪي تازا. جي ھيءَ سٽ بھ دودي چنيسر جي ڪنھن اھڙي ڪوتا مان نڪتل ھجي تھ پوءِ تازي بھ ٿي سگھي. پر جيڪو ھن سٽ جو اتھاس توڙي جيڪا ٻي حقيقت ملي ٿي، تنھن مان ائين پيو لڳي تھ ھيءُ ھڪ نجو پھاڪو آھي.

اھو پھاڪو دودي چنيسر جي جھيڙي کان ڪي صديون پوءِ، سندن ڪھاڻي پڙھي ٻڌي، ڪنھن ڏاھي جي واتان ڪونھ نڪرندو. جيئن مٿي چيل آھي، پھاڪا چالو جيون ۽ تازن واقعن مان ڄمندا آھن. ڪالھھ ڪي اڄ ڪو حادثو ٿيو، ڪا اھڙي ڳالھھ ٿي، جنھن دل کي چوٽ ھنئين، اندر جو ڪو امنگ اٿاريو تھ پوءِ ھـِردو (دل) ۽ من پاڻمرادو چوڻي ٺاھي واتان اچارايو ڇڏين. اھو ٿيو پھاڪو. جي مٿين چوڻي سچ پچ ڪھني آھي تھ پوءِ چئبو تھ ماموئيءَ جي بيتن ۽ محمد اسحاق ۽ قاضي قاذن جي بيتن کان ھن پھاڪي جي سنڌي وڌيڪ آڳاٽي آھي.

ڀاشا وگيانين جو اھو رايو آھي تھ ٻين ڀارتي ڀاشائن جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ پنھنجا اصلوڪا لڪشڻ (لڇڻ) ڪونھ ڦرڻ ڏنا آھن. سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس مان ان نتيجي تي پھتا آھن. ماموئيءَ جي بيتن جي اِجھا ھيءَ ٻولي آھي:

ڀڄندي ٻنڌ اروڙ، ھاڪ وھندو ھاڪڙو

بھھ مڇي ۽ لوڙه، سمي ويندا سوکڙي.

ھيءُ بيت اٽڪل پنج صديون پراڻو آھي.

جي ھيءُ دودي وارو مٿيون پھاڪو ڇھھ صديون جھونو ھجي تھ شڪ نھ آھي. پر ھن ڳالھھ جي اڃا کوج کوٽ ٿيڻ گھرجي.