سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (562) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     64671   ڀيرا پڙهيو ويو

مقدمو


جديد دور ۾ دنيا جي ٻولين جي تحقيق بابت جيڪو ڪم ٿيو آهي انهيءَ ڪي نوان تصور جوڙيا آهن، تنهن هوندي به تحقيق، مسلسل جاري رهڻ جو نالو آهي. ننڍي کنڊ ۾ اوسر پائيندڙ ٻوليون به دنيا جي ٻين ٻولين جيان ئي ارتقا جي مرحلي مان گذري اڄ جي صورت ۾ آيون آهن. اهو يقين آهي ته اڳتي هلي اُهي ڪهڙو رخ اختيار ڪنديون، اهو ڏسڻ اڃا باقي آهي. موهن جي دڙي مان نڪتل مهرن تي اُڪريل ٻوليءَ بابت ڪيترن ئي عالمن جا الڳ الڳ رايا آهن، جيڪي الڳ الڳ تحقيقي ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن، جن جي اڳتي هلي اڃا به ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻي آهي ۽ يقيناً ٿيندي. ائين ئي قديم تهذيبن ۽ ٻولين ۾ سنڌي تهذيب ۽ ٻولي به شامل آهي، جنهن بابت اڃا اڳتي هلي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻي آهي. سنڌ تمدني يا تهذيبي لحاظ کان جيتري قديم آهي، يقيناً سنڌي ٻولي به ايتري ئي قديم آهي. سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن بابت يا سنڌو لکت بابت اوائلي اهم دستاويز رگ ويد ئي سمجهيو وڃي ٿو. رگ ويد جيئن ته سنسڪرت ۾ لکيل آهي ۽ سنسڪرت جيئن ته کاٻي کان ساڄي لکبي آهي ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي بنياد ڄاڻندڙن جو اهو خيال آهي ته سنڌي قديمي وقت ۾ کاٻي کان ساڄي لکي ويندي هُئي. ساڳئي وقت اڄ اسين جيڪا سنڌي لپي پنهنجي ڪري چڪا آهيون، اها ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندڙ آهي، ۽ اهي ئي ٻه اهم مفروضا رهيا آهن سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻن وٽ. هڪڙا هڪ راءِ جا آهن ۽ ٻيا ٻيءَ راءِ جا. سنڌيءَ کان سواءِ ڏسجي ائين ٿو ته ننڍي کنڊ جون ٻيون ٻوليون گهڻي ڀاڱي کاٻي کان ساڄي پاسي ئي لکيون وينديون آهن، مثال طور، هندي، بنگالي، مليالم، تيلگو ۽ ڪوڻڪي وغيره.

پر سنڌي شايد واحد اهڙي ٻولي آهي جنهن جون پاڙون ته انهن ٻولين سان ملن ٿيون، پر اڳتي هلي اها ساڄي کان کاٻي پاسي لکجندڙ ٻولين جي سٿ جي ٻولي ڪري ڄاتي وئي يا سمجهي وئي ۽ ان کي ئي ان جو بنياد سمجهيو ويو. پوءِ اهو بحث ڀاشا وگيانن ۽ ٻولين جي علم کان واقف عالمن جو آهي ته هو اهو طيءِ ڪن. ظاهري طور سنڌ جي اڀرندي پاسي اهي ٻوليون لکيون وڃن ٿيون، جيڪي کاٻي کان ساڄي پاسي لکجن ٿيون. ۽ سنڌ جي اولاهين حصي (ايران، عربستان وغيره) ۾ اهي ٻوليون اچي وڃن ٿيون، جيڪي ساڄي کان لکيون وڃن ٿيون. عربن جي فتح کان پوءِ ئي شايد سنڌ ۾ ائين ٿيو هجي. بهرحال انهن سڀني ٻولين سنڌيءَ تي پنهنجا مسلسل اثر ته وڌا ئي هوندا، جيڪا ڇنڊ ڇاڻ اڄ تائين جاري آهي.

ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ هتان جي مقامي ٻولين کي جنهن طريقي سان وڌڻ ويجهڻ جا جديد موقعا مليا، اُن ٻولين بابت وڌيڪ کوجنا ڏانهن عالمن جو ڌيان ڇڪايو.

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ سنڌي ساڄي کان کاٻي طرف لکجندڙ لپيءَ ۾ ئي لکي ويندي آهي، پر ڪنهن وقت هت رهندڙ سنڌي خاص ڪري هندو يا خواجا کاٻي کان ساڄي طرف لکڻ واري لپيءَ کي به استعمال ڪندا آيا، جنهن کي هُنن هتان جي اصل لکت ٿي سمجهيو، جنهن کي ديوناگري سڏيو ٿو وڃي. هن ڪتاب جو مصنف ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ عالم جئرام داس دولت رام پڻ سنڌي لکت جي ديوناگري لپيءَ جو مڃيندڙ هو. هت منهنجو مقصد ٻوليءَ جي لپيءَ واري بحث ۾ پوڻ نه آهي، پر ورهاڱي کان پوءِ هندستان جهڙي گهڻ ٻوليائي ملڪ ۾ هُن شخص سنڌيءَ کي جيڪو مقام ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، اها سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ سدائين ياد رکندي. ڀلي ان جي لباس جو مسئلو بحث جوڳو هجي. تڏهن به اهڙن فيصلن کي صديون لڳنديون آهن ۽ گذريل صدين ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جي قدامت بابت جيڪا ڄاڻ اڄ تائين اسان وٽ پهتي آهي، اها ڪا گهڻي اطمينان بخش نه به چئجي، پر اهم ضرور آهي. ۽ انهيءَ ڄاڻ ۾ هيءُ ڪتاب هڪ نهايت اهم دستاويز ثابت ٿيندو. جنهن مان ليکڪ جو ڳوڙهو اڀياس ظاهر ٿئي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي قدامت بابت هيءُ ڪتاب سنڌ ۾ ڪي نوان رُخ متعارف ڪرائيندو ۽ اسان جي ٻوليءَ جي ڄاڻن کي وري هڪ ڀيرو نئين رخ کان سوچڻ ۽ لکڻ لاءِ اتساهه بخشيندو. منهنجو اهڙو وشواس آهي. هونئن به هيءُ هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو نئين کوج ۽ تلاش لاءِ موجود رهي ٿو. اڄ جديد دنيا پنهنجي ٻولين بابت گهڻي فڪرمند آهي، جڏهن اهو پرچار جاري آهي ته ٻوليون گهٽجي رهيون آهن، تڏهن هر ٻولي ڳالهائيندڙ لکندڙ پنهنجي ٻوليءَ سان گهڻو پيار ڪرڻ لڳو آهي. ۽ سنڌي پڻ اهڙي فڪرمنديءَ کان آجا نه آهن، اڃا به اهي ورهاڱي کان پوءِ وڌيڪ فڪرمند آهن، جو ٻاهران آيل ٻوليون، جن کي ڪنهن خاص مقصد سان واڌ ويجهه ۽ ڦهلاءُ جا موقعا ميسر ڪري ڏنا ويا آهن. ۽ ڪن ٻولين کي سوچي سمجهي پٺتي رکڻ لاءِ ماحول جوڙيو ويو آهي، اهڙي وقت ۾ پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ لاءِ فڪرمندي فطري ڳالهه آهي.

اهڙي فطري فڪرمنديءَ ئي مون کان هيءُ ڪتاب مرتب ڪرايو آهي. ان ڪري هن ڪتاب جي سهيڙ مون لاءِ فخر جو باعث رهندي ۽ اهو فخر مون لاءِ پيدا ڪندڙ آهي سنڌيءَ جو برک اسڪالر ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، جنهن ئي هن ڪتاب سهيڙڻ لاءِ مون کي همٿايو، چاهيندس ته اها مختصر ڪٿا به هت لکي ڇڏيان.

2001ع جو اهو خوشنصيب ڏينهن هُو، جڏهن لڇمڻ ڪومل صاحب مون کي مُنهنجي بيحد اسرار تي ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي گهر وٺي هليو. گهر ڇا هو: هڪ آئيڊيل گهر، جنهن جي چئني پاسي ڪتاب ئي ڪتاب سٿيل هئا. مان سنڌ مان ڪجهه ڪتاب ڊاڪٽر صاحب لاءِ تحفي طور کڻي ويو هوس جيڪي کيس ڏنا هئم.

مون کي بخوبي پتو هو ته هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ بابت ادبي دنيا ۾ ٻه لاڙا ڪم ڪري رهيا هُئا، هڪڙو لاڙو عربي لپيءَ جي حمايت جو هو ۽ ٻيو ديوناگريءَ لپيءَ ڏانهن مائل. ڊاڪٽر صاحب ديوناگري لپيءَ کي پسند ڪرڻ وارن مان هو، جو سندس صحبت شري جئرام داس دولت رام سان هُئي، ۽ هو ان کي گُرو ڪري مڃيندو هو. اٿڻ وقت هُن مون کي ٻه مضمون لفافي ۾ وجهي ڏنا هئا ته هي پڙهجانءِ، پوءِ جڏهن مون اهي مضمون سنڌ ۾ اچي پڙهيا، ته اهي سنڌي ٻوليءَ بابت هُئا، جن مان هڪ هندستان ۾ لکجندڙ ٻولين جي پراڻن ادبي ڪتابن بابت هو ۽ ٻيو اسان جي هڪ ڏينهن ”اڱاري“ کي کڻي لکيو ويو هو ته اهو اکر (لفظ) ڪيترو پراڻو آهي. ٻنهي مضمونن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ مان جوتواڻي صاحب کي وقت بوقت چوندو رهيس ته فاضل ليکڪ جا ٻيا مضمون به مون ڏانهن موڪليو، ۽ ائين هو الڳ الڳ وقتن تي مضمون مون ڏانهن موڪليندو رهيو. مٿين مضمونن ۾ منهنجو چاهه ڏسي ڊاڪٽر صاحب چيو ته اُهي سنڌ جي ڪنهن به رسالي وغيره ۾ ڇپائڻ چاهين ته ڀلي ڇپاءِ، پر مون سندس الڳ الڳ مضمون ڇپائڻ واري راءِ سان سهمتي نه ڏيکاري. وري هو جڏهن 2006ع ۾ سنڌ آيو ته آخري مضمون به پاڻ سان کنيو آيو، جيڪو ڏيندي وقت چيائين ته هيءُ اهم ميراث اٿئي، سانڍي رکجان ۽ جڏهن موقعو ملئي ته ضرور شايع ڪرائجانءِ. هاڻ اهو موقعو مليو آهي، جو سڀ مضمون هڪ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي رهيا آهن، اهڙو موقعو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي موجوده چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ميسر ڪري ڏنو آهي.

ڪتاب بابت مون کي ڪجهه چوڻو ڪونهي. انهيءَ تي سنڌي ٻوليءَ جا عالم، اديب ۽ اسڪالر ئي غور ڪندا. مان فقط ان جي ترتيب بابت ڪجهه چوڻ چاهيندس، جيڪو منهنجو اصل مقصد آهي.

هن ڪتاب جا مضمون جيئن ته الڳ الڳ وقتن تي لکيا ويا آهن ۽ اهي الڳ الڳ رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهن، ان ڪري انهن جي سلسليوار ترتيب مون لاءِ ڪجهه ڏکي هُئي. پوءِ به مون ڪوشش ڪئي آهي ته، نه رڳو مضمونن جي ترتيب درست هُجي، پر ٻوليءَ جي ارتقا بابت لکڻ يا انهيءَ جي ارتقا جي اتهاس جو به سڌو ڏس ملي سگهي،

ان ڪري مون ڪتاب ۾ پهريون مضمون ”سنڌي ٻوليءَ  جو وڪاس (ترقي)“ رکيو آهي. هيءُ مضمون اصل ۾ دادا جئرام داس دولت رام جي اُها صدارتي تقرير آهي، جيڪا هن پهرين ڊسمبر 1957ع تي دهليءَ ۾ ”اڪل ڀارت سنڌي ٻولي ڪنوينشن“ جي موقعي تي ڪئي هئي. جو ان ۾ ڪن اکرن ۽ ورقن بابت مواد آهي، جن جو واسطو موهن جي دڙي مان نڪتل مهرن تي ٿيل اُڪر سان آهي، جيئن ته اسان جو تهذيبي سفر موهن جي دڙي کان شروع ٿئي ٿو، ان ڪري اهو مضمون جيڪو برهمڻ آباد تائين معلومات ڏيکاري ٿو ۽ خود برهمڻ لفظ بابت به معلومات ڏئي ٿو، ان ڪري اهو مضمون نهايت ئي اهم آهي.

ٻيو نمبر مضمون آهي: ”سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس: ٻه ٽي پراڻا ورق“. ۾ هن موهن جي دڙي جي مٿين تهن مان ٺڪر جي لڌل پنجن ٿانون (پيئڻ جي ٿانون) تي اڪريل ٻڌ ڌرم دؤر جي ٻوليءَ تي بحث ڪيو آهي، جيڪا سندس نظر ۾ ”ٻالي“ ٻولي ۽ براهمي لپيءَ ۾ آهي. هن نتيجو ڪڍيو آهي ته 17 صديون اڳ سنڌ ۾ برهمي لپي موجود هئي.

ٽيون نمبر مضمون آهي: ”سنڌ ۾ ديوناگري لپي“. هيءُ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان هٿ آيل مهرن تي اُڪريل ڪجهه لفظن بابت مختصر مضمون آهي، هن مضمون ۾ ٻوليءَ جي قدامت بابت سندس ويچار آهن، نه رڳو ٻوليءَ جي قدامت بابت لکي ٿو، پر ساڳئي وقت ان جي لپيءَ بابت به هو چٽو نـقـطـه نظر رکي ٿو، جيڪا ڳالهه سـندس هن مضـمون مان ظاهر آهي.

چوٿون مضمون آهي”سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس: ٻه هزار سال پراڻو اکر“. هيءُ مضمون سنڌي ٻوليءَ جي قدامت بابت گهڻو اهم آهي، جنهن ۾ ”اڱارو“ لفظ کڻي هُن صاحب سنڌيءَ جي قديم هجڻ بابت گهڻائي دليل ڏئي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”اڱارو“ اکر (اصل لفظ) سنڌيءَ ٻوليءَ جو ٻه هزار سال پراڻو اکر (لفظ) آهي. ۽ اهو ان ئي معنيٰ ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ سان گڏ ٻين ننڍي کنڊ جي قديم ٻولين ۾ پڻ اچاريو وڃي ٿو ۽ لڳ ڀڳ ساڳي معنيٰ ۾ اچاريو وڃي ٿو. هيءُ مضمون ليکڪ جي گهري اڀياس ۽ ڄاڻ جي شاهدي ڏئي ٿو. جتي هو ليکڪ جي اهميت واضح ڪري ٿو، اتي سنڌيءَ ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ بابت به هڪ دستاويز جي اهميت رکي ٿو. هيءُ مضمون نهايت اهم مضمون آهي، جيڪو اسان جي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ نوجوان عالمن لاءِ هڪ واٽ ثابت ٿيندو.

پنجون مضمون به ”سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس: يارهين صديءَ جا ڪي اکر“  نالي آهي. هن مضمون ۾ پڻ يارهين صديءَ جا ڪي اکر (لفظ) کڻي، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت بابت اوک ڊوک ڪيل آهي ۽ انهن سڀني اکرن جي فهرست ڏنل آهي، جيڪي آهن ته سنڌيءَ جا، پر سنڌيءَ جون پاڙيسري ٻوليون پڻ انهن کي ٿوريءَ رد و بدل سان استعمال ڪري رهيون آهن ۽ اهي به اوتري ئي آڳاٽي عرصي کان استعمال ۾ آهن، جيتري آڳاٽي عرصي کان سنڌي ٻولي انهن کي استعمال ڪري رهي آهي. مضمون ۾ سڀني ٻولين جي اکرن جو نقشو ڏنو ويو آهي، جنهن مان آسانيءَ سان ڄاڻي سگهجي ٿو ته اهي اکر (لفظ) ڪيترو پراڻا آهن ۽ گهڻي قدر اڄ به ٿوري فرق سان اسان وٽ يا انهن سڀني ٻولين وٽ استعمال ٿي رهيا آهن، جن ٻولين ۾ يارهين صديءَ ۾ به استعمال ٿيندا هُئا. سنڌي ٻوليءَ بابت هيءُ مضمون به هڪ اهم مضمون آهي، جيڪو اسان کي ٻولين جي تحقيقي اڀياس ۾ گهڻي ۾ گهڻي مدد ڏيندو، خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ بابت جديد تحقيق ڪندڙن لاءِ ته هيءُ مضمون اهم آهي.

ڇهون مضمون به ”سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس: يارهين صديءَ جي ارڌماگڌيءَ سان ڀيٽ“ نالي سان آهي. هن مضمون ۾ پڻ يارهين صديءَ جي ارڌماگڌيءَ سان سنڌيءَ جي ڀيٽ ڪري اهو سمجهايو ويو آهي ته سنڌي ٻولي ڪيتري قديم آهي، ۽ ان جي قدامت ثابت ڪرڻ لاءِ ڀيٽ طور ارڌماگڌيءَ جا اهي لکت ۾ آيل ڪجهه شعر ۽ ڪجهه نثر جا ٽڪرا ڏنا ويا آهن، جيڪي سنڌيءَ سان ملندڙ جلندڙ آهن ۽ ساڳئي وقت انهن ٻولين جا مثال پڻ ڏنل آهن، جيڪي ان ئي دور ۾ ڳالهايون وينديون هيون يا لکيون وينديون هيون. هيءُ مضمون به هڪ گهري ڄاڻ ڏئي ٿو ته سنڌي ٻولي ڪيتري شاهوڪار رهي آهي ۽ منجهس ڪيتريون خوبيون آهن.

ستون مضمون آهي ”چوڏهين صدي عيسويءَ جي سنڌي“. هن مضمون ۾ هڪ سنڌي پهاڪي کي بڻياد بنائي سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ادب ۽ ان ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ بابت اظهار ڪيل آهي. هن مضمون ۾ لوڪ ڪٿائن، لوڪ چوڻين ۽ پهاڪن وغيره ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ جو جائزو ورتل آهي. سومرن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال بابت هيءُ مضمون ڪافي ڄاڻ سان ڀريل آهي. پهاڪا جيئن ته لوڪ ادب جو حصو آهن، ان ڪري ظاهر آهي ته اهي ڪن عام لوڪن ئي ٺاهيا هوندا. پر انهن کي پڙهي يا ٻُڌي انهن پويان لڪل عام ڏاهپ جو اندازو لڳائبو ته عقل ئي ڪم نه ڪندو. پهاڪن پويان جيڪو عام علم آهي اها ئي اصل ڏاهپ آهي ۽ اهڙيءَ ڏاهپ سنڌي لوڪ ادب ۾ اڻ مئي آهي. هيءُ مضمون اهڙي ساک ڀري ٿو. جنهن پهاڪي / چوڻيءَ کي کڻي هيءُ مضمون لکيو ويو آهي، اهو پهاڪو/چوڻي آهي ”ويئي وهاڻيءَ، دودي ناناڻا آئيا“. هيءُ پهاڪو مضمون جي ليکڪ جي چوڻ مطابق چوڏهين صديءَ جو آهي. هن پهاڪي يا چوڻيءَ مان سنئون سڌو سنڌي بيت جي سٽ جو گمان ٿئي ٿو. اهڙو اشارو پڻ هن مضمون ۾ آهي.

اٺون مضمون آهي ”سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي“. هيءُ مضمون اصل ۾ آهي ته سنڌي ٻوليءَ بابت، پر اُن جو مقصد آهي، ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ رهندڙ سنڌين پاران ڀارت جي آئين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ اتي جي حڪمرانن کي سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اهميت بابت ٻڌائڻ، جيئن هند جي رهاڪن کي سنڌي ٻوليءَ جي خبر پوي. ڇو ته اهو سمورو سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ثابت ڪري ٿو. جنهن کان هندستان جا رهاڪو اڻ واقف هُئا / آهن.

نائون مضمون آهي، ”سنڌين جو اتهاسڪ ڏينهن“، هن مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عالم شري جئرام داس دولت رام اها سڄي روئداد لکي آهي، جيڪا کيس سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين ۾ شامل ڪرائڻ وقت سندس آڏو آئي. هيءُ اهڙو وچور آهي، جنهن کان پوءِ اندازو ٿي ويندو ته پنج هزار سالن وارو پنهنجو شاندار ماضي رکندڙ ٻولي پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ٿي هڪ ٻي ڌرتيءَ تي پنهنجي اهميت مڃائڻ لاءِ يا پنهنجو حق وٺڻ لاءِ ڪيتري جاکوڙ مان گذري. هُن کي پنهنجو نئون تعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. جنهن کان پوءِ وڃي کيس گهربل مرتبو مليو. جنهن جي هوءَ حقدار هُئي. اڄ جي تاريخ تائين ايندي سنڌي ٻولي هند ۾ پنهنجو اهو ساڳيو مرتبو ماڻيو، جيڪو کيس پنهنجي گهر ۾ به نصيب نه آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ اسان کي اهو يقين آهي ته اها وقتي طور لڏي ته سگهي ٿي، پر ٻڏي نٿي سگهي. ايندڙ وقت ۾ اها ڪيئن زنده رهندي يا رکبي، اهو عالمن ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻن جي تحقيق جو مسئلو آهي. اسين ان ٻوليءَ ۾ لکندڙ آهيون، اها اسان جي رڳن ۾ گردش ڪندڙ رت سان گڏ گردش ڪري ٿي. ان ڪري دنيا ۾ جيستائين هڪ به سنڌي زنده آهي، ايستائين سنڌي ٻولي يقيناً زنده رهڻي آهي. انهيءَ ۾ منهنجو ويساهه آهي.

ڏهون مضمون آهي ”پراچين (قديم) سنڌ جو اتهاس: جين ڌرم جو ڦهلاءُ“. هن مضمون ۾ سنڌ جي قديم مذهبن جي ڦهلاءَ بابت معلومات ڏنل آهي. ننڍي کنڊ ۾ مذهبن جي قدامت بابت هن مضمون ۾ اهو به ڏيکاريل آهي ته جين ڌرم سنڌ ۾ ڪيئن پکڙيو ۽ اهو ڪٿان آيو، نه صرف ايترو پر اهو به ڏيکاريل آهي ته جين ڌرم جا جيڪي اهم پرچارڪ/ڦهلائيندڙ هُئا، اهي ڪهڙا هئا؟ اهڙن چوويهن مذهبي اڳواڻن جي سڄي لسٽ ڏنل آهي. سندن جنم هنڌ ۽ جنم ڏينهن سميت هيءُ مضمون سنڌ بابت گهڻي ڄاڻ ڏيندڙ آهي، جيڪا ڄاڻ سنڌ جي پراڻي تاريخي، تمدني، تهذيبي ۽ مذهبي خوشحاليءَ جو ڏس ڏئي ٿي. هيءُ مضمون قديم مذهبي ڄاڻ جو ڀنڊار آهي جنهن مان ڪيئي پوڄارا پُر ٿي سگهن ٿا.

يارهون مضمون آهي”سنڌين جو آڳاٽوا تهاس: اولهندي سو راشٽر ۾ راڄ“. هن مضمون ۾ عربن جي سنڌ تي راڄ کان پوءِ جي تاريخ ۽ انهيءَ دور ۾ سنڌي راجائن جي حڪومتن ۽ انهن جي حڪومتي پروانن تي لکيل اکرن بابت معلومات آهي. اهي اکر جيڪي الهندي سوراشٽر ۾ سنڌين جي حڪومتن جي دور ۾ زمينن جي پروانن تي لکيل آهن، انهن اکرن بابت تفصيل آهي ته اهي ڪهڙي ٻوليءَ ۽ ڪهڙي لَپيءَ ۾ آهن. ان بابت به عالمن ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻن کي ڌيان ڏيڻ کپي، سوراشٽر جي سنڌي راجائن پاران ڏنل انهن ”ڀون دان پترن“ تي جيڪا ٻولي لکيل آهي، اها پڻ اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي. ليکڪ جي چوڻ مطابق اها سنڌي ٻولي آهي ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل آهي. هيءُ مضمون به نهايت اهم مضمون آهي، جيڪو ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙن لاءِ ڪجهه نوان سوال ظاهر ڪندو ۽ کين وڌيڪ تحقيق ڪرڻ، وڌيڪ توجهه ۽ گهري اڀياس ڏانهن ڇڪيندو. اها هن مضمون جي اهم خوبي ليکبي. هيءُ مضمون به ٻوليءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ پڙهندڙن يا ان بابت ڪُجهه به لکندڙن لاءِ گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو. ساڳئي وقت سنڌي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙن ڪهڙن علائقن ۾ ڳالهائي يا لکي ويندي هُئي ان بابت پڻ هن مضمون ۾ ڪافي معلومات آهي، جيڪا سنڌ جي محققن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿي.

ٻارهون مضمون آهي ”سنڌين جو شان: ننگر، ممت ۽ ڏونگر“ هيءُ مضمون سومرا دور جي ٽن نوجوان بهادرن بابت لکيل آهي. سڌيءَ طرح هيءُ مضمون ٻوليءَ سان واسطو نٿو رکي، پر ان دور ۾ اچاريل وچن ڪيئن هوندا هُئا، ان بابت معلومات ڏئي ٿو ۽ انهن وچنن تي سنڌ جو ماڻهو ڪيئن پورو لهندو هو، اهڙو اظهار هن مضمون ۾ آهي، پر سومرن جي دور جي مٿين ٽن جوانن، جنهن بهادريءَ سان پنهنجي وچن جو مان رکيو ۽ سنڌ جي بچاءَ لاءِ سِرَ ڏيئي سرها ٿيا، اها وارتا سهڻي ٻوليءَ ۽ تاريخي حوالن سان ٻڌائي وئي آهي. بهرحال هيءَ ڳالهه سنڌ جي تاريخ سان واسطو رکندڙ هڪ اهڙي دور سان وابسته آهي، جنهن تي سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ٻولي فخر ڪري سگهي ٿي.

تيرهون مضمون آهي ”سنڌيءَ جي ڪوئل : يارهين صديءَ جي پريم ڪهاڻي“ هن مضمون ۾ هڪ لوڪ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان يارهين صديءَ ۾ ڳالهائي ويندڙ ۽ڪتب ايندڙ سنڌيءَ ٻوليءَ بابت تفصيل سان لکيو ويو آهي. يارهين صديءَ ۾ ٿيندڙ سنڌي شاعري ۽ ان ۾ استعمال ٿيل سنڌي ٻولي، ڪيئن ۽ ڪهڙي معيار جي لکي ويندي هُئي، اهو هن مضمون پڙهڻ کان پوءِ ڀليءَ ڀت ڄاڻي سگهجي ٿو. هن مضمون مان اهو به ڄاڻي سگهجي ٿو ته ڪيئن ساڳيون لوڪ ڪهاڻيون الڳ الڳ علائقن ۽ ملڪن ۾ پنهنجو وجود رکن ٿيون. يا سفر ڪن ٿيون. ساڳئي وقت انهن مان سندن دور جي استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ بابت به معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. يارهين صديءَ جي هن لوڪ ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ٿيل سنڌي ٻوليءَ جو نمونو هن شعر مان لڳائي سگهجي ٿو:

پيءُ نه ٻيلي پُٽ جو، جت ڀاءُ نه کنيو بارُ،

پٽُ پرائي پيءُ جو، سو ڪيئن ڏئي قرارُ.

مٿئين شعر مان نه فقط ٻوليءَ جو اندازو ٿئي ٿو، پر خود سنڌي شاعريءَ جي فني جوڙجڪ يا بيهڪ جو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته يارهين صديءَ ۾ سنڌي شاعري ڪهڙي معيار تي بيٺل هئي، هيءُ مضمون به گهڻو معلوماتي آهي. سنڌي قديم شاعريءَ يا ادب بابت به هيءُ مضمون ڪافي اهميت وارو آهي.

چوڏهون مضمون آهي، ”هند سنڌ جي ٻولين جو پراچين (قديم) ساهت“. هن مضمون ۾ ننڍي کنڊ ۾ لکجندڙ ٻولين جي قديم ڪتابن جي کوجنا آهي ۽ انهيءَ دور جي ڪتابن ۾ استعمال ٿيل ٻولي، انهن ٻولين جو پاڙيسري ٻولين سان ڳانڍاپو ۽ انهن جا هڪٻئي تي پوندڙ اثر هن مضمون ۾ پڙهي سگهجن ٿا. هن مضمون پڙهڻ کان پوءِ هتان جي ٻولين ۽ انهن ۾ لکيل قديم ادبي، تاريخي، ۽ مذهبي ڪتابن جي به ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي. هيءُ مضمون هڪ لحاظ کان علمي ادبي تحقيق جي اهم ماخذ طور ڪم اچڻ جهڙو مضمون آهي. منجهس ڄاڻايل ڪتاب ننڍي کنڊ جا قديم ڪتاب آهن، جيڪي اڃا تائين اسان وٽ سنڌ ۾ پڙهيا ته ڇا شايد ٻڌا به نه ويا هجن، جو تاريخن ۾ انهن جو ذڪر ئي نه آهي، ان ڪري هيءُ مضمون هڪ اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ ادبي تاريخ لکندڙن لاءِ هڪ نئين دنيا کلي پوي ٿي. ظاهر آهي ته هندستان ۾ ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ ٻولين جو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي به اثر پيو هوندو، جنهن بابت تحقيق ڪرڻ اڃا باقي آهي. اميد رکي سگهجي ٿي ته ايندڙ وقت جو تاريخدان، مضمون ۾ ڄاڻايل ڪتابن بابت وڌيڪ تحقيق ڪري ۽ انهيءَ آڌار تي ٻولين جا هڪٻئي تي پوندڙ اثر ظاهر ڪري سگهندو.

پندرهون مضمون: ”سنڌيءَ جو آڳاٽو شاعر قاضي قاضن“ آهي، جيڪو اصل ۾ هيري ٺڪر جي ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام“ جو مهاڳ آهي، جيڪو هند کان سواءِ سنڌ ۾ ڇپيل آهي.

سورهون مضمون آهي ”شاهه ڪريم ۽ لوڪ ڪهاڻيون“ هيءُ مضمون شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي شاعريءَ ۽ انهيءَ ۾ آيل لوڪ ڪهاڻين بابت هڪ نهايت ڪارائتو تحقيقي مضمون آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته شاهه ڪريم ئي مٿين لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پهريون ڀيرو چڱي نموني آندو آهي، جنهن کان پوءِ سنڌيءَ جي ٻين شاعرن انهن ڪهاڻين جي ڪردارن کي شاعريءَ ۾ آندو ۽ انهن کي عروج تي وري شاهه ڪريم جي تڙ پوٽي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پهچايو. هن مضمون ۾ شاعريءَ سان گڏ ان جي ٻوليءَ تي به لکيو ويو آهي. هيءُ مضمون اسان کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي اساسي شاعريءَ ۽ ان ۾ بيان ڪيل ڪردارن بابت پڻ اهم معلومات ڏئي ٿو. جيڪا اسان کي هلندڙ دور ۾ تحقيق جي ميدان ۾ گهڻي مدد ڪندي.

سترهون مضمون آهي، ”سترهين صديءَ جا ڇهه سؤ سنڌي سلوڪ : شاهه ۽ سواميءَ کان اڳ جو شعرُ“ هيءُ مضمون سورهين- سترهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ بابت آهي، اها شاعري جيڪا آهي ته سنڌ جي، پر لپيءَ جي ڪري تحقيق کان وانجهيل رهي. هن قسم جو مضمون سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي شاعريءَ بابت تحقيق ڪندڙ کي گهڻي مدد ڏيندو. هيءُ معلوماتي مضمون سورهين صديءَ جي سنت ڪوين جي ڪوتائن بابت اهم مضمون آهي ۽ انهن ڪوتائن ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ بابت معلومات ڏئي ٿو. ساڳئي وقت شاعريءَ جي تاريخ بابت هيءُ هڪ اهم مضمون آهي. هن مضمون مان به ليکڪ جي مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن مضمون ۾ ڄاڻايل ڇهه سؤ سلوڪ شايد اڃا سنڌي ٻوليءَ جي جديد روپ ۾ نه آيا آهن. اڄ جي محققن لاءِ اها ڳالهه شايد نئين هجي ته سنت نجانند سوامي به ڪو سنڌي شاعر هو يا ٿي گذريو آهي. هيءُ مضمون به سنڌي ٻوليءَ ۽ ان ۾ ٿيندڙ شاعريءَ بابت هڪ نئون انڪشاف آهي.

ارڙهون مضمون ”سنڌي ٻولي ۽ شاهه جو رسالو“ آهي، هن مضمون ۾ جئرام داس دولت رام شاهه لطيف بابت پنهنجي ڄاڻ ۽ شاهه جي دؤر جي ٻوليءَ جي اهميت تي رکيو ويو آهي.

هن موڙ تي جڏهن هيءُ ڪتاب ڇپجي رهيو آهي، تڏهن مان پنهنجي ڪن مهربانن ۽ محسنن جو دل جي حضور سان ٿورو مڃڻ ضروري سمجهان ٿو، جن هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي آهي؛

سڀ کان پهرين برک عالم، اديب ۽ اسڪالر سرڳواسي ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جو نالو آهي، جنهن مون کي هن ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ اتساهه ڏنو.

ٻيو نالو – دلبر ڀاءُ هيري ٺڪر جو آهي، جيڪو سدائين جيان مون کي ننڍي ڀاءُ وانگر همٿائيندو آهي. هن مون کي ليکڪ بابت گهڻي معلومات ميسرڪري ڏني. جنهن لاءِ مان سندس احسانمند آهيان.

ٽيون نالو آهي منهنجي مهربان دوست تاج جويي جو، جيڪو تنهن وقت ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو سيڪريٽري ڪونه هو، جڏهن آءٌ هن ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو هوس، هُن مون کي ڪتاب ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، هن وقت هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي آيو آهي ۽ ان جي ئي ڪوششن سان منهنجو هيءُ ڪتاب ڇپجي رهيو آهي.

مون کي فخر ان ڳالهه جو آهي، ته هيءُ ناياب ڪتاب ڇپجي رهيو آهي ۽ ان کي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ڇپائي رهي آهي ۽ اهو به ان وقت جڏهن اُن اداري جي سربراهه منهنجي آئيڊيل خاتون ۽ اسڪالر مئڊم ڊاڪٽر فهميده حسين آهي. مون کي اميد آهي ته هيءُ منهنجو پورهيو قبول پوندو.

16 مارچ 2009ع

ڪراچي، سنڌ

 

 

 

رکيل مورائي