سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (569) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     66320   ڀيرا پڙهيو ويو

ليکڪ بابت


سنڌيءَ جي برک عالم، اديب، تاريخدان ۽ سياستدان سرڳواسي جئرام داس دولت رام جي سوانح لاءِ مون کي گھڻئي ڪتاب جاچڻا پيا آھن، پوءِ بھ مون کي گمان آھي تھ آءٌ سوانح جون ڪي ڪڙيون ھٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آھيان، اھو مون کي احساس آھي، ان ھوندي بھ ان ڳالھھ جي خوشي اٿم تھ جيتري بھ ڄاڻ سندس سوانح بابت معلوم ڪري سگھيو آھيان، ايتري سنڌ ۾ ڪنھن بھ ڪتاب ۾ شايد ئي ملي سگھي، ان جو سبب اھو آھي تھ ورھاڱي کان پوءِ ھتان لڏي ھند ۾ وسندڙ سنڌي عالمن، اديبن ۽ اسڪالرن تي جيترو ڪم سنڌ ۾ ورھاڱي کان پوءِ ٿيڻ گھرجي ھا، اوترو نھ ٿي سگھيو آھي، ان جو اندازو مون کي دادا جئرام داس دولت رام جي حياتيءَ بابت مواد ڳولڻ وقت شدت سان ٿيو. سنڌ جي ڪلاسيڪل سوانحي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جھڙي اھم ڪتاب بھ منھنجي ڪا مدد نھ ڪئي، جنھن ڪري وري بھ مون کي ورھاڱي کان پوءِ ھند ۾ ڇپيل ڪتابن ڏانھن ئي واجھائڻو پيو. سنڌ جي ھڪ ٻئي اھم ڪتاب ”ھو ڏو ٿي ھو ڏينھن“ ۾ بھ اھڙو مواد يا جئرام داس دولت رام بابت ڪجھھ ڪو نھ ھو ۽ جيڪو ڪجھھ ھو، اھو سندس سياسي پسمنظر بابت ھو، پر علم ۽ ادب جي کيتر کان ٻاھر ھو. ان ۾ فقط راشدي صاحب جو مذھبي جوش نمايان ھو ۽ بس. تنھن ھوندي بھ منھنجي آڏو جيڪي ڪتاب موجود ھئا، انھن مان مون کي ڄاڻ پئي تھ:

جئرام داس دولت رام- حيدرآباد سنڌ جي ھڪ پڙھيل ڳڙھيل عالم خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سندس ئي نالي سان ڳنڍيل، دولت رام ھو. ٢١ جولاءِ، ١٨٨٩ع تي حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ جئرامداس جي امڙ جو نالو وشني ٻائي ھو، جيڪا ھڪ پڙھيل ڳڙھيل پر ڌرمي خاتون ھئي. جئرامداس کي ھڪ ڀاءُ، ڄيٺمل دولترام بھ ھو.

ھيءَ ننڍي ھوندي کان ئي لکڻ پڙھڻ ڏانھن مائل ھو، جنھن ڪري شاگرديءَ واري زماني کان ئي سياست ۽ ادب سان سندس گھرو چاھھ ھو. ھي مھاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ ھو ۽ اڳتي ھلي ڪانگريسي ٿيو ۽ پڇاڙيءَ تائين ان سان رھيو ۽ ورھاڱي بعد ڪيترائي اعليٰ منصب ماڻيائين. سندس ڪانگريس ۾ ھجڻ واري دؤر بابت مشھور سنڌي اديب ۽ صحافي ٻلديو گاجرا پنھنجي مشھور ڪتاب ”آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ“ (ص-٧٠) ۾ ھيئن لکيو آھي:

”جئرام داس دولت رام سالن جا سال ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رھيو. ڪو عرصو ھو آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رھيو. ديس جي آزاديءَ کان پوءِ ھن گورنريءَ جو پد سينگاريو ۽ پڻ مرڪزي سرڪار ۾ منتري (وزير) ٿي رھيو.“

ٻلديو گاجرا- سندس واکاڻ ڪندي لکيو آھي تھ ”شري جئرام داس دولت رام اعليٰ ترين ديش ڀگت ۽ ھند سنڌ جو تسليم ٿيل مشھور سياسي رھنما ھو. سندس زندگيءَ مان اھو بھ پتو پوي ٿو تھ ھو ٢١-١٩٢٠ع واري اسھڪار تحريڪ (تحريڪ عدم تعاون) دؤران ”ھندو“ اخبار جو ايڊيٽر بھ رھيو، جڏھن انگريز سرڪار ”ھندو“ اخبار تي بندش وڌي تھ وڏو گوڙ ٿيو، جنھن ڪري ان جي ايڊيٽر شري جئرامداس کي ٽن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو. ھن جيل وڃڻ کي قومي ڪارنامو سمجھيو. حيدرآباد جي ان وقت جي ھڪ شاعر ”بجا سنگھھ فتحسنگھھ“ سندس شان ۾ ھڪ شعر جوڙيو، جنھن جون ٻھ سٽون ھن طرح آھن:

جئرام شير پيارا، قربان تون بھ ٿي وئين،

سرڪار وٽ سونھارا، مھمان تون بھ ٿي وئين،

”سوراج پارٽي“ جي پليٽ فارم تان ١٩٢٦ع ۾ سنڌ مان ھيءُ ممبئيءَ ڪائونسل لاءِ اميدوار بيٺو ۽ چونڊ کٽيائين. سندس مخالف اميدوار ھو مکي ھرڪشنداس، جيڪو سنڌ جو وڏو زميندار ھو.

١٩٣٠ع ڌاري ”لوڻ ٺاھيو ستياگرھھ“ شروع ٿي، ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي سنڌي گرفتار ٿيا ۽ ڪوٽ ۾ پيش ٿي سزائون کاڌيون. انھن ئي واقعن وقت ڪورٽ ۾ گڏ ٿيل ماڻھن کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس گوليون ھلايون، جنھن ۾ ٻھ نوجوان شھيد ٿيا ۽ جئرام داس دولترام کي بھ گولي لڳي، پر اھا کيس ٽنگ ۾ لڳي ۽ ھو زخمي ٿي پيو.

١٩٤٧ع ۾ ھو ھند سرڪار جي مرڪز ۾ خوراڪ ۽ زراعت جو وزير ٿيو. ساڳئي وقت ١٩٥٥ع کان وٺي عمر جي آخري وقت تائين پنج ڀيرا ھو راجيھ سڀا جو ميمبر رھيو.

١٩٥٣ع ۾ ھو آسام جو گورنر ٿيو، جيڪو آسام ھاڻ پنجن صوبن ۾ ورھائجي ويو آھي. ان کان سواءِ ھو ڪيترن ئي اھم منصبن تي صلاحڪار پڻ رھيو. ھو جواھر لال نھروءَ سان گھڻو حجائتو بھ ھوندو ھو.

١٩٦٥ع جي جنگ خلاف پھريون ٺھراءُ بحال ڪرائڻ جو شرف بھ ھن سنڌي ”امن پسند سياستدان“ کي آھي، پر اصل ڳالھھ ھيءَ آھي تھ ھيءُ شخص سياست ۾ ايترو مصروف ھوندي بھ علم ادب ۽ تحقيق لاءِ ايترو وقت ڪيئن ڪڍي سگھيو، اھو اچرج جھڙو ڪارنامو آھي. مٿي ھن جي سياسي ڪارڪردگيءَ جو مختصر ذڪر ٿي چڪو آھي، ھيٺ سندس علمي ۽ ادبي زندگيءَ جو ذڪر ڪريان ٿو، جنھن کي سمجھڻ لاءِ ضروري ٿو سمجھان تھ سندس ئي خيال ڏيان، جيڪي ھن ٨٣ سالن جي ضعيف العمريءَ ۾ پنھنجي ھڪ خط ۾ پنھنجي ھڪ علمي، ادبي ۽ سياسي دوست سائين جي ايم سيد سان ونڊيا آھن، جن مان پتو پوي ٿو تھ ھيءُ سنڌ جو برک عالم سنڌ جي علم ادب ۽ تاريخ بابت ڪيترو سچيت رھندو ھو:

نئين دھلي ٢٢ جون ١٩٧٥ع

منھنجا پيارا سيد صاحب!

مون وٽان خط پھچڻ تي اوھان کي تعجبُ ٿيندو، پر مون اڪثر پئي سوچيو آھي تھ اوھان کي سنڌي ادب بابت لکان، جنھن تي اڄڪلھھ آءٌ بچيل وقت ۾ توجھھ ڏئي رھيو آھيان. ھن معاملي ۾ منھنجي مدد ڪرڻ لاءِ اوھان ئي بھترين ماڻھو آھيو. مون کي ٻڌايو ويو آھي تھ اوھان پنھنجا ڪجھھ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپايا آھن، ڇا انھن جون ڪاپيون موڪلي سگھندا؟ مون کي عرب دؤر ۽ پندرھين صديءَ تائين جي سنڌي زبان جا ڪجھھ نمونا پڻ گھرجن، ڇا اھو ممڪن آھي تھ پراڻن سنڌي قصن، سسئي، مارئي، سھڻي، دودي چنيسر ۽ راءِ ڏياچ وغيره جون ڪاپيون ھٿ اچي سگھن. مون کي ٻڌايو ويو آھي تھ ”مجمعل التواريخ“ ۾ ڪجھھ سنڌي بيت آھن، ڇا آءٌ ان ڪتاب جي ڪاپي يا حوالو، يا ان بيت جي لکت ۽ معنيٰ حاصل ڪري سگھان ٿو؟ مون کي معلوم ٿيو آھي تھ ٢٨٨ھھ ۾ قرآن شريف سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو ھو، ان جي ڪا ڪاپي ملي سگھندي؟ ان کان پوءِ ان ئي دؤر جي سنڌي ڪتاب ”عبادات و عقائد“ جي ڪاپي ھٿ اچي سگھندي؟

آءٌ سنڌ جي ابتدائي تاريخ بھ پڙھي رھيو آھيان. آءٌ سنڌ بابت سنڌونديءَ جي الھندي ڪناري بابت، جيڪي ڪجھھ دستياب آھي، معلوم ڪرڻ چاھيان ٿو. اوھان وٽ ”سن“ جي تاريخ، ان جي پسگردائيءَ ۽ اوھان جي خاندان جي تاريخ ۽ شجري بابت ڪو مواد آھي؟

آءٌ انھن سڀني ڳالھين ۾ انتھائي دلچسپي رکان ٿو، ڇا اوھان مون کي ان معاملي ۾ گھربل مواد ھٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگھندا؟

اوھان جو مخلص

جئرام داس دولت رام.

 

ساڳيءَ طرح ھڪ ٻئي خط ۾ ھن عالم پنھنجي دوست کان ھڪ ٻئي ڪتاب جي پڻ گھر ڪئي ھئي، جيڪو ڪتاب ”ڀنڀور جي کوٽائيءَ“ بابت ١٩٦٩ع ۾ سنڌ جي آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينٽ پاران ڇپايو ويو ھو.

مٿين ٻن خطن جو ذڪر ڪرڻ جو اصل مقصد فقط اھو آھي تھ جيئن ھن سنڌيءَ جي برک عالم ۽ ٻوليءَ جي پارکوءَ جي سنڌ ۽ سنڌ جي علم، ادب، تاريخ ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ٿيندڙ تحقيق ۾ دلچسپي معلوم ٿي سگھي. ھيءُ صاحب زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت بابت کوج/ تحقيق ڪندو ۽ ان جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ علم ۽ ڄاڻ ھند ۽ سنڌ جي عام ماڻھن ۽ تحقيق ڪندڙن ۾ ورھائيندو رھيو تھ جيئن اھي پنھنجي ڌرتيءَ، ان جي تاريخ، تھذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ جي اصليت ۽ قدامت کان واقف ٿي سگھن ۽ ايندڙ وقت ۾ ان جي روشنيءَ ۾ پنھنجي، تھذيب، تمدن، تاريخ ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪا خاص راءِ جوڙي سگھن ۽ تحقيق جا نوان گس تلاشي سگھن، جيڪو ئي سجاڳ قومن تي فرض عائد ٿئي ٿو، ڇو تھ قومون ماضيءَ مان سبق پرائي مستقبل جي راھھ ڳولينديون آھن.

جئرام داس دولت رام جي علمي، ادبي، تحقيقي جاکوڙ جي باري ۾ ھند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن لکيو آھي پر سندس سياسي ڪردار تي وڌيڪ لکيو ويو آھي. نامياري ڪانگريسي اڳواڻ وشنو شرما، ”ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ جي جيوني“ نالي ڪتاب لکيو آھي، جنھن ۾ پڻ ھن جئرام داس دولت رام بابت ڪافي لکيو آھي، پر اھو سمورو سياسي حوالي ۾ آھي.

سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ھدايت پريم صاحب پڻ پنھنجي ھڪ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“ ۾ جئرام داس دولت رام بابت ھڪ مضمون لکيو آھي، ليڪن ھن صاحب جيڪي ڪتاب ڄاڻايا آھن، اھي منھنجي خيال ۾ جئرام داس دولت رام جا ڪتاب نھ پر اصل ۾ مضمون آھن، مون کي پنھنجي تحقيق اھو ٻڌائي ٿي تھ ھن انھن نالن سان ڪي بھ ڪتاب نھ پر مضمون لکيا آھن، جن مان ڪي ھن ڪتاب ۾ شامل آھن، گھٽ ۾ گھٽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي ۽ محترم ھيرو ٺڪر اھڙن ڪتابن جو ڪو بھ حوالو مون کي ٻڌائي نھ سگھيا آھن، البتھ ھن جو ٻوليءَ بابت ھڪ ڪتاب ديوناگريءَ سنڌيءَ ۾ لکيل آھي، جيڪو پڻ مون کي مليو آھي ۽ مون وٽ محفوظ آھي، ان کان سواءِ ھن جو ھڪ مضمون اھو آھي، جيڪو محترم ھيري ٺڪر جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”قاضي قاذن جو ڪلام“ ۾ مھاڳ طور ڏنل آھي، جيڪو پڻ ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. ممڪن آھي ڪي ٻيا مضمون بھ ھن صاحب لکيا ھجن، جيڪي منھنجي ممڪن حد تائين جاکوڙ باوجود مون کي ميسر ٿي نھ سگھيا آھن. ڪنھن ٻئي شخص کي اھي ھٿ ايندا تھ سنڌي ٻوليءَ بابت وڌيڪ ڪي شيون ملي سگھنديون. ھن شخص لاءِ اڪثر عالمن اديبن جي راءِ اھا رھي آھي تھ ھو خاموش، مھذب، محبت جو مجسمو ۽ نمرتا جو پتلو ھو، ساڳئي وقت اعليٰ تعليم حاصل ڪيل قومي ڪارڪن ھو. سائين جي ايم سيد سندس باري ۾ لکيو آھي تھ ”سنڌ مان سندس لڏي وڃڻ جو ارمان اٿم، سنڌ اھڙن بزرگن کي وڃائي گھڻو نقصان سٺو آھي، پر اھو اطمينان اٿم تھ اھڙا ماڻھو ھندستان ۾ وڃي بھ سنڌ جي صوفيانھ روايات، تھذيب ۽ پيغام جا پرچارڪ ٿي ڪم ڪن ٿا“

سنڌي ٻوليءَ جي ھن عاشق ۽ عالم، پھرين مارچ ١٩٧٩ع تي ٩٠ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. ھو سنڌ ڄائو ھند ۾ گذاري ويو، پر سنڌ اڄ بھ ھن ڪتاب جي صورت ۾ کيس ياد ڪري ٿي.

رکيل مورائي

٢٠٠٩.٠٣.١٦

 ڪراچي، سنڌ.

 

ليکڪ بابت مواد ھٿ ڪرڻ وقت  حوالي طور ڪم آيل ڪتاب:

١. ڪجھھ خط                             جي ايم سيد

٢. آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ     ٻلديو گاجرا

٣. ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ جي جيوني        وشنو شرما

٤. سنڌي ٻوليءَ جا محقق               ڊاڪٽر ھدايت پريم

٥. وھنواري ھندي سنڌي ڊڪشنري -----

٦. سائل ڪوش                           سترامداس سائل