سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (562) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     64687   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌيءَ جو آڳاٽو شاعر: قاضي قاضن


اٽڪل ٻھ ورھيھ کن ٿيا تھ ھيري ٺڪر ۽ موتي لال جوتواڻيءَ مون کي ٻڌايو تھ قاضي قاضن (قاذن) جا ھڪ سؤ کان بھ وڌيڪ بيت ھرياڻا جي ھڪ ڳوٺ جي مٺ مان لڌا آھن. اھي پراڻي ديوناگريءَ ۾ لکيل آھن. ڪنھن سنڌيءَ، جنھن کي ياد ھئا، جي سنڌ ۾ ڳائبا ھئا، ان کان ٻڌي ھن مٺ وارن ٻين ”سنتن“ جي واڻيءَ سان گڏي، ٻڌائي رکيا آھن.  ڪجھھ وقت بعد راجا رام شاستري، جنھن کي مٺ مان اھي بيت مليا ھئا، سو مون کي گڏيو ۽ انھن کي سوڌي ڇپائڻ جون ڳالھيون ٿيون.

نيٺ قصو اِئين بڻيو، جو ھيري ٺڪر اھو بار اتساھھ ۽ امنگ سان، پاڻ راجا رام سان ڳالھيون ڪري، پاڻ تي ھموار ڪيو ۽ شڪر آھي تھ ان پستڪ (ڪتاب) جو ھيءُ پھريون ڇاپو نڪري رھيو آھي.

ھيري ٺڪر کي ھيءُ املھھ ادبي ”ھيرو“ ھٿ آيو آھي، جنھن کي پڌرو ڪرڻ ڪري، سنڌين لاءِ ھت ڀارت ۾ ۽ ان کان پڻ وڌ پاڪستان ۾، سنڌي ٻولي جي اِتھاس (تاريخ) خاطر، سندس ان ڪم لاءِ چڱو چڱو قدر ٿيندو ۽ سنڌي سدا سندس شڪرگذار رھندا.

سنڌي ٻوليءَ ۽ شعر جي شائقن جي مناسب پڇ پڇ ۽ ڇڪ سڪ ڪري، ھي اوائلي ننڍو ۽ پھريون ڇاپو تڙتڪڙ ۾ تيار ڪري، ھو ڀارت ۾ رھندڙ سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن اڳيان، ھچڪندو ھٻڪندو، پيش ٿو ڪري، ڇو جو منجھانئن گھڻن کي قاضي قاضن (قاذن) سان ايڏي واقفيت ڪانھي ۽ پنھنجي پاڪستان ۾ رھندڙ اديبن، علم دوستن، شاعرن، ليکڪن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ھيڪاند جي گھڻگھرن اڳيان نياز ۽ نمرتا ڀري ڀاونا سان، ھڪ سوغات طور، سرحد جي پرائينءَ پار، اِن آس اميد سان ٿو پھچائي، تھ اھا سوغات قبول پوندي.

ھيري ٺڪر جي ھن کوج- ڪشالي مان ھڪ کان وڌيڪ ڦل ملڻا آھن، جو سنڌ ھند جا سنڌي عالم، نھ رڳو سندس پورھئي جو نتيجو ماڻيندا، پر منجھائن، جن کي اِن قسم جي کوج جي سڪ ڇڪ آھي، سي سندس ڪتاب مان سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ وڪاس (ترقيءَ) جي اِتھاس تي چڱي روشني وجھي سگھندا.

سڀني سنڌين کي شايد خبر نھ بھ ھجي تھ اِٽليءَ جي ھڪ ماھر          Dr. Tessitori ڀارت ۾ ڪي سال رھي، ڀارت جي ڪن ٻولين جو اونھو اڀياس ڪيو ھو، جن مان”اولھھ راجسٿاني“ ھڪ ٻولي ھئي. سندس شاھي ليک اٽڪل پنجاھھ کن ٽائيپ ٿيل صفحا، جو انگريزيءَ ۾ ڇاپيو ھئائين، سو مون ڪي سال ٿيا تھ ٽائيپ ڪرائي ڇڏيو. پڙھي عجب لڳم، اھا ١٥-١٦ صديءَ جي اولھھ راجسٿاني ٻولي ڄڻ سنڌي ٻولي پئي لڳي ۽ ان جو وياڪرڻ (گرامر) ۽ اکرن جي جوڙ بيھڪ ۽ ماضي ۽ مستقبل ۽ ٻيا ور وڪڙ سڀ سنڌي ٻوليءَ سان پئي لڳا. اِئين پئي سمجھيم تھ مان ڪنھن سنڌي ڪتاب جو سٽون پيو پڙھان.

قاضي قاضن (قاذن) جي سنڌي بھ ان وقت جي آھي ۽ ان وقت جون ٻوليون سنڌي، اولھھ راجسٿاني، ڪڇي ۽ پراڻي سوراشٽر جي ۽ خود اتر گجرات جي (گوجر ذات جي حڪومت کان اڳ) پراڻي مڪاني ٻولي سڀ ڄڻ تھ ڀير ٻوليون ھيون.

ھيري ٺڪر جي ھڪ املھھ پستڪ (ڪتاب) بعد پاڪستان ۾ رھندڙ سنڌي عالمن کي کوج ڪري، قاضي قاضن (قاذن) جي حياتيءَ جو تفصيل سان عمدو ڪتاب تيار ڪرڻ گھرجي تھ سندس رھڻي ڪرڻي ڪھڙي ھئي. شاھھ ڪريم جي رھڻي تھ عجيب روحاني درجي واري ھئي، جنھن جو ڪجھھ بيان دائود پوٽي جي مشھور ڪتاب مان ملي ٿو.

روحاني شخصيتون ڪنھن مذھب يا ڌرم جي ملڪيت نھ آھن. اھي سڄي عالم سان واسطو رکن ٿيون ۽ تنگ خيال، مذھبي/ ڌرمي سرحدون ٽپي، پنھنجي جيون (زندگيءَ) جو واس ھر ھنڌ ڦھلائين ٿيون.

ڀارت جا اڳيان جوڳي، جن ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موھھ، اھنڪار کي جيتيو ھو ۽ سڀ انسان سندن ڀائر آھن، اِئين ئي ھلت ڪندا ھئا. جي ننگا ھئا تھ پاپ ڪڪرم کان پري، حسد ساڙي کان پري ھئا. چي، ”جيڪي ڪن گناھھ، سي ڍڪين ٿا انھن کي ڪپڙن سان. اسين بي- پاپ، ڇا جي لاءِ ڪپڙا پايون، ڇا کي لڪائڻ لاءِ“ سندن اھو ئي نشچو (اصول) ھو، تھ سڀني ڌرمن مذھبن، روحاني طريقن جي تھھ ۾ ساڳيو ئي سچ آھي.

گورک ناٿ، جوڳين جي ھڪ مکيھ گروءَ، ستين صدي عيسويءَ ۾ ڪيترا ڀيرا چيو ھو تھ ”مون کي حضرت محمد صلي لله عليه وسلم جي اندرين روحاني روشنيءَ لاءِ عظيم ساراھھ آھي.“·

سنڌي ٻوليءَ ۽ ساھت جي کوج- ڪلا جي سرتاج، نبي بخش خان بلوچ، ”شاھھ لطف لله قادريءَ جو ڪلام“ جي املھھ ڪتاب ۾ لکيو آھي:

”شاھھ لطف لله قادريءَ جي آڏو فقط سلوڪ ۽ طريقت جو ھڪ مکيھ مضمون ھو، جنھن جي وضاحت ڪرڻ ٿي چاھيائين. انھيءَ سلسلي ۾، حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ طالبن ۽ سالڪن جي جدوجھد کي تمثيل طور، سامونڊي ناکئن جو منزل مقصود ڏانھن ھاڪاري ھلڻ ۽ جوڳين آديسين جو سندن ياترائن خاطر ڪشالن ڪڍڻ سان ڀيٽي، تفصيلي سمجھائڻي ڏنائين. اِنھن تمثيلن ذريعي شاھھ لطف لله قادري سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ ”سامونڊين ۽ ناکئن“ ۽ ”جوڳين ۽ آديسين“ وارا نوان تمثيلي مضمون رائج ڪيا، جي کانئس اڳ ٻئي ڪنھن بھ شاعر نھ آندا ھئا.“*

پر قاضي قاضن (قاذن) جي ھنن بيتن مان صفا ظاھر آھي تھ شاھھ لطف لله قادريءَ کان اڳ، جوڳين سان سنڌي صوفين جون روحاني رھاڻيون ٿينديون ھيون، جيئن شاھھ قادريءَ جي سنڌي بيتن جي ”قسم ڇھين“ جي بيتن مان بلڪل ظاھر آھي. جوڳين جو سلسلو ڀارت ۾ تمام پراڻو آھي، ڀارت جا اڪثر اتھاسڪ ماھر ان راءِ جا آھن تھ ”مھاڀارت“ جي لڙائي، جا عيسوي سن کان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ھزار سال اڳ ٿي ھئي ۽ سنسڪرت جي پراچين (قديم) ھٿ- اکر ڌرمي پستڪن مان ثابت ٿيل آھي، تھ جوڳين جو سلسلو ان لڙائيءَ کان تمام پراڻو آھي. اھي جوڳي سڄي ڀارت ۾ صدين کان پيا ڳوٺان ڳوٺ رلڻ (سفر) ڪندا ھئا ۽ ٻڌندڙن کي گيان (ڄاڻ) ڏيندا ھئا. خود سنڌ مان بھ عربن جي اچڻ کان اڳ مڪاني جوڳين ھئڻ جون ثابتيون مليون آھن.

انھن جوڳين جو عقيدو ھو تھ ڌڻي ھر ھنڌ وسي ٿو، ٻاھريان مڪان ۽ شھر کيس رھڻ لاءِ کپن ئي ڪين.

”عين قصر در لک، ڪوڙين سھسين کڙڪيان،

جان ئي ڪرين پرک، تان ئي سڄڻ سمھان.“(قاضن).

”پھرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي سو لھي،

من اندر مھھ پاءِ، توئي اندر سپرين.“(قاضن)

ھت، ويدانت ۽ صوفي طريقو گڏجي ٿو ۽ جوڳي ۽ درويش ڀائر ٿي وڃن ٿا.

ڊاڪٽر دائود پوٽي پنھنجي ”شاھھ ڪريم جو ڪلام“ ڪتاب ۾ ھڪ واقعو پڌرو ڪيو آھي. اھو واقعو ھنن اکرن ۾ آھي:

فرمايائون (شاھھ ڪريم فرمايو) تھ:

ڪنھن ڏينھن ھڪڙو ملامتي* بزرگ قاضي قاذن جو وقت جي سياڻن ۽ زماني جي عالمن مان ھڪڙو ھو ۽ جو درٻيلي ۾ رھندو ھو، جنھن جو لاڳاپو بکر سان آھي، تنھن جي مسجد ۾ اگھاڙو ٿي، محراب جي طرف پير ڪري سمھي پيو. جڏھن قاضيءَ کي اِھا خبر ڏنائون، تڏھن دڙو ھٿ ۾ کڻي آيو. پيرن ڏي وڃي جان ڀانيائين تھ دڙو ھڻانس تھ ڇا ڏسي تھ پيرن جي جاءِ تي بزرگ جو مٿو رکيو آھي ۽ مٿي جي جاءِ تي پير. ٻيھر پيرن جي طرف ويو تھ اتي پڻ مٿو ڏٺائين. اھڙيءَ طرح جڏھن بھ پيرن ڏي ٿي ويو تھ مٿو ٿي نظر آيس. آخر ۾ ڏاڍو حيران ۽ درماندو ٿيو. پوءِ ان بزرگ قاضيءَ جي طرف نگاھھ ڪئي ۽ چيائينس تھ، پير جيڏي وڻئي تيڏي ڪر، پر دل پنھنجي خاوند ڏانھن قائم رک. ان بعد دڙو ھيٺ ڌريائين ۽ خدا جي طالبن مان ٿيو ۽ ھي بيت پڙھيائين:

جوڳي جاڳايوس، ستو ھئس ننڊ ۾:

تھان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.*

ھاڻي باقي ھڪ ننڍي، تھ بھ وڏي ڳالھھ تي ويچاريو. منھنجو من اِن تي ٿر کائي ئي نٿو تھ قاضي قاضن يا قاذن يا قادن کي سندس ڪو نجو نالو ھو ئي ڪو نھ. نڪي وڏين وڏين ١٥٠٠ کن صفحن جي ڊڪشنرين° ۾ قاضن، قاذن يا قادن لفظ ئي، نڪا سندن ڪا معنيٰ ئي ٿي ملي.

پڙھندڙن کي ٻڌايان تھ سندس نسل جي ٻين سڀني جا نجا نالا ”تحفته الڪرام“ ۾ ڏنل آھن، جنھن ھر ھڪ کي عربيءَ ۾ ڪا معنيٰ آھي. پر قاضي قاضن جو سندس ڪو نرالو نالو ڪونھي. قاضن، قاذن يا قادن شخصي نالا ڪينھن. من چوي ٿو تھ اِن وشيھ (موضوع) تي گھري کوجنا ٿيڻ گھرجي.

اندر ۾ ھريم پيو، تھ ڪٿي نھ ڪٿي، سالھا سال ٿيا، تھ پڙھيو ھوم تھ سندس درجو ٻين قاضين کان مٿي ھو. جيئن شاھھ لطف لله قادري ”شيخ المشائخ“ جي لقب سان مشھور آھي، تيئن قاضي قاضن ”قاضي القضات“ معنيٰ قاضين مٿان قاضي، (Arabic English Dictionary by Elias P.549) مکيھ قاضيءَ جي لقب جو حقدار ھو.

اميد اٿم تھ ھي پستڪ (ڪتاب) پڙھندي، دل من کولي، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي خيال کان، ڀارت جا سنڌي علم دوست خاص ڪري اسان جا پاڪستان جا کوج- ڪلا (تحقيق) جا اڳواڻ ۽ نثر ۽ نظم جا اديب، پنھنجا رايا ۽ نڪتھ چيني ھيري ٺڪر کي موڪلي، ھڪ عام منزل ۾ چاھھ رکندڙ، ھم شريڪ پانڌيئڙن وانگر، پنھنجو حصو ڀليءَ ڀاڀت ڏيندا ۽ کيس ھر ڪا واھر ڪندا، جيئن ھو ھن ڪتاب جو ٻيو وڏو ۽ اڃا بھ سندر ڇاپو شايع ڪرائي، سڀني سنڌين صدقي ھڪ اؤکي ۽ اڙانگي منزل تي سوڀ سان پھچي

خبر اٿم تھ ڪيئن راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري، پستڪ (ڪتاب) جي دستخط جي کوٽ کوٽ ڪري، جنھن متر ۽ مربيءَ جي مدد گھربس ٿي، سا وٺي، پئسي، نھ پئسي جو خيال وساري، ھيرو ھن پٿرائين پيچري ۾ ميل ميل ڪٽيندو ويو، تان جو ڄڻ ھڪ پوريل ادبي خزانو ھند ۽ سنڌ جي سنڌي ڀائرن کي رسائي سگھيو آھي.

مان جيڪڏھن سندس ھمٿ، محنت، پاڻ وشواس لاءِ کيس واڌايون ٿو ڏيان، سي رڳو واڌايون نھ آھن، پر گذريل وقت کان بھ وڌيڪ سخت اوجھڙ ۽ جھنگل جھاڳڻ لاءِ تھان وڌيڪ اتساھت ڪرڻ جي مراد سان ئي اِئين ڪريان ٿو.

سندس ڪشالي، پورھئي، اورچائي ۽ مڇڏپڻي جي انگن جو مون کان بھ وڌيڪ، سندس ھند ۽ پاڪستان جا پڙھندڙ ڀائر قدر ڪري، کيس سنڌي ٻوليءَ جي شيوا ڪرڻ لاءِ اتساھت ڪري، ھھڙي ڪم ۾ ھر نموني پاڻ کي ڀاڱي ڀائي ڪندا.

 

  • The ‘Nath Yogi Sampradaya’ by A.K. Banerjea 1964, P.5

*  ڛإێێ ڵڞڢ ^ ڤإڈڎۑ٪ ضۆ ڥڵإڶ: ڷبۑ بكڛ كإڷ بڵۆغ: ڜ ٢٢

* ڶڵإڶج= صٔخ، ڊۆڎإصۆ (صڎڶإڷڷڈ ڶۑۆإڎإڶ ضۑ ښڷډۑ إڷڧڎۑڐۑ ڋڥڛڷڎۑ ١٩١٠).

”ڛإێێ ڥڎۑڶ بڵڏۑ٪ ۆإڎۑ ضۆ ڥڵإڶ“ ١٩٣٧ڠ ڜ ١١٢-١١٣.

° ڶڛێۆڎ ڵڡج ڷۆۑښ ڶښجڎ إٔښخۑڷ ڧإښ ضۑ ڵڡج.