ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64684 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌ جي پراچين اتھاس جي پوري کوج تڏھن ٿي سگھندي ۽ سنڌين جي آڳاٽي سمي جي جيون تي سوجھرو تڏھن ئي پوندو، جڏھن سنڌ جي ھڪ سؤ کان بھ وڌيڪ دٻيل شھرن جي کوٽائي ٿيندي ۽ قابل ڄاڻو انھن کنڊرن جو اڀياس ڪندا. پر اھو جڏھن ڪھ ٿئي. حال تھ اڳ جون حقيقتون جتان بھ ھٿ اچن ٿيون، اتان ڪڍي عام اڳيان رکڻيون پون ٿيون تھ جيئن سندن چڪاس ٿي سگھي.
سنڌ سنتن فقيرن جو ملڪ پئي رھيو آھي. ١٣ صديءَ کان ٢٠ صديءَ تائين ان جا چٽا آثار ملن ٿا. پر سنڌ جو ڌرمي اتھاس ان کان گھڻو پراڻو آھي. سک پنٿ، ويدانت، صوفي طريقي، سناتن ڌرم، ٻڌ ڌرم سڀني پنھنجو پنھنجو اثر سنڌين جي زندگيءَ ۽ سڀيتا تي وڌو آھي. موھن جي دڙي جي کنڊرن جي کوج اھو ثابت ڪيو آھي تھ اڄ کان ساڍا چار ھزار ورھيھ اڳ سنڌ ۾ وئدڪ ڌرم جو پرڀاؤ (چلتو) ھو ۽ رگ ويد جي منترن پٽاندڙ پوڄائون ٿينديون ھيون. ڏسجي ٿو تھ ھر زماني ۾ سنڌين ڪي نھ ڪي مھاپرش (عظيم ماڻھو) پيدا ڪيا، جن عام جي جيون تي گھرو اثر وڌو آھي.
موھن جي دڙي ۽ ٻڌ ڌرم جي زمانن جي وچ وارن ١٨ سؤ سالن جو اتھاس اڃا پوري اڀياس ھيٺ ڪين آيو آھي. ھتان ھتان اتھاس جا ذرڙا پيا نظر چڙھن، جن کي گڏي سوڌي ڪي وزنائتا انومان شايد ڪڍي بھ سگھجن. پوري کوج اڃا وقت لھڻي.
ھند ۾ گوتم ٻڌ جي ڌرمي لھر کان اڳ جين ڌرم جو ڦھلاءُ ٿيل ھو. جين ڌرم، جين سڀيتا، جيني ساھت، جيني ساھت جي ٻولي، انھن سڀني وشين (موضوعن) تي اڄ اونھي کوج چالو آھي. جئني واپارين، مندرن بدران، انھيءَ کوج لاءِ لکھا روپيا دان ڪيا آھن. سوين پراڻا پستڪ ڇپجي تيار ٿيا آھن. ڪيترائي ماھر پگھار تي رکي ھنن پنھنجي سڀيتا کي نئون جيون ڏنو آھي. سندن کوج سنڌين لاءِ بھ ڪي انوکيون ڳالھيون ظاھر ڪيون آھن، جن ڏانھن سنڌ جي ڄاڻن جو ڌيان ڇِڪجڻ جڳائي.
جيئن ڌرم جا ڪل ٢٤ ٽير ٿنڪار يا ڌرم نيتا (مذھبي اڳواڻ) ٿي گذريا آھن، جن مان پويون ھو مھاوير، جو گوتم ٻڌ جي زماني جو ھو. انھن ٢٤ ڌرم نيتائن (مذھبي اڳواڻن) جا ھيٺيان نالا آھن:
(١) رشڀ ناٿ، جنھن کي آدي ناٿ، يگريش، رشڀ ديو، آديشور ۽ ٻِين نالن سان بھ سڏين ٿا. ھيءُ اِڪشو اڪو ڪل (نسل) جو ھو ۽ ناڀيءَ جو پٽ ھو.
(٢) اجيت ناٿ. ھيءُ ايوڌيا ۾ ڄائو.
(٣) شامڀو. ھن ساونت ۾ جنم ورتو ھو.
(٤) اڀينندن. ھيءُ ايوڌيا جو ھو.
(٥) سمتِي. ھيءُ بھ ايوڌيا ۾ ڄائو.
(٦) پدم پرڀا. ھيءُ ڪؤسمڀي ۾ ڄائو.
(٧) سپر شو. ھيءُ بنارس جو ھو.
(٨) چندر پرڀا. ھن چندريپور ۾ جنم ورتو.
(٩) پشپدنت. ھيءُ ڪڪيندر پريءَ جو ھو.
(١٠) سيتل. ھن ڀدلپور ۾ جنم ورتو.
(١١) شري انشاناٿ، جنھن کي شري انش بھ ڪوٺين. سنڌ سندس جنم ڀومي ھئي.
(١٢) واسو پوجيھ، جنھن کي واسو پاديھ بھ چون. ھن چمپاپريءَ ۾ جنم ورتو.
(١٣) ومل. ڪمپالپري ۾ ڄائو.
(١٤) اننت، يا اننت جيت. ايوڌ يا سندس جنم ڀومي ھئي.
(١٥) ڌرم. رتناپريءَ جو ھو.
(١٦) شانتي. ھستناپور ۾ ڄائو.
(١٧) ڪنٿو. ھيءُ بھ ھستناپور جو ھو.
(١٨) ارا. ھيءُ بھ ھستناپور ۾ ڄائو.
(١٩) ملي. ھيءُ مٿِلا (بھار) جو ھو.
(٢٠) مني سورتِ. راجگڙھھ (بھار) جو ھو.
(٢١) نمي. مٿِلا (بھار) ۾ ڄائو.
(٢٢) نيمي. ڪاٺياواڙ جو ھو.
(٢٣) پارسؤناٿ.
(٢٤) ورڌمان - جو مھاوير جي نالي مشھور آھي. ھيءُ چترڪوٽ ۾ ڄائو. ھن جو ديھانت اٽڪل روءِ عيسوي سن کان ٥٣٦ ورھيھ اڳ ٿيو.
ھنن ٢٤ ڌرم نيتائن (مذھبي اڳواڻن) ۾ جيڪو يارھون نمبر آھي، ان ڏانھن سنڌين جو ڌيان وڃڻ گھرجي. جين پستڪن جو اونھو اڀياس ٿيڻ گھرجي. سندس نسبت جيڪي بھ لکيل آھي، ان تي وڌيڪ کوج، چڪاس ھئڻ گھرجي. ڪي نھ ڪي حقيقتون انھيءَ ڇنڊڇاڻ مان اسان کي ملي سگھن ٿيون، جي سنڌين جي پراڻي اتھاس جا ڪي خال شايد ڀرينديون. ڪن پستڪن مان پتو ٿو پوي تھ انشاناٿ کتري ھو ۽ سري رامچندر واري ساڳي اڪشو اڪو ڪل (نسل) مان ھو. سندس پتا (پيءُ) جو نالو وشڻ (وشنو) ماتا (ماءُ)جو نالو وشڻ (وشني) ھو. شڪل ۾ سون رنگو ھو. سندس جھنڊي تي گينڊي جي شڪل ھوندي ھئي. سندس ديھانت (وفات) سنڌ کان گھڻو پري اولھھ بينگال ۾ سميت شکر (پھاڙ جي چوٽيءَ) تي ٿيو، جتي ڪيترائي جيني ڌرم نيتا (مذھبي اڳواڻ) پڇاڙيءَ جو مھا اپواس (وڏو روزو) رکي سنسار مان پڌاريا ھئا.
ڏسجي ٿو تھ انشاناٿ، سنڌ جو وڏو مھاپرش (عظيم ماڻھو) ھو، جنھن سڄي ڀارت ۾ جين ڌرم جي پوئلڳن جي اڳواڻي ڪئي ۽ کيس پنھنجي زماني ۾ اھوئي پد (مرتبو) حاصل ھو، جو مھاوير کي پنھنجي سمي (دؤر) ۾ ھو. انشاناٿ جو ڪھڙو زمانو ھو؟ ڪن ڄاڻن جو ليکو آھي تھ رشڀ ديو عيسوي سن کان اٽڪل ٢٢٠٠ يا ٢٤٠٠ ورھيھ اڳ جو آھي ۽ جيئن ئي موھن جي دڙي جو سمو پورو ٿيو، تيئن ئي جين ڌرم جي شروعات ٿي. جي اھو رايو ڀروسي جھڙو آھي تھ پوءِ انشاناٿ عيسوي سن کان اٽڪل ١٥٠٠ ورھيھ اڳ جو چئبو. کيس اڄ اٽڪل ساڍا ٽي ھزار سال ٿيا. سندس رھڻيءَ ڪھڻيءَ جو سنڌين جي جيون (زندگي) تي بھ گھاٽو اثر ٿيو ھوندو. پر سنڌ جو اھو پراچين (قديم) چِٽ اڃا تھ چٽجي نھ سگھيو آھي. اھو انوکو درشن پردي اندر ڍڪيل آھي. جڏھنڪ پردو چيرجي. پر جيڪا بھ جھڪي جھلڪ اکين تائين رسي ٿي، سا وڌيڪ کوج لاءِ اتساھھ جاڳائي ٿي.