سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (562) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     64682   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جو اتھاس: يارھين صديءَ جي ارڌ ماگڌيءَ سان ڀيٽ


سنڌي ٻوليءَ جي اتھاس سمجھڻ لاءِ ڀروارن، يا ڪونھ ڪو لاڳاپو رکندڙ پرڳڻن جي پراڻين ۽ ھاڻوڪين ٻولين جي اڀياس جي گھرج آھي. کپ تھ سچ پچ اسان کي آھي، خود سنڌيءَ جي پراچين ساھت جو، پر اھو اچي ڪٿان؟ زماني جي گردش لٽي دٻي ڇڏيس. ڪجھھ ڪيئان کائي ويا. ڪجھھ تھ ڪن شايد جلائي ڇڏيو. ڪجھھ مبادا اڃا گجرات، ڪاٺياواڙ، راجسٿان جي پستڪ ڀنڊارن (ڪتابن جي ڍڳن) جي اڻ جاچيل ڪنڊن ۾ آرامي ھجي.

ٻين ڀارتي ٻولين جا ڀاڳ آھن، جو ڪن وٽ ھڪ ھزار تھ ڪن وٽ ٻھ ھزار سال پراڻو اتھاس (تاريخ) ھٿيڪو آھي. جھونا وڏا پستڪ کوجنا ڪندڙن ڳولي ڪڍيا آھن ۽ ڪيترين ئي ٻولين جي وڪاس (اوسر) جي ڪھاڻي اکين اڳيان چٽي بيٺي آھي. سڌ نھ آھي تھ سنڌيءَ جو وارو ورندو ڪي نھ؟

پر جيسين سنڌيءَ ۾ لکيل ڪھنا ڪتاب غيب مان نڪري نروار ٿين، تيسين ٻين ٻولين جي ساھت (ادب) جو سھارو وٺڻ جڳائي. منجھائن چڱي واھر ملندي. ھڪ تھ سنڌي ٻوليءَ جي پراڻي روپ جي ٿوري جھلڪ شايد پوندي ۽ ان جي وسيلي سنڌي ٻوليءَ جي اکرن ۽ وياڪرڻ (گرامر) جي وڪاس (اوسر) جو پتو پوندو. ٻيو تھ سنڌي ٻوليءَ جو ھندستان جي ٻين ٻولين سان ڪھڙو نھ ويجھو مائٽاڻو ناتو آھي، ان جي بھ پروڙ پوندي.

”جين“ ڌرم (مذھب) جا ڪيترا پراڻا شاستر (مذھبي ڪتاب) آھن، جن کي لکئي، ڄاڻن جي ڪٿ پٽاندڙ، ھزار کان ٻن ھزارن سالن جو مدو ٿي ويو آھي. انھن مان ڪن ۾ سندن پوئين ڌرم نيتا (مذھبي اڳواڻ) مھاوير جي جيون ڪھاڻي آھي. مھاوير پاڻ جنھن ٻوليءَ ۾ پرچار ڪيو، تنھن کي پراڻي ارڌماگڌي (آتماگڌي) چوندا آھن. مٿرا راڄ جي شؤرسيني ۽ بـِھار جي ماگڌي ٻولين جي وچ واري ٻولي ليکبي آھي. انھيءَ ٻوليءَ ۾ جين ڌرم (مذھب) جا گھڻا پستڪ (ڪتاب) رچيل آھن. عيسوي سن جي يارھين صديءَ ۾ لکيل ھڪ پستڪ (ڪتاب) ۾ مھاوير جي سنڌ ۾ اچڻ جي ڳالھھ ڄاڻايل آھي، جنھن مان سنڌ جي پراڻي اتھاس، سنڌي ٻوليءَ جي مٽي مائٽيءَ ۽ شايد خود سنڌي ٻوليءَ جي وڪاس (اوسر) تي ڪجھھ سوجھرو پوي ٿو. اھو پستڪ (ڪتاب) ھڪ جين ساڌو، نيميچندر جو رچيل آھي. اھو، ھڪ ان کان بھ پراڻي پستڪ ”اترا ڌياين – سوسر“ تي ٽيڪا ۽ سمجھاڻيءَ لاءِ لکيل آھي. نيميچندر يارھين صديءَ جي پوئين اڌ جو ساھتڪار آھي.

سھنج جي ويچار کان، مان انھيءَ پستڪ مان ارڌماگڌيءَ ۾ لکيل ڪھاڻيءَ جو رڳو ھڪ ننڍو ٽڪر ھيٺ مثال طور ڏيان ٿو. انھيءَ ننڍي ٽڪر جا ٻھ ڀاڱا ڪيا اٿم ۽ ھرھڪ ڀاڱو ھاڻوڪيءَ سنڌيءَ جي روپ ۾ بھ ڏنو اٿم. ان ڪري وڌيڪ چٽائيءَ سان ٻنھي ٻولين جي ڀيٽ ٿي سگھندي. اکر اکر چڪاسبو وڃبو تھ ڏسبو تھ ھاڻوڪي سنڌي انھيءَ ارڌماگڌيءَ کي ڪيڏو نھ ويجھي آھي. يارھين صديءَ جي سنڌي اڃان بھ ڪيترو نھ ويجھي ھوندي؟ سنڌي ٻوليءَ جو ھندستان جي ”انڊو- آرين“ ٻولين سان ڪھڙو نھ گھاٽو ناتو آھي! ھي آھي اھو ارڌماگڌيءَ جو ٽڪر:

”تيڻ ڪا ليڻ، تيڻ، سمئيڻ، سنڌ- سوويريس، جڻوئيس، ويڀئي نام نيري ھوٿا.“

تنھن ڪال، تنھن سمي، سنڌ- سووير جي جن وس (جن پد يعني ڏيھھ) جو ويڀئي (سنسڪرت، ويتڀيا) نالي نگر ھو.

”ادايڻي نام رايا، پڀاوئي ديوي، تِيسي جيٺي پتي اڀِئي نام جو- رايا ھوٿا؛ نيئي ڀائڻيجي ڪيسن نام ھوٿا.“

ادايڻ نالي راجا، پڀاوئي (سنسڪرت، پرڀاوتي) ديوي (يعني راڻي)، تنھن جو وڏو (ڄيٺو، سنسڪرت، جيشٽ) پٽ اڀئي (سنسڪرت، اِڀيت) نالي يوراج ھو. (راجا جو) نجو ڀاڻيجو ڪسن (ڪشن، ڪـِرشن) نالي ھو.

سين ادايڻي رايا، سنڌ- سوير پامو کاڻ سولسڻھھ جڻوياڻ؛

سر ادايڻ راجا، سنڌ- سوير پرمک ھو، جن سوڙھن جنپدن (ڏيھن) ۾؛

ويڀئي پامو کاڻ تِڻھھ- تيوٺيڻ نير سيان؛

ويڀئي پرمک ھو، جن ٽن (سؤ) ٽيھٺ نگرن ۾“

مھاسيڻ پامو کاڻ دسڻھھ راياڻ بَڌ- مؤڙاڻ،

مھاسين پرمک ھو، جن ڏھن موڙ (مٽڪ) ٻڌندڙ راجائن ۾،

وئڻ سييھ چامر وايھ ويڻاڻ انيس؛

اڇي (سيت، سنسڪرت شريت) چؤنر سان واءُ ھڻڻ جو (جن کي) اڌڪار (حق) ھو،

چھ رائيسر تلور پڀِئيڻ آھيوچ ڪڻماڻي وھرءِ؛

۽ رائيسرن نلھيڙوئن (تابعدارن) تن (سڀني تي) راجائي (آھيؤچ، سنسڪرت ”اڌپتيه“ جو ڦريل روپ) ڪندو رھيو،

ايوم چھ تاو اييم.

۽ ائين ئي تھ ھو.

ارڌماگڌيءَ جي مٿين ٿورين ئي سٽن ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن مان ڏسبو تھ جيڪي اکر ارڌماگڌيءَ جي روپ ۾ اسان کي منڍ ۾ سڃاڻڻ ۽ سمجھڻ ۾ نھ پيا اچن، سي اسان جي سنڌي اکرن کي سچ پچ ڪيترو نھ ويجھو آھن. مثلا...

رايا = راڄا، نير= نگر؛ پاموک= پرمک، ٽيوٺيڻ= ٽيھٺ، ويڻاڻ= وڃڻ (ھي اکر سنڌيءَ ۾ اڄ چالو ڪونھي، پر ان مان ٺھيل اکر وڃڻو چالو آھي)؛ تلور= تلھيڙو؛ چامر= چؤنر؛ لڻھھ= ٽري = ٽي.

جيڪڏھن ويھين صديءَ جي سنڌي ڏورانھين بـِھار پاسي جي يارھين صديءَ جي ارڌماگڌي ٻوليءَ جي ايڏو ويجھو پيئي لڳي تھ خود يارھين صديءَ جي سنڌي ڪيڏو نھ ويجھي ھوندي! جيترو فرق اکرن جي اچارن ۾ ھاڻ ڏسجي پيو، اھو بھ شايد ھزار کن سال اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورڙوئي ھجي. اھو انومان بھ نڪري ٿو تھ سنڌي ٻوليءَ جو مائٽاڻو ناتو ڀارت جي اتر ۽ اوڀر وارين ٻولين سان چڱو ويجھوئي آھي.