ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64680 ڀيرا پڙهيو ويو |
تازو پنھنجا پراڻا نوٽ بُڪ اٿلائڻ جو موقعو مليم. پھرين جيل کان پوءِ ١٩٢٤ع ۾، سنڌ جي اتھاس ۽ ساھت تي ثمر ھٿ ڪرڻ جو وجھھ مليم، جو گشت ڪندي گھڻن ئي قسمن جي ماڻھن سان گڏجاڻي ٿيندي ھئي ۽ جيڪو ساھت اڃا وات وھيڻو ھو، ان کي جھٽڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس.
ھڪ ڀيري، ١٩٢٤ع جي مئي مھيني ۾، شھدادپور پاسي وڃڻ ٿيو. ھڪ سرندائي گڏيم، جنھن ”ڏيپچند ۽ ڪوئل“ جا بيت پئي چيا. کيس ويھاري اھي لکيم. پر اھي اڻپورا ٿي ڏٺا. انھن ڏينھن ۾ جيئن ئي مون نوٽ بڪ ۾ لکيا، تيئن ئي مان ھيٺ ڏيان ٿو، انھيءَ ويچار ڪري تھ جن دوستن کي ھنن بيتن نسبت وڌيڪ خبر ھجي، سي مھرباني ڪري مون کي سمورا بيت موڪلين ۽ انھن بيتن پٺيان ڪا اتھاسڪ (تاريخي) ڪھاڻي ھجي، تھ ان کان بھ واقف ڪن. ان لاءِ مان سندن ٿورائتو ٿيندس.
ڏسجي ٿو تھ ھيءَ ڪھاڻي سلطان محمود غزنويءَ جي ڏينھن جي آھي. سلطان محمود سنڌ ۾ ١٠٢٦ع ڌاري آيو ۽ سنڌ تي يا ان جي ڪجھھ حصي تي قبضو ڪيائين. ١٠٣٠ع ۾ سندس موت ٿيو. سندس پٽ محمد رڳو ست مھينا تخت تي ويٺو. سندس ڏينھن ۾ ڪي بھ حشمت جا ڪارناما ڪونھ ٿيا. ان ڪري ڀانئجي ٿو تھ پھرئين بيت ۾ سلطان محمود ڏي ئي اشارو آھي. جي ھيءُ انومان صحيح آھي تھ چئبو تھ ”ڏيپچند ۽ ڪوئل“ جي ڪھاڻي يارھين صديءَ جي پھرئين اڌ جي آھي. پر بيتن جي ٻولي تھ گھڻو پوءِ جي ٿي ڏسجي.
جيڪي بيت مون کي شھدادپور جي سرندائيءَ کان مليا ھئا، سي ھي آھن:
(سر – راڻو)
(١) گجي ٿو گجنيءَ ۾، سلطان محمد شير
ڏينھان ڪري راڄڙو، راتيان ڦري فقير،
پوتا پايو چم جا، کڻي ڪونھ وزير،
سکي ٿي ساري پرٿمڻي، ستين پاڙيو سير.
(٢) کڻي پڙھڻ وھاريا، اڄ پنجين ورھين پيئي،
گڏ اٿن، گڏ وھن، گڏ گھمن سي ٻيئي،
پڙھڻ سان ٻنھيءَ جي، پريت اچي پيئي.
ڏيپچند:
(٣) اڪ نھ ڪيجي ڏند وڻون، سپ نھ کائجي ساڳ،
ات نھ لائجي دوستي، جاتي جيءَ وڻاءُ،
ڪوئل:
(٤) اڪ بھ ڪيجي ڏندوڻون، سپ بھ کائجي ساڳ،
اتِ بھ لائجي دوستي، جاتي نيڻن سندو گھاءُ.
(٥) چوڏس کڙي ٿم چانڊري، ٿِيڙو چنڊ سھاءُ،
پٽ سوداگر سونھن سان، ڏٺائين ڏوران،
جتي محل وزير جا، آيم تنھن ماڳھان،
پوءِ ماڙيءَ جي ھيٺان، جتِ وھي وزير ڌيءُ.
ڏيپچند:
(٦) سڻ ڪوٽار بادشاھھ جا، مون ڪھڙو ڪيو آه ڏوه؟
(٧) زاري ڪريان تو جوان کي، اڄ ڳچيءَ لاھي ڏور،
راضي ٿيءُ رضا منجھان، سڪ مان سڳو سور،
منھن تي چڙھي ڌوڙ، تون راضي ٿيءُ رضا منجھان.
(٨) تاڙي لڳي تاڪ کي، ٿي سوداگر سار،
پائي منھن ماڙيءَ مان، پڻس پڇو تنھن وار،
چند
(٩) آءٌ نھ ٻيلي پٽ جو، ڊڄان ٿو سلطان،
جڏھن ڪڏھن چور جي، ھئي وھائي رات.
ڏيپچند:
(١٠) ڀلا ڀائر پانھنجا، جي وقت پئي اچن،
وار ونگو ئي نھ ٿئي، شابس تن ادن.
ڪوٽار
(١١) پيءُ نھ ٻيلي پٽ جو، جت ڀاءُ نھ کنيو بار،
پٽ پرائي پيءُ جو، سو ڪئن ڏئي قرار.
ڏيپچند:
(١٢) سوکيءَ ويلي سڀڪو، اؤکيءَ اچي نھ ڪو،
سر جو سوٺو جو کڻي، يار بھ چئجي سو.
ٽورنگ:
(١٣) سڻ ڪوٽار بادشاھھ جا، تنھنجو ڪيرئين ڪھڙو ڏوهھ،
ڇڏ تھ منھنجي يار کي، نھ تھ جِنب ڪڍئين ٿو تو.
ڏيپچند:
(١٤) ننڍا ھواسين نينگرا، ڪئي سون پڙھڻ جي تات،
وڏي ڌيءَ وزير جي، جيڪا مھل ڪوٺائي رات.
(١٥) قھر چڙھيو ڪوٽار راوت پسي رند،
سلطان سندي راڄ ۾، نھ چوريءَ سندو چِت.
ڪوئل:
(١٦) ڪريان ٿي عرض ادب سان، ھتِ بھ ماريين زور،
آءٌ تنھنجي حق ۾، جيئن ڀاوين تئن ڀور.
ڏيپچند:
(١٧) آڳ نھ لايان ڌرم کي، پاپ نھ ڪريان پچار،
ٻن گھڙين جي واسطي، ڏوھي ٿيان درٻار.
ڪوئل:
(١٨) آءٌ بھ ايندس تو وٽ، نيرو ويس ڪري،
ڏيندس سر جتيءَ تي، جانب تو ڌري،
(١٩) مھرون آڇئين دربان کي، جيڪي ڏنئين.
سلطان:
(١٨) عقل وند تاليھ وند، وک کون واسور،
ڪوئل آءٌ قربان انھن تان، جيڪي ڏٺا ڏور.
مٿيان بيت اڻپورا آھن. ڪي پد کٽل ٿا ڏسجن. ڪن جو قافيو ملي ئي ڪونھ ٿو. شايد ھڪ ٻن ھنڌن صحيح لفظ ڪونھ لکيل آھن. ھن ڏيپچند ۽ ڪوئل جي لوڪ ڪھاڻيءَ جي روپ ريکا ڪجھھ ڌنڌلي پيئي ڀاسي. چمڙاپوش سلطان اڳيان، وزير جي ڌيءُ ڪوئل جي سوداگر جي پٽ ڏيپچند لاءِ پريم جو ڳجھھ کلي پيو، ڪوٽار ڏيپچند کي پڪڙي ورتو، نھ پيءُ نھ ڀائر ڏيپچند جا واھرو ٿيا، سندس يار نورنگ سر جو جوکو کڻي وچ ۾ پيو؛ پريم وس ٿي ڪوئل ڏيپچند کي ڀڙڪائي ٿي؛ ڏيپچند انڪار ٿو ڪري، سلطان پاڻ کي ظاھر ڪري ڏيپچند کي ساراھي ٿو. سڄي ڪھاڻيءَ ۾ ڪوئل جو چتر، مومل ۽ ڪنئروءَ جي رنگ ۾ چٽيل آھي. راجپوت اتھاس ۾ ناري پريم جي آڪرسڻ جي انگ جا ٻيا بھ مثال آھن.
ٻوليءَ جي لحاظ کان ھنن بيتن ۾ ڪي لفظ ڪم آندل آھن، جن ڌيان لھڻو، جيئن تھ: ”چم جا پوتا“، ”پرٿمڻي“، (پرٿوي)، سير (سيل)، ڏندوڻون (ڏندڻ) ”چانڊري“ (چانڊوڪي)، سوٺو (جوکم)، رند (رستو) ”ڀاوين“ (وڻيئي)، ”سپ“ (نانگ).
ھيءَ ڪھاڻي سنڌ جي آھي، ڪين ٻاھرين آھي ۽ رڳو سنڌي بيتن ۾ چيل آھي،ان سوال ويچار لھڻو. ”ڏيپچند“ نالي مان انومان نڪري سگھي ٿو تھ ڪھاڻي سنڌ جي آھي، جو ”ڏ“ اکر سنڌي آھي، جيتوڻيڪ سرائڪي، لھندا ۽ گجراتي ٻولين ۾ بھ اھو اکر اچي ٿو.
ھيءَ ڪھاڻي گجنيءَ (غزني) جي شھر جي آھي، ڪين سنڌ جي ڪنھن شھر جي؟ غزنيءَ ۾ سلطان محمود چمڙا پوش ٿي نڪتو ھو، ڪين سنڌ جي ڪنھن شھر ۾؟ سنڌ ۾ ھو گھڻو رھيو ھو ڇا، جو ٿانئيڪو ٿي ويھي ڪٿي راڄ ڪيائين. سنڌ جي ان وقت جي گادي منصوره ۾ تھ ٻئي ڪنھن شخص کي تخت تي ويھاريائين. اھي سڀ دلچسپ سوال اسان اڳيان اٿن ٿا.