ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64686 ڀيرا پڙهيو ويو |
جڏھن علاءُ الدين خلجي دھليءَ جي تخت تي ھو، تڏھن سنڌ تي سومرن جو راڄ ھو.تيرھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري، ڀاءُ دودي تي دانھين ٿي، چنيسر دھليءَ چڙھي ويو. علاءُ الدين پنھنجي فوج سنڌ تي ڪاھھ لاءِ موڪلي.
دودي سومري جي اڳواڻيءَ ھيٺ لڙندي، سومرن سر ڏنا، پر آڻ نھ مڃي. گھاڻي جي لٺ کڻي، ٻنھي پڇاڙين تي چار چار ترارون لوھي تارن ۾ ٻڌي ڇڪي تاڻي، ڪرشن جي چڪر وانگر ھٿ ۾ ڦيرائيندي ڦيرائيندي خلجين جا سوين سر ڪپي، علاءُ الدين جي سپاھين ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيائين. نيٺ دشمن تيرن سان جھنجھي، سسي وڍي ڇڏيس. اھڙي دم سان دودو حملو ڪندو ٿي ويو، جو سر ڪپجي ڌار ٿي ويس، پر سندس ڌڙ رت وھائيندو ٻانھون ھلائيندو اٺ ڏھھ قدم اڳتي ھلي پوءِ ئي بي وس ٿي زمين تي ڪريو!
وڄ جي دل:
خلجين چيو تھ جي دودي جي ڀيڻ ڀاڳيءَ/ٻاگھيءَ جي ٻانھن علاءُالدين لاءِ ڏيو تھ اسين موٽي وڃون. دودي جو ننڍو ڀائٽيو ننگر اھو ٻڌي جلي ويو. اڃا مڇن جي ريھھ بھ ڪانھ آئي ھيس. ڳڀرو جوان ھو، پر وڄ جي دل ھيس. چمڪاٽ ڏيندي اٿي، چي، ”ترار جي ڌار تان سومرن جي راڄڪماري ملندي! مئي مارائي پوءِ ئي ڪو کيس ھٿ لڳائي!“ مياڻ مان سندس تلوار تڙڦندي نڪتي. سڀني کي للڪاري اڀي ٿي بيٺي. ترارون ڪريون ترارن تي، سر پٽن تي، ڌڙ ڌڙن تي. نيٺ اڪيلي کي ٽيھھ ويڙھي ويا، چئني پاسي ترارون ئي ترارون. نھ مڙيو نھ ٽھيو، نھ ھيسيو، نھ ڪنبيو. چوگرد ڦري پنھنجيءَ ڊگھيءَ کڙڳ (تلوار) سان ننگر ڏھن دشمنن جون سسيون ڌڙان ڌار ڪري ڇڏيون. پر اڳيان بھ پڪيءَ عمر جا جنگي جوڌا ھئا. نيٺ رتوڇاڻ ٿي پيو. ھٿ زخمي، منھن زخمي، اکيون رت آليون، لڙي لڙي وري بھ لڙيو. جيسين ڦڦڙن ساھھ پي کنيو. جڏھن ڪريو، تڏھن دشمن بھ ھن جي سورھيائيءَ جي ساراھھ مان نھ پئي ڍاپيا.
”سر مھانگو ڏيندس“!
سومرن ڀاڳيءَ/ٻاگھيءَ ۽ ٻين سومرين کي پنھنجي دوست ابڙي ڏانھن ڪڇ ۾ روانو ڪيو. ابڙي چوائي موڪليو ھون تھ سومريون مون وٽ موڪليو. سندن مٿان سر ڏيندس. ڀاڳي/ٻاگھي ويئي آھي ابڙي جي ملڪ، اھو سڻي علاءُ الدين جي لشڪر ابڙي تي چڙھائي ڪئي. ھوڏانھن ابڙي جي فوج وڌي آئي دشمن سان ٽڪر کائڻ. ابڙي جي ويڙھھ ملڪان ملڪ مشھور آھي. قرباني بھ حد جي ڪيائين. ٻين جي ڌيئن، ڀينرن ۽ زالن لاءِ پاڻ سھسايائين. رڻ ڀوميءَ ۾ رتوڇاڻ ٿي، پرڻ پاڙي سر ڏنائين، پر سومرين جي ٻانھن نھ ڏنائين. کانئس اول سندس جوانڙو پٽ ممت ترار ڦڙڪائي ڌوڪي پيو دشمن جي وچ ۾. پندرھن ورھين جو نينگر ھو، پر ڪيڏي نھ سندس ڇاتي، جو ھيئن ڪاھي پوي تيرن، ترارن ۽ ڀالن جي جھنگ ۾! ڪٽيندو ويو، ڪپيندو ويو سر، ھٿ ۽ ٻانھون، جيڪي بھ اڳيان آيا. پيءُ جو پرڻ پاڻ ٿي پاليائين. من ئي من ۾ چيائين، ”سائين، مون کي وجھھ ڏيو تھ راڄپوتي ڌرم پاليان. سومريون شرن (پناھھ ۾) آيون آھن. مان بھ تھ سندن ننڍو ڀاءُ آھيان. سر ڏيڻ منھنجو بھ تھ ڪم آھي. پر سر مھانگو ڏيندس.“ سو ڪيئي سر ڪپي، پاڻ پوءِ ئي سر ڪپجڻ ڏنائين!
”تنھنجي قدمن ۾ مرندس“!
ابڙو آيو ميدان ۾. پٽ کان ٻھ رتيون وڌ! سندس جھڙو وير ورلي سنڌ، ڪڇِ، ڪاٺياواڙ ڏٺو. جنگ چڙھي چوٽ ٿي. خلجين جا سر ڪريا، جيئن ڪڻڪ جا سنگ ڪرن ڏاٽن ھيٺ. پر علاءُالدين جو موڪليل لشڪر اٿاھھ ھو. ابڙا ٿورا ھئا. ابڙي ڀاڳيءَ/ٻاگھيءَ سان پرڻ ڪيو ھو تھ مرندس تھ تنھنجي قدمن ۾ مرندس. توکي ڪو ڇھي سگھي، ان کان اڳ منھنجي لاش کي اورانگھي! سو ڀاڳيءَ جي محل جي اڳئين ڪمري جي در آڏو، سر تِريءَ تي رکي، ننگي تلوار آڱرين ۾ ڀڪوڙي، دشمن جي چڙھائيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺو. وڙھيو جيئن ڀِيم وڙھيو. پر گھڻا نيٺ بھ گھڻا. زخمجي زخمجي، تھ بھ لڙي لڙي وري بھ لڙيو، تان جو مرڻينگ حالت تي پھتو. ساٿي اندر کڻي ويس.
آڳ جا الا!
خِلجي سردار جو حڪم ھو تھ ڀاڳي نھ ملي تھ ابڙي جو جيئري سر آڻجو. خلجي گھڙيا محل اندر. ابڙو ڏٺائون، کٽ تي مرڻ جي ڪنڌيءَ تي ھوندي بھ ابڙي جي اکين مان اھي آڳ جا الا ٿي نڪتا ۽ چھرو ڪروڌ سان اھڙو ٽامڻيل ۽ ھيبتناڪ ھو، جو خلجي دھلجي پويان پير ڪري موٽيا. پر مھندار جو حڪم، حڪم ھو. سو وري نئون حڪم سڻي محل ۾ آيا.
واھھ، شير ڏونگر واھھ!
اڃا ڪمري ۾ پير پاتائون تھ ابڙي جي ڀر ۾ ٻيءَ کٽ تي ستل سندس پنجن ورھين جي پٽ ڏونگر جي اک کلي. دشمن اندر گھڙندا ڏسي، ٽپ ڏيئي چيلھھ ۾ ٻڌل ٻاراڻي تلوار ڪڍي پيءُ جي رکشا (حفاظت) لاءِ سندس کٽ ۽ خلجين جي وچِ ۾ ٿي بيٺو، ٽنگون ٽيڙيل، تلوار اڀي! ھيڏڙي ٻار کي ڪيئن ماري، ابڙي جو سر وڍيون؟ خلجي واپس ويا، پر وري موٽيا. ڇل ڪري بي ھٿيار ھڪ ڄڻو اندر گھڙيو، چي اسان جي مھندار سلام ڏنا آھن. توسان گڏجڻ تي دل اٿس. ان وچ ۾ ابڙي پراڻ (دم) ڏنا. پرڻ پاڙيائين. ڀاڳي ۽ سومريون پٺئين در کان جھنگ منھن ڏيئي ڀرواري ملڪ ڏي ڌوڪينديون ويئون. چون ٿا ان وقت قدرتا ڪڇ ۾ ڀونڪمپ (زلزلو) ٿيو. سموريءَ ٻيءَ خلق سان گڏ ڀاڳي ۽ سومريون بھ ڌرتي ماتا جي گود ۾، سومان- سلامت، رسي ويئون.
ھوڏانھن ڏونگر خلجين جي مھندار جي درٻار ڏي نيو ويو. ٻار جي نڊرتا ۽ دليريءَ تي عاشق ٿي مھندار حڪم ڪيو تھ سنڌ جي تخت تي ڏونگر کي وھاريو. چنيسر راڄ جي لائق نھ آھي.
ننگر، ممت، ڏونگر اھي سنڌي جوانن جو شان آھن. نٻلن لاءِ سر بھ ڏيڻ ويرن جو ڪم آھي. اھا آھي سچي بھادري.