ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64675 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻوليءَ کي ھند جي وڌان (آئين) ساھتيھ ۽ ٻين کيترن ۾ جوڳي جڳھھ ملي، ان وشئھ (موضوع) جو پئي اڄڪلھھ اڀياس ڪيو اٿم. اڀياس ڪندي ڪي دلچسپ حقيقتون ڄاڻ ۾ آيم، جن جو سنڌي ٻوليءَ ۽ لپيءَ جي تاريخ سان لاڳاپو آھي. وقت آھر ھن باري ۾ ٻيو بھ ڪجھھ لکڻ جو ويچار اٿم. ھن ليک ۾ رڳو سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي اتھاس (تاريخ) جا ٻھ ٽي ورق ئي ورايان ٿو.
سنڌ جي پراڻن کنڊرن مان کوٽيل مھرن تي ڪنھن لپيءَ ۾ ٿوريون اڪريل لکتون ھٿ آيون آھن. موھن جي دڙي جي انھن (پنج ھزار سال پراڻن) تھن مان لڌل مھرن تي جيڪي لکيل آھي، ان جي لپي نسبت ماھرن ۾ اڃا چڱو مت ڀيد (اختلاف) آھي. اھو ٿيو پنج ھزار ورھيھ اڳي ۽ ان کان اڃا ڪجھھ آڳاٽو زمانو. انھيءَ زماني بابت اڄ ڪونھ ٿو لکان. پر موھن جي دڙي جي مٿين تھن مان ٺڪر جا پنج ٿانو لڌا اٿن، جي پاڻي پيئڻ جي ڪم ايندا ھئا. ھرھڪ ٿانءَ تي اڪريل آھي تھ ٻڌ ڌرم جي ڪھڙي بکشوءَ جي اھو پيئڻ جو ٿانءُ ھو. اھا لکت ”پالي“ ٻوليءَ ۽ براھمي لپيءَ ۾ آھي.
پالي ٻولي بھ سنسڪرت مان نڪتل آھي ۽ سنڌ ۾ گھڻو چالو ھئي. ان جو سنڌي ٻوليءَ سان جيڪو ناتو ھو، تنھن تي اڃا اونھي کوج ڪانھ ٿي آھي. اھا ٿيڻ گھرجي. منجھس ڪيترائي اکر آھن، جي سنڌيءَ جھڙا آھن. سنڌ ۾ چالو پالي ڪيتري قدر ان زماني جي سنڌيءَ جو روپ ھئي، کڻي چئجي ان وقت جي سنڌي ھئي، تنھن کوج لھڻي. پر گھٽ ۾ گھٽ ڀاسجي ائين پيو تھ براھمي لپي ئي ان وقت (اٽڪل ١٧ صديون اڳ) سنڌ ۾ چالو ھئي جا، چاھي پالي چاھي ان زماني جي سنڌي، ٻنھي ٻولين لاءِ ڪم ايندي ھئي.
ڊاڪٽر مجمدار، جنھن موھن جي دڙي جي کوٽائي ڪئي ھئي، تنھن رايو ڏنو آھي تھ، مٿين پنجن ٿانون تي جيڪي اکر اڪريل آھن، تن جي بناوٽ جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو تھ اھا لکت عيسوي سنبت جي ٻي يا ٽين صديءَ جي آھي. ان مان اھو انومان واجب ٿو لڳي تھ مٿئين زماني ۾ يعني ٻي يا ٽين عيسوي صديءَ ڌاري اولھھ سنڌ (موھن جي دڙي طرف) جي لپي براھمي ھئي، جا ناگري لپيءَ جي ماءُ ليکي ٿي وڃي. نھ رڳو اولھھ سنڌ، پر سمجھجي ٿو تھ سڄيءَ سنڌ ۾ اھا لپي چالو ھئي. ڇوتھ خود ھڙپا (پنجاب جي شھر) جي کنڊرن مان بھ ساڳيءَ لپيءَ جون شيون مليون آھن.
ڇھين ۽ ستين صديءَ ۾ سنڌ ۾ راجپوت ۽ براھمڻ حاڪمن جو راڄ ھو. تيرھين صديءَ جي پراڻي پارسي ڪتاب ”چچ نامي“ ۾ لکيل آھي تھ اڳين تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي تھ ڇھين ستين صديءَ جي حاڪمن کي ملڪ جي ڌار ڌار ڀاڱن مان لکت ۾ خبرون چارون اينديون ھيون ۽ راڄڌانيءَ مان موٽ ۾ ھدايتون لکجي وينديون ھيون. اھا سڄي لکپڙھھ سمجھجي ٿو تھ ان زماني جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھئي. لپي بھ شايد ”براھمي“ ۽ ”ديوناگري“ لپين جي وچ واري بناوت جي ھئي.
”يوئن چوئانگ“ چين جو مشھور رھاڪو ۽ ٻڌ ڌرم جو وڏو ڀڳت ستين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ ھندستان جي گشت تي آيو ھو ۽ سنڌ بابت لکيو اٿس تھ اتي جي ٻولي مڌيھ ديش جي ٻوليءَ کان ڪو ٿوروئي ڦريل ھئي. لپيءَ لاءِ ڪجھھ ڪين لکيو اٿس. ظاھر آھي تھ سنڌي لپي بھ ان وقت مڌيھ ديش (آريھ ورت) جي لپيءَ سان ڪجھھ مشابھت رکندي ھوندي.
برھمڻ آباد جي پراڻي شھر جي، ١٨٥٤ ۾، ھڪ انگريز عملدار مسٽر بلئسيز کوٽائي ڪرائي ھئي. ان پاسي جي ماڻھن جي پراڻين روايتن ۽ ٻين حقيقتن تان ڪن ماھرن اھو رايو ٺاھيو آھي تھ برھمڻ آباد، جو ڌرتي ڌٻڻ ڪري، ڏھين يا يارھين صديءَ ۾ ناس ٿيو ھو. ھندڪو شھر ھو. سنڌ جو ھڪ بلڪل آڳاٽو نگر ھو، جنھن جو ورنن (ذڪر) عيسوي سنبت کان اٽڪل پنج صديون اڳ سنسڪرت جي مھاودوان (عظيم عالم) پاڻنيءَ پنھنجي وياڪرڻ (گرامر) ۾ ڪيو آھي. تن ڏينھن چالو نالو ھوس ”براھمڻڪ“. وچ واري ۽ ويجھڙائيءَ جي زماني واري سنڌي ٻوليءَ ۾ ”براھمڻ“ اکر جو اچار ”ٻانڀڻ“ ٿيندو آيو آھي. سو ان زماني ۾ انھيءَ نگر کي ”براھمڻواه“، ”ٻانڀڻوا“، ”ٻانڀڻا“ چوندا ھئا. اتي جا پراڻا کنڊر بھ ”ٻانڀڻا جو ٺل“ جي نالي سان مشھور ھئا. برھمڻ آباد جو نالو مٿس پوءِ پارسيءَ جي ڄاڻن رکيو ھو.
سن ١٨٥٤ ۾ کوٽائي ڪندي مسٽر بلئسز برھمڻ آباد مان ڪي جواھري پٿرن مان ٺھيل شيون لڌيون، جي اڄ لنڊن جي عجائب خاني ۾ رکيل آھن. مسٽر بلئسز جي چوڻ موجب انھن تي ”ديوناگري يا ان جھڙا“ اکر لکيل ھئا (Gazetteer of Sindh 1874 p. 128). ڪي سڪا بھ لڌا. انھن سڪن نسبت سنڌ جي کنڊرن جي ھڪ ٻئي ماھر مسٽر ڪزنس رايو ڏنو آھي تھ، انھن تي ”آڳاٽي ديوناگريءَ“ جا اکر لکيل آھن ۽ عربن جي ڪاھھ (712 A.D) کان اڳ جي ھندو راجائن جا اھي سڪا ٿا ڏسجن (Antiquities of Sindh by H. Cousens p. 178). ”چچ نامي“ ۾ ڄاڻايل آھي تھ راجا ڏاھر جي راڄ ۾ سڪن جو رواج ھو. ھن ڪي سڪا تھ خود پنھنجي ھڪ قابل وزير جي نالي ڪڍيا ھئا. ھن مان سمجھجي ٿو تھ راجا ڏاھر جي وقت ديوناگريءَ جو ڪو آڳاٽو روپ چالو ھو ۽ سنڌي ٻولي انھيءَ ۾ ئي لکبي ھئي. سو چئبو تھ اٺين صديءَ جي پھرين سالن تائين اروڙ ۽ برھمڻ آباد جي حدن ۾ ديوناگري يا ان جھڙي لپي ڪم ايندي ھئي.
اھو بھ ممڪن آھي تھ اھي سڪا ڏھين يارھين صديءَ جا ھجن. ڇو تھ جي دلوراءِ (دلور راءِ؟) جي مشھور ڪھاڻي ڪوڙي نھ آھي تھ پوءِ سندس راڄ برھمڻ آباد ۽ اروڙ پاسي ڏھين يارھين صديءَ ڌاري چالو ھو ۽ اھي سڪا سندس ڏينھن جا بھ ٿي سگھن ٿا. سڪا تمام پراڻا آھن ۽ رڳو ڪي جزوي اکر آڳاٽي ديوناگريءَ ۾ اڪريل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. راجا جو سڄو نالو پڙھڻ ۾ ڪونھ ٿو اچي. دلوراءِ بھ تھ ڪي سڪا ڇڏيا ھوندا. دلوراءِ جو کنڊر بھ برھمڻ آباد جي ڀر ۾ آھي. انھن سڪن ۽ جواھري پٿرن جي لکتن مان چئي سگھجي ٿو تھ ڏھين يارھين صديءَ ۾ اروڙ ۽ برھمڻ آباد جي علائقن ۾ ”ديوناگري يا ان جھڙي يا آڳاٽي ديوناگري“ ڪتب ايندي ھئي.
سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي وڌيڪ اتھاس جو پتو ھڪ جھوني عربي ڪتاب مان پوي ٿو. ابوريحان ”البيروني“ وچ ايشيا جي مشھور خوارزم شھر جو رھاڪو ھو. ١٠١٧ع ۽ ١٠٣٠ع جي وچ ۾ ڪي ورھيھ ھندستان ۾ اچي رھيو ھو. نکشتر وديا (نکٽن جي علم) ۽ ٻين وديائن (علمن) ۾ قابل ھو. سنسڪرت ٻولي سکي اسان جي شاسترن (مذھبي ڪتابن) ۽ ٻين پراڻن پستڪن (ڪتابن) جو چڱو اڀياس ڪيائين ۽ عربي ٻوليءَ ۾ ھڪ وڏو ڪتاب ”ھندستان جي حقيقت“ لکي ويو آھي. ان ۾ چيو اٿس تھ:
”ھندستان جا ماڻھو يونانين وانگر کاٻي کان ساڄي لکندا آھن. عربي اکر ھڪ سڌي ليڪ تي پڻ لکبا آھن ۽ اکرن جا مٿا ليڪ جي مٿان ۽ انھن جون پڇاڙيون ليڪ جي ھيٺان ھونديون آھن. ھندستاني ائين ڪونھ لکن. سندن اکر سڀ سڌي ليڪ جي ھيٺان لکبا آھن. ھرھڪ اکر مٿان سڌي ليڪ ھوندي آھي ۽ ان جي ھيٺان اکر لٽڪيل ۽ لکيل ھوندو آھي. ليڪ مٿان نشاني رڳو اکر جي اچار جي نشاني آھي. (Alberuni’s India p. 172).“
جيڪي لپيون سندس زماني ۾ ھند واسي ڪتب آڻيندا ھئا، انھن جي ”البيرونيءَ“ ياداشت بھ ڏني آھي. سندس لکت موجب جا لپي سڀ کان وڌيڪ چالو ھئي، ان جو نالو ھو ”سڌ ماترڪ“. ڪن جو چوڻ ھو تھ اھا ڪشمير مان شروع ٿي ھئي. ”البيرونيءَ“ جي وقت بھ اتي چالو ھئي. اکرن تي پوريون (مڪمل) ماترائون ڏيندا ھئا، ان ڪري شايد ”سڌ ماترڪ“ سڏبي ھئي. ”مڌيھ ديش“ يعني ڪنؤج جي آسپاس جنھن کي ”آريھ ورت“ چوندا ھئا، اتي بھ ”سڌ ماترڪ“ چالو ھئي.
ٻين ديشن جي لپين جا نرالا نالا ھئا. مالوا جي ملڪ ۾ جيڪا لپي ڪم ايندي ھئي، ان جو نالو ھو ”ناگر“. ھونئن ”سڌ ماترڪ“ جھڙي ھئي، رڳو اکرن ۾ ڪجھھ ڦير ھو. ٽين لپي ھئي ”ارڌ ناگري“، يعني اڌ ناگري. مٿين ٻن ٻولين مان ٺھيل ھئي، ان ڪري ”ارڌ ناگري“ نالو پيو ھوس. ڀاٽيا (روھڙيءَ کان ٥٠- ٦٠ ميل اتر اڀرندي) ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾ اھا ”ارڌ ناگري“ چالو ھئي. ڏکڻ سنڌ ۾ سمنڊ جي ڀرواري ملڪ ملوشئھ ۾ وري ”ملواري“ (مارواڙي؟) لپي ڪتب ايندي ھئي. ”بھمنوا يا المنصور“ (جنھن کي ٻانڀڻاد يا برھمڻ آباد نالي سان سڃاڻون) اتي ”سئنڌو“ لپي چالو ھئي. ”سئنڌو“ لپيءَ جو روپ شايد اھوئي ھو، جنھن کي برھمڻ آباد جي سڪن جي آڌار تي مسٽر بلئسز ”ديوناگري يا ان جھڙي“ ڪري لکيو ۽ مسٽر ڪزنس ”آڳاٽي ديوناگري“ ڪوٺيو. جيئن مٿي چيل آھي. ڪرناٽڪ ديش ۾ ”ڪرناٽ“ لپي چالو ھئي. انڌر ديش ۾ ”انڌري“ ۽ دروڙ (دراوڙ) ديش ۾ ”درواڙي“ (دراوڙي؟) ڪم اينديون ھيون. لاڙ ديش (گجرات ۽ ڀر واري ملڪ) ۾ ”لاڙي“ ۽ پورو ديش (اڀرندي ھندستان طرف) ”گؤري“ لپي ڪم ايندي ھئي. انھيءَ پاسي ٻي بھ لپي ڪم آڻيندا ھئا، جنھن کي ڪوٺيندا ھئا ”ڀئڪشڪي“. البيروني لکي ٿو تھ گوتم ٻڌ انھيءَ لپيءَ ۾ لکندو ھو (Alberuni’s India p. 173).
”البيرونيءَ“ پنھنجو ڪتاب عيسوي سن ١٠٣٠ ۾ لکيو. يارھين صديءَ ۾ ھندستان جي ڌار ڌار ٻولين جي چالو لپين جو اسان اڳيان چڱو چٽ چٽي ويو آھي. مڪاني ٻولين لاءِ يارھن لپيون ھند ۾ تڏھن ڪم اينديون ھيون. اھي يارھن ئي ڏائي کان ساڄي پاسي لکبيون ھيون. سنڌ ۾ ان وقت ٽي لپيون چالو ھيون، اتر سنڌ ۾ ”ارڌ ناگري“، وچولي ۾ ”سئنڌو“ ۽ ڏاکڻي سنڌ ۾ ”ملواري“. ٽنھي جو ”سڌ ماترڪ“ ۽ ”ناگر“ سان لاڳاپو ھو.
مٿين حقيقتن جي آڌار تي چئي سگھبو تھ عيسوي سنبت جي ٻي ٽين صديءَ کان وٺي يارھين صديءَ تائين سنڌي ٻوليءَ جي لپي اول ”براھمي“، پوءِ ترت ئي ان مان نڪتل ”ديوناگري“ يا ديوناگريءَ جي ڪنھن ڦريل روپ جي پئي رھي آھي. ٻارھين صديءَ کان ويھين صديءَ تائين سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي اتھاس جا باقي ورق ٻئي ڀيري ورائبا.
(دھلي ٢١- ٤- ١٩٥٧ع)