سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (580) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     67300   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جو اتھاس:يارھين صديءَ جا ڪي اکر


پٺتي آھيون، ان جو پتو تڏھن ٿو پوي، جڏھن ٻين ٻولين جي جيون ڪھاڻيءَ جا وڏا پستڪ (ڪتاب) پڙھجن ٿا. سنڌيءَ جي نوجوان ماھرن لاءِ وڏو ڪشادو پِڙ منھن سامھون پکيڙيو بيٺو آھي، کين پيو سڏي.

پر اڀاڳ اسان جو اھو آھي، جو ٻين گھڻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ جون پراڻيون لکتون ملڻ مشڪل آھن. سنڌ ۾ اشوڪ راجا جو نڪو ڪو ٿنڀ لڌو ويو، نڪي ڪي ڪنھن ڏونگر تي ڪجھھ اڪريل ئي مليو. آڳاٽي سمي جون زمين جون سندون يا ڪنھن مندر يا ڪھني ڪٽنب مان پراچين سنڌي ٻوليءَ جا ڪي پستڪ بھ ھٿ نھ آيا. ھتي ھتي ڪن ٺڪر جي ٿانون يا پراچين مھرن ۽ سڪن تي لکتون لڌيون، پر منجھائن ٻوليءَ ۽ اکرن جي وڪاس (اوسر) جي باري ۾ ڪجھھ گھڻو نچوڙي نٿو سگھجي. پر ڪھڙي خبر تھ اڃا بھ اونھي کوج ڪي دلچسپ حقيقتون نروار ڪري.

سنڌي اکرن جو ھڪ چڱو آڳاٽو نمونو ماموئي فقيرن جي بيتن مان ٿو ملي. چون ٿا تھ اھي تيرھين چوڏھين صديءَ جا آھن. سنسڪرت مان ان وقت تائين سنڌي ٻولي ڪيتري قدر ڦري ھئي، ان جو انھن بيتن مان پتو لڳي ٿو، پر ٻين ٻولين ۾ لکيل پستڪن (ڪتابن) مان سنڌ جي ان کان بھ پراڻي روپ جي ڪجھھ ٿوري جھلڪ پئجي سگھي ٿي.

ھن ليک ۾ البيرونيءَ جي عربي ڪتاب ”ھندستان جي حقيقت“ مان جيڪي ٿورو ملي ٿو، ان جو ڪجھھ حصو پيش ڪريان ٿو. اھو ڪتاب ١٠٣٠ع ۾ لکيو ويو ھو. ”البيرونيءَ“ ڪي سال ھندستان جي اولھين ڀاڱي ۾ گذاريا ھئا. يورپ جي مشھور ڊاڪٽر سچئھ، عربي ۽ ڀارتي ڀاشائن (ٻولين)  جي ڄاڻو، ”البيرونيءَ“ جي ڪتاب جو ڳوڙھو اڀياس ڪيو ھو ۽ ٧٠ کن سال ٿيا تھ ان تي ٽيڪا (شرح) لکي ھئائين.

جنھن سوال کيس منجھايو، سو اھو ھو تھ ”البيرونيءَ“ جيڪي ھندستان جا ديسي اکر ڪم آندا آھن، سي ڪھڙيءَ ٻوليءَ جا. ڪيترا تھ نج سنسڪرت اکر آھن، جي سڌو سنسڪرت پستڪن تان يا جن پنڊتن وٽ پڙھيو، انھن کان ورتائين. پر ڪي ٻيا اکر آھن، جي عام ۾ ڪنھن چالو ٻوليءَ مان کنيائين.

سچئھ لکي ٿو تھ:

”مون کي تھ ڪابھ ھندستان جي ديسي ٻولي ڪانھ سجھي، جنھن سان البيرونيءَ جا ڪم آندل اکر پورو پورو ملي اچن. اھي اکر گھڻو ڪري ڪابل جي ماٿري ۽ ھندستان جي لاڳيتن ڀاڱن ۾ ١٠٠٠ع ڌاري ڪنھن چالو ٻوليءَ جا آھن، جنھن جي ڪابھ لکت اڃا تھ نظر نھ آئي آھي. چند باردئي جو ”پرٿوي راج راسو“، پوربي ھنديءَ جو پراڻي ۾ پراڻو پستڪ آھي، پر سندس ٻولي تھ ’ھاڻوڪي‘ ليکبي آھي. ھوڏانھن پراچين پنجابي، ملتاني، يا ھندستان جي ٻوليءَ جي انھن کان بھ وڌيڪ اولھين روپ جو ڪوبھ پستڪ ھٿ نھ آيو آھي. البيروني ڪھڙي ديسي ڀاشا جا ڳاڻو اکر (Ordinals) ڪم آندا، ان جي پرک جيڪي ١ کان ١٥ تائين شماري انگ ڏنا اٿس، انھن مان پئجي سگھي ٿي. جيتري قدر مون ھندستان جي ٻولين جي ڀيٽ ڪئي آھي، تنھن مان لڳي ٿو تھ اھي انگ ۽ ٻيا ڪيترا اکر ڏيکارين ٿا تھ البيرونيءَ جي ڪتب آندل ديسي ڀاشا ٻين ھندستان جي چالو ٻولين (Modern Neo-Aryan languages of India) کان وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ جي ويجھو آھي.“ (Alberuni’s India by Sachau p.xxiv). شايد اسٽئڪ ۽ ٽرمپ جي ڪتابن ۾ ڏنل سنڌي انگن جي آڌار تي ڊاڪٽر سچئھ مٿينءَ راءِ تي پھتو.

اھي ڪھڙا انگ يا اکر ھئا؟ البيرونيءَ مھيني جي پھرين پک جي پندرھن ڏينھن جا نالا ڄاڻايا آھن. البيرونيءَ جا ڪم آندل اکر (سندس عربي لکت نموني ۾) ۽ ان سامھون ھاڻوڪي چالو سنڌي، ڪشميري ۽ ملتاني ٻولين جا اکر ھيٺ ڏنا اٿم، جنھن مان پڙھندڙ پنھنجو رايو ٺاھي سگھن ٿا:

اکرن جو نقشو

البيروني

١٠٣٠ع

ڪشميري

١٩٥٧ع

ملتاني/ ديرو اسماعيل خان

١٩٥٧ع

سنڌي

١٩٥٧ع

سنڌي ڳاڻو انگ

١٩٥٧ع

اواماس

ماوس

اماوس ۽ اماوسيا

اماس

-

برقھ

اگدھھ

ايڪم

پرو ۽ پھرين

پھريون، برڪت، برک

بيه

دوي

ڏوتيا

ٻيج ۽ ٻين

 ٻيو

تريه

تري

ترتيا

ٽيج ۽ ٽين

تريو، ٽيون

چوت

چورم

چوٿ ۽ چترٿي

چوٿ

چوٿون

پنڃي

پانڃم

پنچمي ۽ پنجمي

پنجئن

پنجون

ست

شيم

ڇٽي

ڇٺِ

ڇھون

ستين

ستم

سپتمي

ستئن

ستون

اتين

اٺم

اشٽمي

اٺئن

اٺون

نون

نوم

نومي

نانءِ

نائون

دھي

دھم

دسمي

ڏسئن

ڏھو

ياھي

ڪاھھ

ايڪادشي يا ايڪادش

گيارس ۽ يارھين

يارھون

دواھي

باھھ

بارس

ٻارس

ٻارھون

ترھي

ترواھھ

تيرس

تيرس

تيرھون

چودھي

چودھھ

چوڏس

چوڏس

چوڏھون

پورنمه

پونم

پورنماسي ۽ پورمان

پورنما

-

پنچاھي

...

...

...

پندرھون

عربي، پارسي لپين ۾ ٻ، ٽ، ٿ، ٺ، ڇ ۽ ڏ جا اچار ڪينھن. ان ڪري البيروني انھن اکرن بدران ب، ت، ت، ت، س، د ڪم آندا آھن.

سنڌيءَ مان اڄڪلھھ ”برک“ اکر ڇڏائجي ويو آھي. البيروني، عربيءَ جو ھھڙو ڄاڻو، تنھن ”برک“ (برڪت) وڏي ”قاف“ سان لکيو آھي، سو خبر نھ آھي ڇو؟ ڪشمير، ملتان ۽ ديري اسماعيل پاسي واپاري ڳڻ تور لاءِ پھرئين انگ بدران ”برکت“ چوندا آھن. ڪشميري ٻوليءَ ۾ ”ٻيو“ جي بدران ”بياڪ“ چون، پر انگن جي شمار وقت نھ، پر ٻن شين جي ڀيٽ ڪندي. اسين جيئن جيڪر چئون تھ ”ھيءُ گل سٺو ڪونھي. پر ھو ٻيو (بياڪ) سٺو آھي.“ ملتان، ديري اسماعيل جا ماڻھو ”ٻيو“ جي بدران ”بيا“ چون. اھي بھ ڳڻپ لاءِ نھ پر وٿن جي ڀيٽ ۾ جيئن اسين چئون تھ ”ھيءُ انب مٺو آھي. ھو ٻيو (بيا) مٺو ڪونھي.“

مٿئين نقشي مان ڏسڻ ۾ ايندو تھ البيرونيءَ جا اکر ڪشميري ۽ ملتاني ٻولين کان سنڌيءَ سان وڌيڪ ملن ٿا. ملتانيءَ سان بھ انھن اکرن جو گھڻو ميل آھي. ڀاسجي ائين ٿو تھ البيرونيءَ جي ڪتاب ۾ ڄڻ اسين سنڌي ٻوليءَ جو ٩ سؤ سال پراڻو روپ ٿا ڏسون. البيرونيءَ پنھنجي عربي اکرن ۾ اسان جي ٩ سؤ سال آڳاٽن، پر ھاڻوڪي ئي نموني جي سنڌي لفظن لکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ان زماني ۾ ملتاني ۽ سنڌي ٻوليون شايد اڄ کان بھ وڌيڪ پاڻ ۾ ويجھيون ھيون. سنڌ ۽ ملتان جو راڄنيتي (سياسي) ڳانڍاپو بھ گھاٽو ھو. قومون بھ ھڪ ٽاريءَ مان ڦٽل ھيون. سڀاويڪ ٻنھي ٻولين جو ويس بھ جيڪي سو ساڳيو ئي ھو.

مٿيون نقشو ڪارائتو آھي. پڌرو آھي تھ سنڌ جا ھاڻوڪا ڳاڻو انگ ڪري چئجي تھ اھي ئي آھن، جيڪي ٩ سؤ سال اڳ ھئا. ھاڻوڪا ملتاني اکر ڪجھھ ڦري بھ ويا آھن، پر سنڌي اکرن جي روپ ۾ ٩ سؤ سالن اندر ڪوبھ ڦيرو ڪونھ آيو آھي. اڄ بھ البيرونيءَ جا ١٠٣٠ع ۾ لکيل اکر سنڌيءَ جي ١٩٥٧ع جي اکرن سان گھڻو ملن ٿا.

البيرونيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ٻئي ھنڌ بھ ڪي سنڌي اکر ڪم آندا آھن، جن مان يارھين  صديءَ جي سنڌي اکرن جي شناس ملي سگھي ٿي.

ھندستان جو بيان ڪندي البيرونيءَ لکيو آھي تھ، ”مڪران راڄڌاني ۽ ديول بندر جي وچ ۾ توران جي نار آھي“ تنھن کان پوءِ ھيٺيون عربي ٻوليءَ جو جملو لکيو اٿس:

”بعد الغب المذکور منھه الصغري ثم الکبري...“ يعني مٿئين نار کان پوءِ ننڍو ۽ وڏو ”منھن“ آھي. (Alberuni 1c.102). اھي ٻھ منھن سنڌونديءَ جا ان زماني ۾ بھ ھئا، جنھن جو ورنن (ذڪر) ڪيترن آڳاٽي سمي جي ليکڪن ڪيو آھي. عيسوي سن جي پھرين صديءَ ۾ ھڪ يوناني واپاري سنڌ ۾ آيو ھو، تنھن بھ پنھنجي بيان ۾ سنڌونديءَ جي ٻن منھن کي ”ننڍو ۽ وڏو“ ڪري ڪوٺيو آھي. اھو بيان ھن پنھنجي ڪتاب Periplus of the Erythrean Sea ۾ ڏنو آھي.

اڳتي ھلي البيروني لکي ٿو تھ، ”انھن ”منھن“ کان پوءِ سامونڊي ڌاڙيل رھندا آھن، جي جھازن ۾ چڙھي ڦر ڪندا آھن. انھن جھازن کي ”ٻيڙا“ (بيره) چوندا آھن.“ (Alberuni 1.c.102).

ٻئي ھنڌ البيرونيءَ گجرات ۽ سنڌ جي حاڪمن جي لڙائيءَ جي ھڪ دلچسپ ڳالھھ ڪندي لکيو آھي تھ، ھڪ وڻ جنھن کي ”ٿوھر“ (عربي اکرن ۾ توھر) چوندا آھن، ان مان کير نڪرندو آھي. (Alberuni’s India by Sachau I, 192).

ھندستان جي اتر وارن ملڪن جو بيان ڪندي لکيو اٿس تھ، اتي سوات جو ڏيھھ آھي. ان جي ماٿريءَ ۾ ٽيونجاھھ نھرون گڏجن ٿيون، تنھن ڪري ان کي ”ترنجائي“ چوندا آھن. (Alberuni’s India by Sachau II, 182). ڊاڪٽر سچئھ ان کي سنڌي اکر ”تريونجاھھ“ (ٽيونجاھھ) سان ڀيٽيو آھي. ملتاني ٻوليءَ ۾ بھ ”تريونجاھھ“ چوندا آھن. اتر سنڌ جا رھواسي بھ ”تريونجاھھ“ چون.

نکشتر وديا (نکٽن جو علم) تي ھڪ مشھور سنسڪرت پستڪ ”کنڊکاڌيڪ“، جو ھڪ ودوان (ڄاڻو) عرب ٧٧١ع کان پوءِ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عربيءَ ۾ ڪتاب جو نالو رکيائين ”ال ارکند“. ان ۾ اصلوڪي سنسڪرت ۾ برھمڻ آباد شھر جي نالي جو ورنن ھو. ”کنڊکاڌيڪ“ پستڪ (ڪتاب) ۾ شھر جو پراڻو نالو ”براھمڻواس“ لکيل ھو. ”ال ارکند“ ڪتاب ۾ عربي اکرن ۾ لکيل آھي ”برھمنباذ“. ”س“ کي ”ذ“ ڪيو اٿس، جنھن کي پارسي ڄاڻن پوءِ ”د“ ڪري ڇڏيو. البيروني بھ عربيءَ ۾ ساڳيءَ ريت لکي پوءِ چيو آھي تھ ان شھر کي ھاڻي (١٠٣٠ع ۾) ”بمھنوا“ ڪوٺين. (Alberuni’s India by Sachau I, 260). براھمڻ اکر کي اڻ پڙھيل ماڻھو ”بَمھن“ بھ چون تھ ”ٻانڀڻ“ بھ چون. مٿئين مثال مان اھا حقيقت ملي ٿي تھ يارھين صديءَ اندر براھمڻ اکر ھندي (۽ سنڌي؟) لوڪ ڀاشا ۾ شايد ”بمھن“ جو روپ ورتو ھو. سنڌيءَ ۾ ”ٻانڀڻ“ اکر ڪڏھن آيو، اھو بھ کوجنا لھڻي. ”واس“ ۽ ”واھھ“ ساڳيا اکر آھن. پڇاڙيءَ جي ”س“ يا ”ھھ“ زماني ڪيرائي ڇڏي.

البيروني لکي ٿو تھ، ”ھندن جي ليکي پٽاندڙ ھڪ سال ۾ ڇھھ رتون ٿين ٿيون. سال کي ھندو چون ’بره‘ يا ’برخ‘ يا ’برش‘. ھندن جي وات ۾ ھھ، خ ۽ ش جي اچارن جو گھڻو مونجھارو آھي.“ (Alberuni I.c. 182). عربي لپيءَ ۾ ’و‘ بدران ’بھ‘ لکن. ۽ ’ک‘ بدران ’خ‘ لکن. ڀانئجي ٿو تھ ’بره‘ سنڌي اکر ’ورھھ‘ جو عربي روپ آھي. اسين يارھين صديءَ ۾ بھ ورھھ کي ’ورھھ‘ چوندا ھئاسين!

جيڪي سمورو مٿي لکيل آھي ان مان ڏسجي ٿو تھ ”منھن، ٿوھر، ٻيڙا، ورھھ، تريونجاھھ، اماس، ٻيو، تريو، چوٿ، پنجين، ستين، اٺين، ڏھين، يارھين، تيرھين، پورنما“ انھن اکرن کي جيڪو روپ اڄ آھي، سو روپ نو (٩) سؤ ورھيھ اڳ، ١١ صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ بھ ھو ۽ البيرونيءَ جي ڪتاب اسان کي ماموئيءَ جي بيتن جي ١٣- ١٤ صديءَ کان آڳاٽي سنڌي اکرن جا ڪي مثال ميسر ڪري ڏنا آھن.