ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64674 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌين جي اتھاس ۾ ڪيترائي خال آھن، جن کي ڀرڻ جي گھڻي گھرج آھي. موھن جي دڙي جي زماني کان وٺي سڪندر جي ڪاھھ تائين وڏو شاھي خال آھي. شڪن جي راڄ کان وٺي راءِ گھراڻي تائين ٻيو خال آھي. عربن جي فتح کان پوءِ سمن جي راڄ تائين عربي گورنرن ۽ سومرن جي راجائن جا رڳو ڪي نالا ملن ٿا ۽ سندن بلڪل جزوي حقيقتون. اھي خال ڪيئن بھ محنت ڪري ڀرڻ گھرجن. ڪنھن بھ جاتيءَ جو آئيندو چمڪندڙ نھ ٿيندو. جي ان جي سنتان (اولاد) کي پنھنجي آڳاٽي اتھاس جي پوري ڄاڻ نھ ھوندي ۽ ان تي فخر نھ وٺي سگھندو. سنڌي جاتيءَ جي انتيءَ (مستقبل) لاءِ اھو ضروري آھي تھ اھڙي ڄاڻ اسين پرايون ۽ جي جڳائي تھ پوءِ فخر وٺون. ان لاءِ اٿڪ کوجنا جي ضرورت آھي.
نوان راڄ قائم:
جڏھن ٧١٢ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ سنڌ جا راجا عربن جي فوجي انتظام ۽ نون جنگي ھٿيارن جي سامھون بيھي نھ سگھيا، تڏھن سنڌ جي ڪن کتري جاتين وڃي نوان ملڪ وسايا. انھن ملڪن ۾ ھو شان مان سان رھندا آيا ۽ نيٺ اتي اسري، نئين سر راڄ قائم ڪري، پنھنجي اتھاس جو سلسلو جاري رکيائون. انھيءَ اتھاس تي سنڌ جون تاريخون ڪابھ روشني ڪونھ ٿيون وجھن. پر ڪجھھ سوجھرو ڀر وارن ڏيھن جي اتھاس مان ملي ٿو.
ڪاٺياواڙ (سؤراشٽر) جي الھندي ڀاڱي ۾ پوربندر کان ٢٥ ميل اتر اوڀر ڏي ھڪ پراڻو شھر، گھملي، نالي آھي. ان جو اصلوڪو نالو ڀوتامبلڪا، جنھن مان ڦري ٿيو ڀوملڪا ۽ ان مان ٿيو ڀؤنڀلي ۽ پوءِ گھملي. امبلڪا آھي ديوي ماتا جو ٻيو نالو. ڀوتامبلڪا جي کنڊرن مان سمجھجي ٿو تھ ان نگريءَ جون پڪيون جايون ھڪ ميل ڊيگھھ ۽ اڌ ميل ويڪر جي پکيڙ ۾ ٺھيل ھيون. اٽڪل ١٥ ھزارن کان وڌيڪ آدم رھندو ھوندو.
مھاراجا پشيديو:
انھيءَ گھملي راڄ جي کنڊرن مان ڇھھ ٽامي جا پترا لڌا ويا آھن. اھي ڀونءِ دان جا پترا آھن. وقت جي راجائن ڪن برھمڻن کي زمين ۽ زمين مان اپت دان ڪئي ھئي. انھن پترن تي راجا جو نالو، ۽ سندس وڏن جا نالا، برھمڻ جو نالو ۽ پتري تي سڄو بيان لکندڙ جو نالو- اھو سڀ ڄاڻايل آھي. لکت سنسڪرت ۾ آھي. انھن پترن ۾ لکيل آھي تھ دان ڪندڙ راجا ”سئنڌو“ (يعني ”سنڌ جي“) ڪل جا آھن ۽ جئدرٿ جي نسل مان آھن ۽ سندن راڄ پرمپرا (روايت)، وچ ۾ ڪنھن بھ ڀنگ (وٿيءَ) بنا، جئدرٿ جي ڏينھن کان پئي ھلندو آيو آھي. گھملي جي جنھن ”سئنڌو“ راجا جو اول ورنن (ذڪر) ڪيل آھي تنھن جو نالو لکيل آھي. پشيديو (Pushyadeva). ھن جو راڄ ٧٣٤ع کان ٧٥٤ع تائين ھليو. ڪن تاريخدانن جو رايو آھي تھ عربن جي ٧١٢ع واري ڪاھھ کان پوءِ انھيءَ راجائي ڪل وارا سنڌ ڇڏي اچي سؤراشٽر جي الھندي ڀاڱي ۾ رھيا. شايد سمنڊ رستي اچي، ڪناري کان ٢٥ کن ميل اندر گھڙي بَرڊا ٽڪرين جي وچ ۾ نيٺ گھملي شھر وسايائون.
ڏھھ سنڌي راجائون:
اتي ٧٣٤ع کان ٩٢٠ع تائين، گھٽ ۾ گھٽ، اٽڪل ٢٠٠ ورھين تائين سندن راڄ جي پڪي ثابتي انھن پترن مان ملي ٿي. سندن ڪل جي مکيھ شاخ مان ان عرصي اندر ڏھھ راجائون ٿيا، جن جا نالا ۽ تخميني طور راڄ جا سال ھيٺ ڏجن ٿا:
اھيورمن
(Ahivarman)
(١) |
پشيديو |
(٧٣٤- ٧٥٤ع) |
(٢) |
ڪرشن راج (١) |
(٧٥٤- ٧٧٤ع) |
(٣) |
اگــُڪ ديو (١) |
(٧٧٤- ٧٩٤ع) |
(٤) |
راڻڪ ديو |
(٧٩٤- ٨١٤ع) |
(٥) |
ڪرشن راج (٢) |
(٨١٤- ٨٢٤ع) |
(٦) |
اگــُڪ ديو (٢) |
(٨٢٤- ٨٣٤ع) |
(٧) |
جائڪ ديو (ڇھين نمبر جو چاچو) |
(٨٣٤- ٨٤٩ع) |
(٨) |
چامونڊ راج |
(٨٤٩- ٨٧٤ع) |
(٩) |
اگــُڪ ديو (٣) |
(٨٧٤- ٨٩٩ع) |
(١٠) |
جائڪ ديو (٢) |
٨٩٩- ٩١٩ع) |
اھيورمن، شايد سنڌ ۾ ئي راڄ ڪيو ۽ سندس پٽ پشيديو سؤراشٽر ۾ پھريون سنڌي راجا ٿو ڀانئجي. اھيورمن عربن سان لڙندي مارجي ويو. يا پشيديو سنڌ ۾ ئي ڪجھھ وقت راڄ ڪيو ۽ ھن ئي عربن سان جنگ جوٽي، تنھن جو پتو ڪونھ ٿو پوي.
جئدرٿ کان وٺي لڳاتار راڄ:
ھنن ڇھن ڀونءِ دان جي پترن ۾ جو ڄاڻايل آھي تھ سؤراشٽر ۾ سنڌي راجائن جي، اٺين صديءَ ۾، ستنتر راجائي (آزاد حڪومت) قائم ھئي، ان جي تصديق سوراشٽر جي اتھاس مان بھ ملي ٿي. سؤراشٽر جي ڏکڻ ۾ جيڪو ولا، يعني پراڻي ولڀي، جو مشھور شھر آھي، ان مان ھڪ مھر لڌي ويئي آھي، جنھن تي ھي اکر اڪريل آھن:
يعني ”آجيد ر ٿاد- اويوڇِنا- راج ونشسيھ- شرير..... مھاراج اھيو رمڻ شونور.... مھاراجا مھا سيناپتي- پشييڻسيھ“
جيڪي اکر چؤرس ليڪن ۾ ڏنل آھن، سي اصل ڊٺل آھن. مٿين لکت مان ظاھر آھي تھ ھيءَ مھر، جئدرٿ جي لڳاتار چالو راج ونش جي مھاراجا اھيورمن جي پٽ مھاراجا سيناپتي پشييڻ جي آھي. گھملي مان لڌل پتري ۾ ڄاڻايل پشيديو ۽ ولڀي مان لڌل مھر ۾ ڄاڻايل پشييڻ ساڳيو ئي ماڻھو آھي. سنسڪرت ۾ ”اِڻ“ ۽ ”ديو“ ٻنھي اکرن جي معنيٰ آھي راجا يا ڌڻي. پشيھ ديو وڏو سيناپتي (سپه سالار) بھ ھو ۽ پوءِ راجا بھ ٿيو. ڪن ڀونءِ دان پترن ۾ پشيديو کي جئدرٿ ونش جو ”ڳھڻو“ ڪري بيان ڪيو اٿن.
گھملي جي سنڌي راجائن جو سؤراشٽر جي اولھھ سمنڊ تي چڱو اثر ھو ۽ ان پاسي سامونڊي لڙاين ۾ ڀڙ ھئا. سندن جھنڊي تي مانگر مڇ جي شڪل ھئي (Makardhvaja). مھاڀارت جي يڌ (جنگ) ۾ جئدرٿ جي جھنڊي تي ”وراھھ“، جھنگلي سوئر جي شڪل ھئي. ڏسجي ٿو تھ زماني جي پوئين دؤر ۾ سندس ونش جا راجا سنڌ جي سامونڊي علائقي ۾ اچي رھيا ۽ سمنڊ سان واسطو رکندي ھنن پنھنجي جھنڊي جو نشان ڦيري ”مڪر“ (مانگر مڇ) جو ڪيو. سنڌونديءَ جي ڇوڙ واري ھنڌ ۽ سمنڊ جي ڪناري ويجھو مانگر مڇ گھڻا ٿيندا آھن.
زبردست سامونڊي طاقت:
جيتوڻيڪ سنڌ ڇڏي آيا ھئا، تڏھن بھ ھنن سنڌي راجائن جي عربن سان ويڙھھ چالو رھي، جو سنڌ کان پوءِ عربن گجرات ۽ سؤراشٽر تي ڪاھون ڪيون. پر اتي ھي جئدرٿ ونشي سنڌي راجا چڱو لڙيا ۽ سوڀ پاتائون. اٽڪل ٧٦٠ع ڌاري سنڌ جي عرب حاڪم ھشام ٻيڙن ۾ لشڪر چاڙھي امرو بن جمال جي مھنداريءَ ھيٺ سمنڊ رستي موڪليو تھ برڊا تي وڃي ڪاھھ ڪريو، پر ھو گھملي کي فتح نھ ڪري سگھيا ۽ سنڌي ويڙھاڪن کان ھار کائي موٽيا. وري ويھن سالن پڄاڻان ٻي ڪاھھ ڪيائون. مسلم تاريخ نويسن موجب عرب فوج برڊا تي قبضو ڪيو، پر ھڪ اوچتي بيماريءَ وگھي ذري گھٽ عربن جي ساري فوج ناس ٿي ويئي ۽ جيڪي بچيا، سي وري سمنڊ ھيٺان ڳجھن پھاڙن تي لڳڻ ڪري جھازن ٽٽڻ تي ٻڏي مئا. عربن جي دلين تي ٻنھي واقعن اھڙو ڊپ وھاريو، جو ھنن وري برڊا ۽ گھملي تي چڙھائي ڪرڻ جو خيال لاھي ڇڏيو. ٻيا تاريخ نويس لکن ٿا تھ سچ پچ بيماريءَ وگھي عرب موٽ کائي ويا، يا سنڌي لشڪر جي بھادريءَ کين ھٽايو، سو چئي نٿو سگھجي. سنڌي، سمنڊ تي لڙڻ ۾ مشھور ھئا ۽ گھڻن ڀونءِ دان پترن ۾ ائين چيل آھي تھ گھمليءَ جا راجائون سمنڊ جا ڌڻي ھئا.
يعني ”اپر سمدر اڌپتِي“. عربي اتھاسڪارن (تاريخدانن) بھ قبول ڪيو آھي تھ سؤراشٽر جي ڪناري جي قومن جو سمنڊ تي گھڻو ڌاڪو ڄميل ھو. سمنڊ جي طاقت ھٿ ۾ رکي گھملي جي سنڌي راجائن گھڻي دورانديشي ڏيکاري، ھو گجرات ۽ ھندستان جي ڀر واري علائقي جو بچاءُ ڪيو ويٺا ھئا.
ھي جئدرٿ ونشي سنڌي راجا، جي سمنڊ تي بھادر ويڙھاڪ ھئا تھ سڪيءَ تي بھ سندن دليريءَ جون ثابتيون ملن ٿيون. سندن ڏھن راجائن مان لڳاتار چئن راجائن جي ڀروارن راجائن سان چڪري چالو ھئي. وڍوان ۽ اڻھلپاٽڻ جي حاڪمن سان سندن يڌ (جنگ) جاري رھي.
گھملي جي راڄڌانيءَ مان ھن سنڌي گھراڻي جو راڄ سڄي الھندي سؤراشٽر تي ھلندو ھو. ڪن پترن ۾ سندن راجائن لاءِ لکيل آھي:
”يعني اپر سراشٽر منڊل منڊن“
پترن ۾ جيڪي دان ڪيل زمينون ڏيکاريل آھن، سي سڀ الھندي سؤراشٽر ۾ آھن. سو جيتوڻيڪ سندن ھٿ ۾ سؤراشٽر جو رڳو ٿورو ڀاڱو ھو تھ بھ سندن ڌاڪو ۽ اثر گھڻو پکڙيل ھو. بھادر جاتي ڪري ليکبا ھئا. خاص ڪري سمنڊ جي لڙائيءَ ۾ نالو چڙھيل ھون.
پترن جي ٻولي ۽ لپي:
ڇھھ ئي پترا سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل آھن. آڳاٽي ديوناگري لپي ڪم آندل آھي. راجا آگڪ ديو ٻئي (٨٢٤- ٨٣٤ع) جي دان پتر جي ٻولي ڏاڍي سندر آھي. لکندڙ تجنيس کان گھڻو ڪم ورتو آھي. شايد اھو رواج سنڌي ساھتڪارن ۾ عام ھو. نو صديون پوءِ شاھھ عبداللطيف بھ انھيءَ فن ۾ بي نظير ھو. ڪيترائي ٻٽا اکر انھيءَ پتريءَ ۾ ڪم آندل آھن. تشبيھن ۽ استعارن (similes & metaphors) سان ڀريل آھي. لکڻي اھڙي مٺي آھي، جو نثر ۾ ھوندي بھ نظم جو مزو پيو اچي. سڀيئي پترا سٺي ٻوليءَ ۾ لکيل آھن. سندن لکندڙ سنسڪرت جا قابل ڄاڻو ٿي ڏٺا. ان مان سمجھجي ٿو تھ انھن سنڌي راجائن پنھنجي درٻار ۾ ھوشيار ماڻھن جو قدر ٿي ڪيو. مشھور ڪوي سندن نوڪريءَ ۾ ھئا.
ڀومي دان جون حقيقتون:
پھريون پترو شڪ جاتيءَ جي ھڪ ڪويءَ ڪپل، وڪٽ جي پٽ جو لکيل آھي. سنڌ پنجاب تي شڪ قوم جو ٽي صديون راڄ رھيو. ڪيترا شڪ سنڌ پنجاب جي مڪاني سماج ۾ جذب ٿي ويا ھئا. جنھن ماڻھوءَ کي ان پتري جي زمين دان ڪيل ھئي، سو ھو سوميشور (سومناٿ) کان آيل ھڪ رگ ويدي برھمڻ. نالو ھوس ماڌو. پتا (پيءُ) جو نالو ھوس ڪلياڻ، گوتر (نک) ھئس سانڪرتيھ. اتراڻ جي موقعي تي کيس زمين دان ڪيل ھئي.
ٻئي پتري جو لکندڙ بھ ساڳيو سنسڪرت ڪوي ڪپل ھو. زمين ڏنل ھئي، ھڪ سام ويدي برھمڻ کي. نالو ھوس ڀٽ سواميڪ. پتا جو نالو ڪلچندر، گوتر وتس. وراھھ مھر (عيسوي سنھ جي ٥ صديءَ) جي لکيل مشھور پستڪ (ڪتاب) ”برھت سنھتا“ ۾ ڄاڻايل آھي تھ ديس تان آپدا ٽارڻ لاءِ ۽ سڪار آڻڻ لاءِ ”پشيسنان“ جو ڪريا ڪرم ڪرڻ گھرجي. مٿئين برھمڻ کي انھيءَ موقعي تي زمين ڏني ويئي ھئي.
ٽيون پترو اڻپورو ھٿ آيو آھي. ان ۾ جنھن ھنڌ تي لکندڙ ۽ دان وٺندڙ جا نالا ھئڻ کپن، سي موجود ڪونھن.
چوٿون پترو ھڪ ڪويءَ جو لکيل آھي، جنھن جو نالو ھو وڪل. سندس پتا جو نالو ھو وٺڪھ.
پنجين پتري جي سنسڪرت ٻولي تمام سينگاريل آھي. لکندڙ ھو ماڌو جو پٽ جھوجھا. تشبيھن ۽ استعارن جا نوان نمونا وڌا اٿس. ٻن يجر ويدي برھمڻن- گھيشور جي پٽن- ردر ۽ ساگر کي زمين دان ڪيل ھئي. مڪاني برھمڻن واسطي ڪنھن پاٺشالا يا مندر لاءِ ڏنل ھئي.
ڇھين پتري ۾ ڄاڻايل زمين ڏنل ھئي ”ساھي جناردن ۽ ٻين“ کي. پتري موجب ڇمپڻڪ ڳوٺ جي پيدائش ھڪ ”ننا مٺِڪا“ واسطي خرچ ٿيڻي ھئي. ننا ھڪ واپاريءَ جو نالو ھو، جنھن ھڪ ”مٺ“ (مڙھي، خانقاھھ)کوليو ھو. پاڻ راجسٿان جي پراڻي راڄڌاني ڀينمال شھر جو ھو، پر مٺ گھملي راڄ اندر کوليو ھئائين. مٺ سان گڏ پاٺشالا بھ عام ريت کولي ويندي ھئي. پيدائش جي چوٿين پتي وديارٿين (شاگردن) لاءِ ۽ ٽي پتيون مٺ جي خرچ لاءِ ھيون.
سنڌي راڄ جي پرٿا (جوڙجڪ):
اولھھ سؤراشٽر جي سنڌي راجائن وٽ يا سنڌ ۾ سندن وڏن وٽ ڪھڙي راڄ پرٿا (جوڙجڪ) ھئي ۽ ڪھڙي انتظام سان ڪاروبار جي ورھاست ڪيل ھئي، سو پھرئين پتري مان ظاھر آھي. انھيءَ باري ۾ راڄ جي انھن ڪاروبارين ڏي اشارو ڪيل آھي، جن کي فھمايش ڪيل ھئي تھ جيڪو حڪم راجا زمين جي باري ۾ ڪيو آھي، ان جي پوري مڃتا ۽ تعميل ڪئي وڃي. ھيٺين ڪاروبارين جو ورنن (ذڪر) ڪيل آھي:
(١) منتري (٢) پروھت (٣) اماٽيھ (٤) جنپد (٥) يوراج (٦) راجسٿانيھ (٧) پرماتري (٨) بلاڌڪرت (٩) اپرڪ (١٠) وشيپتي (١١) شؤلڪڪ (١٢) دساڌ- ساڌنڪ (١٣) چوروڌرڻڪ (١٤) وئڪشاپڪ (١٥) چار (١٦) ڀٽ.
”اماٽھ تيھ“ معنيٰ راجا جو ساٿي يا صلاحڪار. ”جنپد“ جنتا جي سڀا کي بھ چوندا آھن. انھن ڏينھن ۾ شايد ھڪ اھڙي سڀا ھئي، جنھن کان راجا رايو وٺندو ھو. ”راجسٿانيھ“ معنيٰ راجا جو عيوضيءَ ڄڻ ”وائسراءِ“. ”بلا ڌڪرت“ سيناپتيءَ (سپه سالار) کي چوندا ھئا. ھڪ پتري ۾ ”سيناپتي“ اکر ڪم آندو ويو آھي. ٻئي ۾ ديشاڌ پتي نالو ڏنل آھي. ”اپرڪ“ ھو مئجسٽريٽ. وشيھ ضلعي کي چوندا ھئا. ”وشيپتي“ ٿيو ضلعي جو حاڪم. ”چورو ڌرڻڪ“ اھي ڪاروباري ھئا، جن جو ڪم ھو چورن کي گرفتار ڪرڻ. ”دسا ڌ سا ڌنڪ“ اھي عملدار ھئا، جن تي بوجو ھو تھ وڏن ڌاڙيلن ۽ خوفناڪ ڏوھين کي ھٿ ڪري سزا ڏيارين. ڪن پترن ۾ ٿورن ڪرمچارين جا نالا آھن. شايد سڀني راجائن جي راڄ ۾ ساڳيوئي دٻدٻو ۽ انتظام نھ ھو.
سنڌي راڄ ۾ ڍلون:
راڄ جي ڳوٺن جي پيدائش بابت لکندي ھڪ دان پتري ۾ ڍلن سان لاڳاپو رکندڙ ڪيترا اکر ڪم آندا ويا آھن، جن مان راڄ جي ڍلن جي پرٿا جي بھ ڪجھھ ڄاڻ ملي ٿي. اھي ھي اکر آھن
(١) ”وئٽنڪي“ (٢) ”چِنگولا“ (٣) ”ڀاگ ڀاگ ڪر“ (٤) ”دت پراڌ دنڊ“ (پوين ٻن قسمن جي ڍلن جو ورنن (ذڪر) گھڻو ڪري سڀني ڀومي دان پترن ۾ اچي ٿو). (٥) ”داني“ (آڳاٽي گجراتي ٻوليءَ ۾ بھ ملڪ جي حد تي ”ڪسٽمس“ ڍل اڳاڙيندڙ کي ”داني“ (customs officer) چوندا ھئا). (٦) ”سرو- پاٽ- آڀياگام- دانيھ“ (ھن جو مطلب شايد ھو اڪٽ جي ڍل) (٧) ”پوترا“ (پوتر معنيٰ ٻيڙين رستي جيڪو مال ايندو ھو، ان تي ڍل). (٨) ”مارگڪ“ (رستي تي گم ٿيل شين جي واپس ملڻ تي ڍل يا شايد رستي تي ئي ورتل مال تي ڍل). ڏسجي ٿو تھ ڍلون، مکيھ ريت، زمين ۽ واپار تي ھيون.
سنڌ اندر راڄ جي جھلڪ:
جيڪي سڀ مٿي ڄاڻايو ويو آھي، تنھن مان اسان کي اولھھ سؤراشٽر ۾ اوائلي سنڌي راجائن جي ۽ سندن راڄ جي انتظام جي ڪجھھ خبر پوي ٿي. نھ رڳو ايترو پر جيڪڏھن ھي جئدرٿ ونشي راجائن جو گھراڻو تازو سنڌ مان لڏي آيو ھو تھ پوءِ جيڪو راڄ جو نمونو سنڌ ۾ چالو ھو، اھوئي سؤراشٽر ۾ جاري ڪيو ھوندائون. اھو سڀاويڪ آھي. جي اھو انومان صحيح آھي تھ پوءِ چئي سگھجي ٿو تھ عربن جي اچڻ کان اڳ سنڌ جي ڪن راجائن جو راڄ ڪھڙي نموني ھلندو ھو، ان جي سڌ اسان کي ھنن ڇھن دان پترن مان ملي ٿي. ھيل تائين علي ڪوفيءَ جو ١٢١٦ع ۾ لکيل ”چچنامو“، اسان جي لاءِ ھڪ ئي ڪتاب ھو، جنھن مان عربن کان اڳ جي ھندو راجائن جي ۽ سندن راڄ جي ڄاڻ ٿي ملي. پر ان مان وڌيڪ جنگين جو پتو ٿي پيو، ۽ نھ سندن راڄ پرٿا (راڄداريءَ) جو. اھا راڄ جي جوڙجڪ ڪھڙي ھئي، ان جي ھاڻي، ڏسجي ٿو تھ اسان کي ٿوري جھلڪ ملي آھي.
اتھاسڪ نتيجا:
اسين ھيٺين نتيجن تي ھاڻي اچي سگھون ٿا:
(١) جئدرٿ جي گھراڻي جو راڄ پرم پرا سنڌ ۾ مھاڀارت جي زماني کان وٺي ٧١٢ع تائين تھ رھيو، شايد پڇاڙيءَ جي زماني ۾ سنڌ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ سمنڊ جي ڀر ۾ ئي رھيو.
(٢) سنڌ ۾ راڄ وڃائڻ بعد ستت ئي (ويھن کن سالن اندر) ان گھراڻي جي سنڌي راجائن سؤراشٽر ۾ اچي پنھنجو نئون راڄ قائم ڪيو ٿو ڏسجي.
(٣) عربن سان ڪيتري مدت تائين سندن لڙايون پئي لڳيون، پر عرب مٿن ڪابھ پڪيءَ ريت سوڀ پائي نھ سگھيا. پاڻ ڪن موقعن تي عربن ھار کاڌي.
(٤) ھيءُ سنڌي راڄ ھڪ زبردست سامونڊي طاقت ڪري ليکيو ويندو ھو.
(٥) سندن درٻار ۾ ھوشيار پنڊت ۽ سنسڪرت جا ڪوي ۽ ٻيا ڄاڻو رھندا ھئا.
(٦) ڪن سرڪاري ڪمن ۾، جيئن تھ ڀومي دان جي لکتن ۾، سنسڪرت ٻوليءَ جو واھپو ھو، تنھن ڪري اھي لکتون آڳاٽي ديوناگري لپيءَ ۾ لکيون وينديون ھيون.
(٧) سنڌ جي راجائن جي راڄ جي پرٿا (جوڙجڪ) چڱي نيم پٽاندڙ ٿي ڏٺي ۽ راڄ جي ڌار ڌار ڪمن لاءِ نرالا کاتا ۽ ڪرمچاري (ڪارڪن) ھئا.
(٨) ڍلون اڪثر ريت زمين ۽ واپار تي ھيون.
١٩٤٧ع تائين جئدرٿ گھراڻي جو راڄ؟
مٿئين جئدرٿ جي نسل وارن سنڌي راجائن جي پرم پرا راجائي، ڪڏھن زور ڪڏھن ضعيف، شايد ھندستان جي آزاديءَ جي زماني (١٩٤٧ع) تائين چالو ھئي! پوربندر جا راڻا، ڪن اتھاسڪارن (تاريخدانن) جي راءِ موجب، انھيءَ ئي ”سئنڌو“ گھراڻي جا آھن. پوربندر جي راڻن جي، ڀٽن جي ڪوتائن ۾ سندن گھراڻي جي لڳاتار ١٧٨ راجائن جا نالا آھن، جن جون ڌار ڌار وقتن تي نراليون راڄڌانيون ھيون. ڊاڪٽر آلٽيڪر رايو ڏنو آھي تھ پوربندر جي راڻن جي، گھراڻي جو نالو ”جيٺوا“ يا ”ڄيٺوا“ جئدرٿ اکر مان ئي ڦري ٺھيو آھي. سنسڪرت جا اکر جن نيمن پٽاندڙ ڦري پراڪرت روپ وٺندا آھن، انھن نيمن موجب ”جئدرٿ“ ڦري ٿيندو ”جئرٿ“ ۽ پوءِ ”جئٺ“ ۽ ان مان ”جيٺ يا ڄيٺ“، ۽ ڇاڪاڻ تھ سڄي جاتيءَ ڏي اشارو آھي، ان ڪري ”جيٺ“ مان ٿيو آھي ”جيٺوا“. ھن راءِ کي تصديق ان مان ٿي ملي، جو پوربندر جا راڻا، جيڪي ”جيٺوا“ گھراڻي جا آھن، تن جو اھوئي اتھاس آھي تھ سندن وڏا صدين کان گھملي ۾ (جتي ”سئنڌو“ راڄ ھو) اتي راڄ ڪندا ھئا! (Epigraphia Indica Vol xxvi, 188)
ھيءَ ھڪ تمام دلچسپ حقيقت ٿي ڏسجي ۽ اونھي کوج جي لائق آھي ۽ ان بعد سنڌين جي اتھاس جو ھڪ ننڍو باب ٺھي سگھي ٿو.
سنڌ تي عربن جي ڪاھھ کان پوءِ، ڪڇ ۽ سؤراشٽر جي ٻين بھ ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ سنڌين جو راڄ ٿيو. اھي سنڌي راجا سنڌ جي يادو گھراڻي يعني سري ڪرشن جي جاتيءَ وارن جي نسل مان پيدا ٿيل سما گھراڻي جا ھئا. اھا ڪھاڻي نرالي آھي ۽ اميد تھ ٻين ليکن ۾ ڏني ويندي.