سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (562) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     64676   ڀيرا پڙهيو ويو

ھند سنڌ جي ٻولين جو پراچين (قديم)ساھت


ھند ۾ صدين کان سنسڪرت سان گڏوگڏ ڌار ڌار پرانتڪ (علائقائي) ٻولين ۾ بھ ساھت پئي رچيو ويو آھي. ڪن ٻولين ۾ اڳ تھ ڪن ۾ پوءِ. اھو ساھت جھوني زماني ۾ ئي لکت ۾ اچي ويو. انھن ٻولين ۾ ڪتاب رچجي ويا، ڪن ٻولين ۾ ڪوتائون ماڻھن جي چپن تي ايترو چالو ھيون، جو ڄڻ لکيل ڪتاب ھئا. انھن ٻولين ۾ پراڻيون رچنائون، نظم توڻي نثر، زباني ڪي لکت ۾، سڀ اڄ موجود ڪونھي، ڪنھن زماني ۾ شايد ھيون، پر اڄ ڪي عدم پيدا آھن. زماني جي دؤر ۾ غرق ٿي ويا. خبر نھ آھي تھ کوجنائن بعد وري بھ ڪي مٿي تري ايندا يا نھ!

تامل (مدراس جي) ٻوليءَ ۾ پراڻي ۾ پراڻو ڪتاب، جو اڄ بھ موجود آھي سو آھي ”ٺولڪڪ“ اھو تامل ٻوليءَ جو وياڪرڻ آھي. عيسوي سن کان اٽڪل ھڪ صدي اڳ جو لکيل آھي، ھيءُ ڪتاب عيسوي سن کان ڪجھھ اڳ ۽ ڪجھھ پوءِ لکيل ساھت تامل ڪوتائن جو سنگھھ. ٣٦ ھھ ڌاري لکت ۾ آندو ويو.

ڪنارا (مئسور جي) ٻوليءَ ۾ سڀ کان پراڻو پستڪ (ڪتاب) جيڪو ھٿ لڳو آھي، سو آھي ”ڪويراج مارگ“، جيڪو نائين صديءَ جو آھي. ڪوتا ڪيئن لکجي، انھيءَ وشيھ (موضوع) تي راجا نرپ تِنگ اھو پستڪ لکيو ھو.

بينگالي ٻوليءَ ۾ اڄ بھ موجود جھوني ۾ جھونو ڪتاب آھي. ڏھين صديءَ جو ”چاريھ پدا“. منجھس چاليھھ بيت آھن. ان کان پوءِ جو موجود پستڪ آھي. ”شري ڪرشن ڪيرتن“ ھيءَ ھڪ وڏي بينگالي ڪوتا، چوڏھين صديءَ ۾ چندي داس جي لکيل آھي.

اڙيا (اوڙيسا جي) ٻوليءَ ۾ سڀ کان ڪھنو موجود ڪتاب آھي

”مدلا پنجي“ جو اتھاس. اھو ليکڪ چولاگنگاديو يارھين صديءَ ۾ لکيو ھو. اڄ تائين جگنناٿ پري جي مندر ۾ اھو پستڪ رکيل آھي. ان ۾ اٽڪل ٻارھين صديءَ ۾ مارڪنڊ داس جو لکيل ”ڪيسا ڪوئلي چوئسا“، (چوٽيھھ بيت) بھ موجود آھن.

تيلگو (آندرا ديس جي) ٻوليءَ ۾ پراڻو ۾ پراڻي موجود ڪتاب آھي ”مھاڀارت“ جو تيلگو ترجمو، ھن ٻوليءَ ۾ ننيھ ڀٽ اھو ترجمو ڪيو.

ڪوڻڪيءَ ٻوليءَ ۾ سڀ کان جھونو ڪتاب آھي ”ڀارتي............، شلي سوريءَ اھو ڪتاب ١١٠٠ع ڌاري ڪوڻڪيءَ ۾ لکيو. چوڏھين صديءَ جو ترنا....... ڀا جو”.........ٽيشٽڪ ٻاتو ٻوڌ“ ۽ ٻيا ڪتاب ۽ پندرھين صديءَ ۾ لکيل ڪتاب ”پرٿويچندر سچرت“ ”رتمل ڇند“، ”ڪانھددي پرٻنڌ“، ”ومل پرٻنڌ“ ۽ مشھور نرسي ميھتا جون ڪوتائون انھيءَ زماني کان موجود آھن.

پنجابي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پراڻو اڄ بھ موجود ساھت آھي بابا فريد جو ڪلام، جو ٻارھين- تيرھين صديءَ جو آھي. بابا فريد ١١٧٣ع ۾ ڄائو ۽ ١٢٦٥ ۾ وفات ڪيائين. ان بعد گرونانڪ جي پنجابيءَ ۾ واڻي پندرھين صديءَ جي موجود آھي.

ڪشميري ٻوليءَ ۾ جھوني ۾ جھونو موجود ڪتاب آھي ”مانييھ پرڪاش“ ۾ شوپنٿ تي، شتِڪنٺ جو رچيل آھي. اھو تيرھين صديءَ ۾ لکيو ويو ھو. ساڳيءَ صديءَ جي لال ڍيڍ ۽ نند رشيءَ جا پستڪ بھ موجود آھن. ڪشمير جي بادشاھھ زين العابدين جي دربار جي ڪوي ڀٽ اوتار جي وڏي ڪوتا ”بان سور ڪٿا“ پندرھين صديءَ جي لکيل آھي.

مليالم (ڪيرالا جي) ٻوليءَ ۾ سڀ کان پراڻو موجود پستڪ آھي تيرھين صديءَ جو ”رام چرتم“. پندرھين صديءَ ۾ ”ڪرشڻ پاٽو“ ڪتاب لکيو ويو.

مرھٽيءَ ۾ ١٢٩٠ع يعني تيرھين صديءَ ۾ گيتا جي سمجھاڻيءَ تي ”گيانيشوري“ جھوني ۾ جھونو موجود پستڪ ليکيو ويندو آھي.

آسامي (آسام جي) ٻوليءَ ۾ سڀ کان پراڻو ڪتاب، جيڪو اڄ بھ موجود آھي، سو آھي ”پرتر ھراد چتر“. اھو تيرھين صديءَ ۾ ھيمچندر سرسوتيءَ لکيو ھو. اھو سڄو ڪوتا ۾ آھي. چوڏھين صديءَ ۾ ماڌو ڪنڊليءَ ”رامائڻ“ جو آسامي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. پندرھين صديءَ ۾ شري شنڪر ديو ”ڀاڳوت“ جي ھڪ ڀاڱي جو ترجمو ڪيو، ”ڪيرتن گھوش“ رچيو ۽ ڪيترا ئي ڌرمي ناٽڪ ۽ ڪوتائون لکيون.

سنڌي ٻوليءَ جو ڪھڙو پراڻو ساھت اڄ موجود آھي. اھو ھڪ دلچسپ سوال آھي.

قاضي قاضن پندرھين - سورھين صديءَ جو قاضي ۽ شاعر آھي. ڳچ وقت ٺٽي ۾ ھو. ارغونن جي ڪاھھ وقت سندس ڪٽنب کي گھڻو سھڻو پيو. سندس سنڌي شعر گھڻوئي ھوندو، پر رڳو ست بيت اڄ موجود آھن. *سندس وفات ١٥٥١ع ۾ ٿي. سندس شعر بھ سورھين صديءَ جو چئبو. پندرھين صديءَ جو ھڪ بيت محمد اسحاق جو بھ موجود آھي. ھڪ سنڌي بيت گرنٿ صاحب ۾ بھ چيل آھي، سو سترھين صديءَ کان اڳ جو ڏسجي ٿو، جو محلا پنج ۾ درج ڪيل آھي.

پوءِ تھ ھي سڀ جزوي بيت چئبا، جن جي ڀيٽ ٻين ٻولين جي جھوني ساھت سان نٿي ڪري سگھجي. سنڌيءَ ۾ اڄ جھوني ۾ جھونو ڪتاب، جو موجود آھي. سو چئبو شاھھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو سنڌي ڪلام، جيڪي اٽڪل ١٢٥ بيت آھن. شاھھ عبدالڪريم ١٥٢٧ع ڌاري ڄائو ۽ ١٦٢٣ع ۾ وفات ڪيائين. چئبو تھ سندس ڪلام سورھين ۽ سترھين صديءَ جو آھي.

منھنجو حال اھو رايو آھي تھ سنڌي ٻوليءَ جو بھ پراڻو ساھت ھو، جنھن جو ڪونھ ڪو انگ، راجسٿان يا گجرات جي پستڪ ڀنڊارن مان ڪنھن وقت لڀي اچي. اھا ڳالھھ ويساھھ ۾ نٿي اچي تھ سنڌ جي ھندو شاعرن عربن جي فتح کان اڳ ڪوبھ شعر سنڌيءَ ۾ نھ چيو ھوندو، ڪوبھ پستڪ نھ لکيو ھوندو. ڪجھھ ثابتي آھي تھ سنڌ ۾ ان زماني ۾ ڪي وڏا ودوان (عالم) ھئا. عربن جي دؤر بعد بھ سنڌي شاعر ھئا، جن مان اٺين صديءَ ۾ ھڪ ڄڻو عربستان ۾ فضل بن يحيٰ جي درٻار ۾ پھتو ھو، جتي ھڪ سٺي سنڌي بيت ٻڌائڻ تي کيس ھڪ ھزار دينار ۽ ٻيا انعام مليا ھئا.

ڪڇي ٻولي، جا سنڌيءَ جي سڳي ننڍي ڀيڻ آھي، ان ۾ بھ ”مامئھ ڏيو“ جا بيت آھن. ڪڇ جي ڪھاڻي آھي تھ ڄام نظام الدين، جنھن کي ڄام نندو بھ چوندا ھئا، تنھن جي ماءُ ڪڇ جي ھئي. ڪڇ ۽ سنڌ جي سمن راجپوتن جو ھڪ ڪڇ ۾ رھندڙ ھندو ساڌوءَ ۾ وشواس ھو. ڄام نندي جي ماءُ کيس ڀاءُ ڪري ليکيندي ھئي، ان ڪري ڄام نندو کيس مامو ڪري سڏيندو ھو. انھيءَ ”مامئھ ڏيو“ جا ڪل اٺاويھھ بيت اڄ بھ موجود آھن. پھريون بيت ھيٺيون آھي:

”جان سمو تان سامئھ، جان نندو تان راڄ،

سما ڇڊيندا سنڌري، ٿيندا آنڊي اڪاڄ“

ڄام نندي جو سنڌ ۾ راڄ ١٥٠٩ع ۾ پورو ٿيو. سندس مرڻ بعد سنڌ ۾ بدانتظامي ٿي سمن جا پاڻ ۾ تڪرار ٿيا. ستت ئي ارغونن جون ڪاھون ٿيون. سمن جي ڪڇ ڏي لڏپلاڻ ٿي ۽ ١٥٢١ع ۾ ارغونن جو راڄ ٺٽي ۾ قائم ٿيو. مٿئين بيت ۾ انھن ڳالھين ڏانھن اشارو آھي.

سنڌ ۾ وري ”ماموئي“ جا بيت مشھور آھن. اھي ڪل ست بيت (پندرھن سٽون) موجود آھن. ھي آھن ماموئي جا بيت:

١- ھاڪ وھندو ھاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بھھ، مڇي ۽ لوڙ، سمي ويندا سوکڙي.

٢- وسي وسي آر، جڏھن وڃي ڦٽندو،

ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمين وڪبو.

٣- ڪاري ڪاٻاري، جھيڙو لڳندو ڇھھ پھر،

مر مڇي ماري، سک وسندي سنڌڙي.

٤- مر مچي ماري، مر مچي ڪھڙا پار،

ھيٺين ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.

٥- لڳندي لاڙان، سؤ نڪو ٿيندو سري ۾،

جڏھن ڪڏھن سنڌڙي، اوڳاڻا وڻاھھ.

٦- نيرا گھوڙا ڏٻرا، اتر کون ايندا،

گھاگھيريون گسن تي، وراھي ويندا،

تھان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا.

٧- اچي ويھجا ماڙھئا، ننگر جي آڌار،

پراڻا پرار، نوان م اڏجا نجھراءِ“.

مٿيان ست بيت ھڪ ئي وقت جا چيل ڪونھ ٿا ڏسجن. بيتن جي بناوٽ ھڪ ٻئي کان نرالي آھي. منجھن ڄاڻايل تاريخي واقعا بھ نرالن وقتن جا آھن. شايد ڪن صدين جو ويڇو ھجي. اروڙ جي ٻنڌ ٽٽي، تنھن کان صديون پوءِ تاجاڻين جا طبل سنڌ ۾ وڳا. تاجاڻي تاجڪن کي چوندا ھئا. تاجڪ اھا مغل ذات آھي، جنھن مان ارغون پيدا ٿيا، جن جو سنڌ تي راڄ ١٥٢١ع ۾ شروع ٿيو. ماموئيءَ جي بيتن ۾ انھيءَ تاريخي واقعي ڏانھن اشارو آھي. پڌرو آھي تھ گھٽ ۾ گھٽ ڇھون بيت سورھين صديءَ جو آھي. ٻيا ڪي بيت ڄام تماچيءَ کان ٿورو پوءِ جا آھن. ڄام تماچي پھريون، دھليءَ جي بادشاھھ علاؤالدين خلجي (١٢٩٦- ١٣٠٦ع) جي زماني جو ھو. سو انھن ستن بيتن مان ڪي چوڏھين صديءَ جا ھجن.

مٿي ڄاڻايل حقيقتن مان نتيجو اھو ٿو نڪري تھ، سواءِ ٻن ٽن چوڏھين پندرھين صديءَ جي بيتن جي، پراڻي ۾ پراڻو موجود سنڌي ساھت آھي. سورھين صديءَ جا ماموئي جا چار پنج بيت مامئھ جا اٺاويھھ، قاضي قاضن جا ست ۽ شاھھ عبدالڪريم جا ١٢٥ بيت. شاھھ عبداللطيف تھ ارڙھين صديءَ جو شاعر آھي. ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ جو وڏو ساھت بلڪل ٿورو موجود آھي. سنڌيءَ ٻوليءَ جو اتھاس ان ڪري اڃان اڻپورو آھي. ٻاھرين ڀنڊارن مان شايد پورائو ٿئي.

 

*  إکجۑ ێڵۑ ێۑڎۑ سڥڎ ێڥ ښۇ تإڎێڷ بۑج ێح ڥۑإ.(ڎڦۑڵ ڶۆڎإیۑ)