ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64672 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻوليءَ جي اتھاس ۾ ھند جي ڀاشا وگيانين (ٻوليءَ جي ماھرن) جي گھڻي ئي دلچسپي آھي. سندن چوڻ آھي تھ ڪن ٻين ڀارتي ٻولين جي اتھاس ۾ جيڪو خال آھي، سو سنڌي ٻوليءَ جي اتھاس وسيلي شايد ڀرجي سگھي. سبب اھو ٿا ڏين تھ سنڌي ٻوليءَ ۾ زماني گھڻو ڦيرو ڪونھ آندو آھي. اکرن جي بناوت صدين کان ساڳي آھي. ٻين ڪن ٻولين ۾ چڱي بدلي آھي. اکرن جا پراڻا روپ ڪيئن بدليا ۽ وچ وارا روپ ڪھڙا ڪھڙا ھئا، انھيءَ لاءِ انھن ٻولين مان پوريون حقيقتون ھٿ ڪين اچي سگھيون آھن. سو سنڌي ٻوليءَ جي اتھاس ۽ اکرن جي وڪاس (ترقيءَ) ۾ سندن گھڻو چاھھ آھي، جو ان مان مٿئين خال ڀرڻ جي اميد اٿن.
سنڌي ٻوليءَ جو نسل ڪھڙو آھي، ان ۾ بھ سندن دلچسپي آھي. ھن سوال جي اڃا وڌيڪ کوج ٿيڻ گھرجي. ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجي، ھندستان جي سڀني ۾ مکيھ ڀاشا وگيانيءَ (ٻوليءَ جي ماھر) جو تھ اھو رايو آھي تھ سنڌي ٻوليءَ جي نسل جو پتو، پڪيءَ ريت، پراڻن نج سنڌي- روپ وارن (تدڀو) اکرن جي اتھاس مان پوندو.
اسان جي ٻوليءَ ۾ اڄ ڪيترا اکر آھن، جي سنڌي نھ آھن، پر سنسڪرت يا ھندي ٻولين جي ڄاڻندڙن سنڌيءَ ۾ چالو ڪيا آھن. مثال، ”جنم“ ٻاھريون اکر آھي. اسان جو اکر آھي ”ڄم“. ”جنم“ اکر سنڌي ٻوليءَ ۾ ھندستان جي ساھتيھ (ادب) مان آيو آھي. گھڻا ئي سنسڪرت- روپي اکر (تتسم ۽ ارڌ- تتسم) اسان اڌارا ورتا آھن. انھن مان ڪيترا پراڪرت ۽ اپڀرنش وارين منزلن جي وقت، نج سنڌي روپ ۾ بھ اسان وٽ موجود ھئا. حال منھنجو رايو آھي تھ ٻاھران سنسڪرت- روپي اکرن اچڻ جا ٽي ڪارڻ آھن. ھڪ تھ ١٦- ١٧ صديءَ بعد ٻاھرين ھندن جو سنڌ ۾ اچي نواس (قيام) ڪرڻ. ٻيو تھ ”گرنٿ صاحب“ جي واڻيءَ جو سنڌ ۾ پرچار ٿيڻ. ٽيون تھ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ جي ھندن ۾ ھندو ڌارمڪ (مذھبي) ۽ ٻئي ساھتيھ جو چالو ٿيڻ.
سنڌي ٻوليءَ جي اتھاس ۽ سندس اکرن ۽ وياڪرڻ جي جنم ڪھاڻي پوري اڀياس ۽ کوج بعد لکڻ جو اھم ڪم تھ ڪي سنڌيءَ جا ڄاڻو نوجوان اڄ پڄاڻان ڪن. ھن سوال سالن جو پورھيو لھڻو.
تنھن ڏينھن ھڪ سنڌي اکر ڌيان ڇڪايم. سنڌ ۾ ھفتي جي ڏينھن مان ڪن لاءِ ٻھ نالا ڪم ايندا آھن. ھڪ نالو سنڌي مسلمان ڪم آڻين، ٻيو سنڌي ھندو.
ست ئي نالا ھيٺين ريت اچاربا آھن:
سنسڪرت |
سنڌي مسلمان |
سنڌي ھندو |
سوموار |
سومر |
سومر |
منگل وار |
اڱارو |
منگل |
ٻڌ وار |
ٻڌر (اربعا) |
ٻڌر |
برھسپت وار |
خميس |
وسپت |
شڪر وار |
جمع |
جمع، ٿارون |
شنيوار |
ڇنڇر |
ڇنڇر |
آدتيھ وار |
آچر |
آرتوار، ائتوار، ائتوار |
عام ريت سنڌي ھندو ائين سمجھندا آھن تھ ”اڱارو“ ڪو خاص اسلامي اکر آھي. ”منگل“ بدران ”اڱارو“ چوڻ ۾ ڪن ھندن کي ھٻِڪ ٿيندي آھي. ساڳيءَ ريت ”آرتوار“ بدران ”آچر“ چوڻ ۾.
جيڪي مسلمان سنڌ ۾ ”اڱارو“ اکر ڪم آڻين ٿا، سي اھي آھن، جي عربي ڪاھھ کان اڳ سنڌ جا ھندو رھاڪو ھئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا. مثلا سما، لاکا، سھتا، لھاڻا ۽ جت، اِھي اصلوڪين سنڌ جي ھندو ذاتين جا نالا آھن. اِھي محمد بن قاسم جي زماني کان بھ آڳاٽيون ذاتيون ھيون. راجا ڏاھر، توڙي سندس پيءُ راجا چچ کان بھ اڳ جون ھيون. ”اڱارو“ اکر عربي يا پارسي ٻولين مان سنڌي ڳوٺاڻن مسلمانن ڪونھ کنيو آھي. انھن ٻولين ۾ اھو اچار ۽ اکر آھي ئي ڪونھ. ٻنھي ٻولين ۾ ”منگل“ لاءِ نرالو نالو آھي. عربي ۽ پارسي لپيءَ ۾ تھ ”ڱ“ جو اکر ئي ڪونھي.
”اڱارو“ ھڪ ڪھنو سنڌي اکر آھي، جنھن جو لاڳاپو ھندستان جي ٻولين سان آھي. ”مھاراشٽري“ ھڪ پراڻي پراڪرت جو نالو آھي، جنھن مان ڪن ڄاڻن جو چوڻ آھي تھ مرھٽي ٻولي نڪتي آھي. اھا ٻولي ھاڻوڪي مھاراشٽر، ودرڀ، اتر پاسي ڪن ڀر وارن پرڳڻن ۽ راجسٿان جي ڪن ڀاڱن ۾ چالو ھئي. ڪي ڄاڻو تھ کيس ان کان بھ ڪشادو کيتر (ميدان) ڏين ٿا. انھيءَ ٻوليءَ جو ھڪ پراڻو پستڪ (ڪتاب)آھي، جنھن جو نالو آھي ”ستسئي“. اھو عيسوي سن جي شروعات جي زماني جو ليکبو آھي، يعني اٽڪل ٻھ ھزار ورھيھ پراڻو. ان ۾ انھيءَ زماني جون ۽ ان کان بھ آڳاٽي سمي جون ڪوتائون آھن. مڙيئي ست سؤ دوھا (بيت) آھن. ان ڪري پستڪ (ڪتاب) جو نالو رکيل آھي ”ستسئـِِـي“. انھيءَ پستڪ (ڪتاب) جي ٢٦٤ ھين بيت ۾ اھو پراڻو اکر ”انگارءَ وار“ يعني منگل ڪم آندل آھي. سنسڪرت جي مشھور لغت ”امرڪوش“ ۾ بھ اھو ساڳيو اکر ”انگارڪ وار“ ڏنل آھي ۽ معنيٰ لکيل آھي ”منگل وار“، ”انگارڪ وار“ شڌ (پاڪ صاف) سنسڪرت روپ انھيءَ اکر جو آھي. پراچِين (قديم) مھاراشٽري جي پراڪرت منزل وقت روپ ھوس ”انگارءَ وار“. گھڻن ڄاڻن جو رايو آھي تھ ”امرڪوش“ ٥ عيسوي صديءَ جو لکيل آھي؛ عربن جي ڪاھھ کان اٽڪل ٣ سؤ سال اڳي.
”ستسئي“ جي انھيءَ ٢٦٤ نمبر دوھي جي اٽڪل ٻھ ھزار ورھيھ پراڻي مھاراشٽري (پراڪرت) ٻولي اِجھا ھيءَ آھي:
”گھرڻي گھڻٿڻ پيلڻ
سھيلي پڙئس ھونت پھئس
اوسؤڻ انگارءَ وار
وٺ دئھا سھاونتي“
معنيٰ آھي:
(جي) ”گھر واريءَ (جي) گھڻو تڻو پريرڻا (ھجي)
(تھ) سکي ٿئي ڪريل (بھ) (۽ سندس) پويان
اپسوڻ (واري) انگارءَ وار (منگل گره)
جي (ڪرڻن) پوڻ جا ڏينھن (بھ) سک وارا (ٿين)
”نو گرھھ ستوتر سنگرھھ“ ھڪ ننڍو پستڪ (ڪتاب) آھي، جنھن ۾ نون گرھن جي اِستتي (حالت) ۾ چيل پراڻا سنسڪرت جا سلوڪ لکيل آھن. منگل گرھھ تي جيڪي ١٢ سلوڪ لکيل آھن، سي ”رڻموچڪ منگل ستوترم“ جي سري ھيٺان لکيل آھن. ڄاڻايل آھي تھ اھي سڪند پراڻ مان نڪتل آھن ۽ ڀارگو رشيءَ جا چيل آھن. انھن ١٢ سلوڪن مان ٽن سلوڪن ۾ منگل جو ٻيو نالو ”انگارڪ“ ڏنل آھي. مثال طور رڳو ھڪ سلوڪ ٿو ڏيان:
ستوترم انگارڪ سيئتت
پڙھنييم سدا نر ڀِيھي
نھ تيشام ڀؤمجا پيڙا
سولپاپ ڀوتِ ڪواچِت
معنيٰ آھي:
انگارڪ جو ستوتر
(جيڪي) نر (ماڻھو) سدا پڙھندا
تن کي ڀؤم (منگل جو ٽيون نالو) جي پيڙا
تمام ٿوري ٿيندي (سا بھ) ورلي.
مٿيون سنسڪرت پستڪ ھندن جو ڌرمي پستڪ ڪري ليکبو آھي ۽ مھاراشٽر جون ۽ ٻيون زالون بھ روز ان جو پاٺ ڪنديون آھن.
ھاڻوڪي زماني تائين راجسٿاني ٻوليءَ ۾ بھ منگل لاءِ ٻيو اکر آھي ”اڱري وار“. راجسٿان تھ پراڻي ھندڪي ڀومي (زمين) آھي. اھو اکر سندن ئي پراڻي ٻوليءَ جي پيدائش آھي.
ھاڻوڪي مرھٽيءَ ۾ بھ اڄ تائين ”منگل“ کي اڳين پيڙھيءَ جا ماڻھو ”انگار وار“ بھ چوندا آھن. سنسڪرت مان نڪتل ٻيا اکر، جن ۾ ”ن“ ۽ ”گ“ ھڪ ٻي پٺيان ايندا آھن ۽ اچارڻ ۾ زور ”گ“ تي ھوندو آھي. تن جو اچار سنڌيءَ ۾ ”ڱ“ ٿيندو آھي، جيئن سنڌي اکر ”آڱر“ ۽ ”اڱڻ“ ٺھيا آھن. ساڳيءَ ريت، جنھن کي پراچين مھاراشٽريءَ ۾ ”انگارءَ وار“ ۽ ھاڻوڪي مرھٽيءَ ۾ ”انگار وار“ چون، تنھن کي سنڌيءَ ۾ ”اڱارو“ چئون. سنسڪرت جو اکر ”وار“ (يعني ڏينھن) ٻين ڏينھن جي حالت ۾ بھ سنڌيءَ ۾ سسائي ڇڏبو آھي، جيئن سوموار سسي سومر ٿيو آھي.
مٿين حقيقتن مان پڌرو آھي تھ ”اڱارو“ ھڪ پراڻو سنڌي اکر آھي جو سنڌ جي آڳاٽي زماني جي ماڻھن پئي ڪم آندو. ٧١٢ع بعد جيڪي ھندو مسلمان ٿيا، تن پوءِ بھ، جيئن سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا اکر پئي ڪتب آندا آھن، تيئن اڳي وانگر ھي ”اڱارو“ اکر بھ پئي ڪم آندو آھي. باقي ٻيا ھندو، گھڻي ڀاڱي، سنڌ مان لڏي ڪڇ ۽ راجسٿان ۽ ملتان پاسي ويا. ڪي ٿورا ھندو سنڌ جي اوڀر ڏکڻ وارن ھنڌن ۾ رھيا، جن مان بھ جھجھا آھستي آھستي مسلمان ٿيندا ويا.
٧١٢ع کان پوءِ اڄ تائين، سنڌ کان ٻاھران آيل مھاراشٽر يا راجسٿان جي، يا ٻي ڪنھن ٻاھرين ھندستاني قوم جي حڪومت سنڌ تي ڪانھ ٿي، جنھن جي ڪنھن ٻاھرين ٻوليءَ جو اثر سنڌ جي ننڍڙن واھڻن جي مسلمانن تي ايترو ٿيو ھجي، جو ان حڪومت جي ٻوليءَ مان ھنن ”اڱارو“ اکر جھٽيو ھجي. نڪي ڪي اھا ڪا ٿيڻي آھي تھ مسلمانن اھو اکر جھٽيو، پر سنڌ جي ھندن نھ جھٽيو! الٽو ان کي ھنن اسلامي اکر ڪري سمجھيو!
ظاھر پيو لڳي تھ اھو ”اڱارو“ اکر ٧١٢ع کان آڳاٽو آھي. جي پراچين ”مھاراشٽريءَ“ ۾ عيسوي سن جي شروعات ڌاري چالو ھو تھ پوءِ سنڌي ڀاشا (ٻولي) ۾ بھ شايد اوتروئي ڪھنو ھجي، يعني اٽڪل ٻھ ھزار ورھيھ پراڻو. مٿئين قديم پستڪ جو نالو ”ستسئي“ سنڌي اکر ”ست سؤ“ جي بلڪل ويجھو آھي. ”مھاراشٽري“ ۽ سنڌي ڀاشائن جي ناتي جي اڃا تھ کوج ئي ڪانھ ٿي آھي. گھڻيئي سنڌي اڄ مرھٽن جي وچ ۾ رھن ٿا. ھاڻوڪي مرھٽي ٻوليءَ سان ھاڻوڪي سنڌيءَ جي ناتي سمجھڻ لاءِ کين سٺو وجھھ آھي. سنڌيءَ جي ڪن ڄاڻن کي مرھٽيءَ جو اونھو اڀياس ڪري، انھيءَ ناتي تي روشني وجھڻ گھرجي. مرھٽي ۽ سنڌي ٻوليون ڪيڏو ھڪ ٻئي جي ويجھو آھن، سو ھيٺين ٻن ٽن مثالن مان ڏسي سگھجي ٿو:
سنڌيءَ ۾ اسين چئون ”پاڻي آڻ“. مرھٽيءَ ۾ بھ بنھھ ساڳيا اکر ”پاڻي آڻ“ ڪم آڻين. اسين چئون ”ھيءُ ماڻھو چڱو آھي“. مرھٽي ۾ چون ”ھي مانس چانگلا آھي“. اسين چئون ”تنھنجو ڀاءُ ڪٿي“. مرھٽي ۾ چون ”تمچا ڀائو ڪٺي“. ”تمچا“ جي ”چ“ اصلوڪي مرھٽي اکر جو پورو اچار ڪونھ ٿي ڏيکاري. سچ پچ اھو اچار اسان جي ”ج“ جي ويجھو آھي. جنھن کي اسين ”سيڄ“ چئون تنھن کي مرھٽي ۾ ”سيج“ چون. پراچين ”مھاراشٽريءَ“ ۾ ”سيجا“ چون. ”سيج“
۽ ”سيجا“ اکر اسان جي ٻوليءَ ۾ بھ اڄڪلھھ ڪم آڻين. شايد پوين صدين ۾ ھندستان جي ٻولين مان ورتل آھن. وري ساڳيو ئي ”آھي“ اکر سنڌي توڙي مرھٽيءَ ۾ آھي ۽ ساڳي معنيٰ اٿس ۽ وياڪرڻ جي نيم پٽاندڙ سنڌيءَ وانگر مرھٽيءَ ۾ بھ سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو آھي.
ڀانئجي ائين ٿو تھ جيئن ھاڻوڪي مرھٽي ۽ سنڌيءَ جو لاڳاپو آھي، تيئن آڳاٽي سنڌي ۽ پراچين ”مھاراشٽريءَ“ جو بھ پاڻ ۾ ڪو ناتو ھو. مٿئين ٻھ ھزار سال پراڻي مھاراشٽري پراڪرت جي سلوڪ ۾ بھ اسين پنھنجي سنڌيءَ جي اکرن سان ڪجھھ مشابھت ڏسي سگھون ٿا. مثلا:
گھر- گھڻو تڻو- سوڻ- اڱارو- وٺو (وسيو)
ائين ڪونھ ٿو چئجي تھ سنڌي ٻولي، پراچين مھاراشٽريءَ مان نڪتي آھي. پر ٻئي ڪنھن اڃا بھ جھوني ٻوليءَ مان ڦٽيون ٿيون ڏسجن.
سنڌيءَ جو تھ گجراتي ۽ راجسٿانيءَ سان بھ گھاٽو لاڳاپو آھي. ١٥٠٠ع سن ڌاري سنڌ جي ھڪ شاعر، قاضي قاذن جو ھي ڪلام چيل آھي:
جوڳيءَ جاڳايوس، نا تھ ستي ھئي آءٌ ننڊ ۾.
اڄوڪي راجسٿاني ۾ ھيئن چئبو:
جوگي نھ جگايو، نا تو سئي ھئي مون نينڊ ۾.
جھڙيءَ ريت ”اڱارو“ سنڌي ٻوليءَ جو پراڻو اکر آھي، تھڙيءَ ريت ”آچر“ بھ. ”آدتيوار“ مان ٿيو آھي ”آچر“. اھو بھ ڪھنو اکر ٿو ڏسجي. گھٽ ۾ گھٽ ستين صديءَ وقت تھ چالو ھوندو. عربي دور کان بھ آڳاٽو ٿو ڀانئجي. ٻن ھزار سالن کن جي ھڪ پراچِين پراڪرت (پالي) جي پستڪن ۾ ”آدتيوار“ کي ”آدچوار“ ڪري لکيو اٿن. ”آدتيوار- آدچوار- آئچوار- آئچر- آچر“ انھن روپن مان بدلجي ھن اکر اچي پڇاڙيءَ جو روپ ورتو ٿو ڏسجي. سنڌ جي راجا چچ جي پتا (پيءُ) جو نالو ھو ”شيلا دتيھ.“ اھو بدلجي ٿيو ھو ”سيلائچ“ جنھن کي سنڌ جي عربي تاريخ لکندڙن ”سيلائج“ ڪري لکيو. سنسڪرت جو ”د“ اکر ڦري ”ز“ ٿيو ۽ گڏيل اکر ”تيھ“ ڦري ”چ“ ٿيو. ٿي سگھي ٿو تھ ”آچر“ اکر بھ ڏيڍ ھزار کن ورھيھ جھونو ھجي. اھو نجو سنڌي (تدڀو) اکر آھي. آرتوار ۽ ائتوار يا آئتوار پوءِ جا آيل ارڌ- تتسم اکر آھن.
تيرھين صديءَ کان پوءِ سنڌ جي اترئين ڀاڱي تي پارسي ٻوليءَ جو پرڀاءُ (اثر) وڌيو. سورھين صديءَ کان پوءِ سڄيءَ سنڌ تي پارسي ٻوليءَ جو اثر ارغونن، ترخانن، مغلن، پٺاڻن، ڪلھوڙن، ميرن جي حڪومت ھيٺ چڱو وڌندو ويو. ”خميس“ ۽ ”جمع“ اکر سنڌ جي مسلمانن ۾ شايد انھيءَ زماني ۾ وڌيڪ چالو ٿيڻ لڳا. سنڌ جي ھندو رھندڙن ”جمع“ اکر جھٽيو، جو اھو ڏينھن عام ريت ملھايو ويندو ھو. ھندو ٿورڙا ھئا ۽ ھرھنڌ مسلمانن جي وڌيڪ وسئن ھئي. سو ھندو بھ ”جمع“ اکر ڪم آڻڻ لڳا. جيڪي ھندو سنڌ ۾ سورھين صديءَ بعد رھندا ھئا، تن جو وڏو ڀاڱو ٻاھران آيل ھو. انھن ”منگل“ ۽ ”آرتوار“ اکر شايد آندا ٿا ڏسجن. ملتان پاسي ”آرتوار“ کي ”ائتوار“ بھ چون. گجرات پاسي بھ اڳي ”آئتوار“ چوندا ھئا.
سنڌيءَ جون زير زمين پاڙون ڪيتري قدر آڳاٽيءَ مھاراشٽري، پراچين شؤرسيني ۽ پراڻين راجسٿاني، مرھٽي ۽ گجراتي ٻولين جي ويجھو پکڙيل آھن يا انھن مان ڪن سان ڳنڍيل آھن، تنھن جو اونھو اڀياس ٿيڻ گھرجي. نج سنڌي اکرن جي وڪاس (اوسر) جو اتھاس ٺھڻ کپي. سنڌي ٻوليءَ جي نسل جي کوجنا کلئي من ٿيڻ گھرجي.