Video

سُر سهڻي

سهڻيءَ جي قصي جي ڄاڻ سڀ ڪنهن کي آهي. هن جو ڪلائمڪس ڪجهه هينئن آهي. سياري جي رات آهي. اُڀ ڪارن ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي. چوڌاري اونداهه انڌوڪار لڳو پيو آهي. سخت طوفان پيو گهوگهاٽ ڪري. درياهه مستن وانگر موج ۾ اچيو پيو جهولي. ڪُنن جو ڪڙڪو پيو پوي. لهريون لوڙا پيون ڏين. کنوڻ جا چمڪاٽ پيا پون ۽ مينهن به اوهيرا ڪيو پيو وسي. ڄڻ ته قدرت پنهنجي وس آهر سهڻيءَ کي چتاءُ ڪري رهي آهي ته اڄ درياهه ۾ لهڻ جو خيال من تان لاهي ڦٽو ڪر. سهڻي جي دل ۾ به طرح طرح جا خيال ۽ خطرا اچڻ لڳا پر هيءَ دهلجڻ واري نه هئي. عشق جي انڌ وچان ڪچي گهڙي جي ڪل ئي نه پيس. ڪُنن ۾ ڪاهي پئي. جڏهن وچ سير ۾ پهتي تڏهن ڀيلو ڀُرڻ لڳو، پر هِن همت نه هاري ڪجهه وقت پيرن ۽ ٻانهن وسيلي ترندي رهي. سندس عضوا هڻي هڻي نستا ٿي پيا. هوڏانهن ميهار به سهڻيءَ جي انتظار ۾ هو. اوچتو سهڻيءَ جون دانهون ٻُڌي. پاڻ کي کڻي درياهه ۾ اُڇلايائين ۽ نيٺ سهڻي ۽ ميهار هڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري درياهه جي لهرن ۾ ملي عشق جي لهرين ۾ هميشه هميشه لاءِ ملي ويا ۽ هي داستان امر ٿي ويو.

هن داستان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏنل راڳ جي روپ ۾ تخليق ڪيل شِڪليون، سندس حياتيءَ جي دؤر کان بعد ۾ گذريل هلندڙ ۽ ايندڙ راڳين لاءِ ڳجهارت بڻيل آهن. ڪٿي پاڻ راڳ جي شڪلين جا عام ۽ مشهور نالا ڏنا اٿس ته ڪٿي راڳين لاءِ اهي به ڳجهارت بڻيل آهن. سُر سهڻي هڪ نامور راڳ جي شڪل آهي، پر هِن شڪل ۾ راڳ جو جنهن طريقي سان لطيفي چالو ڏنل آهي، تنهن چالي جو بانيڪار شاهه سائين پاڻ آهي. هند جي موسيقيءَ ۾ هي راڳ ماروا ٺاٺ آهي، جنهن کي هند ۾ اگمن شرم ميل چئبو آهي، هن راڳڻي جي شڪل اوڊو، کاڊو، يعني آروهي ۾ پنج سُر ۽ امروهي ۾ ڇهه سُر استعمال ۾ آڻبا آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي لکيل شاهه جي رسالي، (جنهن کي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران 1985ع بمطابق 1404هجري ۾ ڇپيو)، ۾ لکي ٿو ته هِن راڳ جو اصل نالو توڏي آهي ۽ هي ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي. راڳ جي علم جي لحاظ کان راڳ جي شڪلن جا ٺاٺ هوندا آهن. هرهڪ ٺاٺ جي شِڪل الڳ الڳ قائم ٿيل آهي. ديپڪ هڪ الڳ ٺاٺ جو راڳ آهي. سهڻي جو هڪ الڳ ٺاٺ هوندو آهي. هرهڪ ٺاٺ جي شڪل الڳ الڳ قائم ٿيل آهي. ديپڪ هڪ الڳ ٺاٺ جو راڳ آهي. سهڻي هڪ الڳ ٺاٺ جي راڳڻي آهي. شاهه سائين جن جي سنڌ جي روپ واري ڏنل چالي جو دنيا ۾ ڪوبه مَٽ ثاني نه آهي. سهڻي راڳ جو تعلق ماروا ٺاٺ سان آهي. هِن ٺاٺ جو تعلق هند جي موسيقي مطابق جيڪي 12 راڳ آهن، جن مان 6 راڳ ڏينهن جا ۽ 6 راڳ رات جا آهن. شام جا راڳ: پوريا، ماروا، جيت، گوري، سازگيري ۽ براري. آهن، صبح جي وقت جا راڳ: للت پنچم، بٺيار، بڀاس، ڀکار ۽ سهڻي آهن. سهڻي راڳ پڻ اُنهن صبح جي 6 اُتم راڳن مان هڪ راڳ جي حيثيت رکي ٿو.

هي سنڌ جي نج ۽ خاص سنڌي پرڪاش انگ سان جُڙيل 30 سُرن جو مجموعو آهي. سُر سهڻيءَ جي آلاپ مان پيدا ٿيندڙ سُر اهڙي ريت آهن. شاهه جا راڳي هِن شڪل ۾ ڪٿي ڪومل مڌم، گنڌار ڪومل، نکاد ڪومل جو استعمال ڪن ٿا. هن راڳ جي شڪل جي آلاپڻ جو وقت شام جو پهر آهي.

 

آروهي:         سا. گي. مي. ڌي. ني. سا                        وادي سُر: ڌيوت تيور (ڌي)

امروهي:       سا. ني. ڌي. مي. ڌي. گي. مي. گي. را. سا.         سم وادي سُر: گنڌار تيور (گي)

سا گي ما ما. ري پا. ما گي ما ري پا ڌي پا. ما گي ري سا.

 

سُر سهڻي جو لطيفي چالو

گي مي ڌي. گي مي گي. رَا سَا. ني سَا. گي گي. مي گي مي ڌي ني سَا

ڌي ني سَا رَا سَا. ني ڌي. مي ڌي ني ڌي. مي گَي مي گَي رَا سَا

سَا ني ڌي. مي گي مي گي. ڌي گي مي گي. سَا گي مي ڌي. ني ڌي

مي گَي مي گَي. رَا سَا. سَا رَا سَا

سَا گَي مي گَي رَا سَا. گَي گَي ني سَا. گَي گي مي ڌي ني سَا. رَا رَا

سَا. گَي رَا سَا. مي گَي رَا سَا. سَا ني ڌي. مي ڌي ني ڌي

مي گَي. ڌي مي گي. مي گَي رَا سَا