هي سُر سريراڳ هندستان جي سنگيت ۾ ملي ٿو. جيئن ته مون اڳ ۾ انهيءَ ڳالهه جو خلاصو ڪيو هو ته سنگيت جو تخليقڪار صرف اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن جو راڳن مطابق چالو پنهنجو ٺهيل هجي. اهڙي طرح هن داستان ۾ به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڏنل چالو تار اسٿان جي انگ سان سجايل آهي ۽ دنيا جا سڀ سنگيتڪار متفق آهن ته هي راڳ سنڌي پرڪاش راڳن مان هڪ آهي. هندستان جي مختلف سنگيتن ۾ سنڌي پرڪاش راڳن جي سڃاڻ جا سُر اهڙيءَ ريت ڏنل آهن.
سريراڳ هندستان جي ڪلاسيڪل راڳ جي شڪلين واري ڏنل سنگيت ۾ پڻ ملي ٿو. جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ڪنهن راڳ يا راڳڻيءَ جي شڪل جو تخليقڪار اُهو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن جو سنگيت جو نظام پنهنجو ٺاهيل هجي. راڳ جو نظام راڳ جي چال ۽ تال سان ٺهندو آهي. شاهه سائين جي ڏنل سريراڳ جو چالو ڪلاسيڪل راڳ جي چالي کان بلڪل مختلف آهي. هِن راڳ جي شڪل کي هندستان جا سنگيت سنڌي پرڪاش راڳ جي سُرن مان سُڃاڻپ ڪن ٿا. سنڌي پرڪاش جي راڳ ۽ راڳڻين جي سڃاڻپ ۾ ڌيوت تيور، گنڌار تيور ۽ رکب ڪومل ملندي ۽ ٻي سڃاڻپ 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ئي نالي جي ٻن پهرن ۾ سُر آلاپبا آهن.
سريراڳ جو اصل ٺاٺ پوربي جنم آهي. هن راڳ جي شڪل اوڊو سمپورن آهي. يعني آروهي ۾ 5 سُر ۽ امروهي لهڻ ۾ 7 سُر استعمال ۾ اچن ٿا.
هن سُر ۾ خاص ڪري شاهه سائين سمنڊ جي مُسافري ۽ سمنڊ ۾ ايندڙ طوفاني هوائن جي خطرن کي مُنهن ڏيندڙ مسافرن ۽ اُتر جي واءُ لڳڻ کان پوءِ واپارين جي نڪرندڙ ٻيڙن جو ذڪر ڪيو آهي. ناکئا پنهنجون ٻيڙيون ڌُئاري. سڙهه سنڀائي سمنڊ تي نڪرن ٿا. شاهه سائين هن سنسار کي پڻ مهاساگر ڪوٺيو آهي. سمنڊ ۽ سفر تي هلڻ کي جهڙو پُل صراط تي هلڻ جي برابر سڏيو آهي. شاهه سائينءَ جا راڳي هِن داستان ۾ رکب تيور مڌم ڪومل نکاد تيور ڪومل ۽ گنڌار ڪومل جو پڻ استعمال ڪن ٿا. هي راڳ ماروا ٺاٺ کان بعد ۾ آلاپڻ جو راڳ آهي. هِن جو پهر سج لهڻ کان پوءِ جو آهي.
شاهه سائين سُر سريراڳ ۾ نه رڳو ڏنل واقعات تاريخي احوال، وڻجارن جي جذبات ۽ اُمنگن جا بيان ڏنا آهن، پر هڪ وڏي تمثيل به رِٿي آهي. ناکئن کي سفر تي اُسهڻ کان اڳ ٻيڙيون ڌوئي صاف ڪندو ڏسي، انساني جسم کي ٻيڙيءَ سان مشابهت ڏيئي، نصيحت ٿو ڪري، جيڪو سالڪ روحاني سفر لاءِ سنڀري تنهن کي گهرجي ته ٻيڙي ڌوئي سڙهه ساڄا ڪري رسا نوان ٻڌي ۽ سفر جو سامان سنڀالي پوءِ روانو ٿئي. رڳو سينو صاف ڪرڻ ڪافي ناهي. جيسين ڪنهن ڪامل مُرشد جو دامن نه وٺبو. تيسين دنيا جنهن کي سٽاڻي سمنڊ سان تشبيهه ٿو ڏئي، اُنهيءَ جي لهرن ۽ لوڏن مان لنگهي پار پئي ڪونه سگهبو. ناکئا جيئن ته وچ سير ۾ ڄاپندي به سمنڊ جي لهرن کان ڪنبندا ۽ خبردار رهندا آهن. تيئن سالڪ کي به ڪنبي ڪتڻ ۽ هرگز غافل رهڻ نه گهرجي. سالڪن کي غواص وانگر پنهنجي دل جي درياهه واري اونهائيءَ ۾ ٽٻيون هڻي من جي مهراڻ مان بي بها لعل لوچي آڻڻ گهرجن، جيئن ته سندن اصل آخرت واري سفر جو جهان موچارو ٿي سگهي. شاهه سائين جن جي ڏنل نياپي مطابق هي بي بقا هڪ سمنڊ آهي، جنهن تي سفر ڪندي خوف ۽ خطرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ شيطان جي ورغلائڻ جو انديشو پڻ آهي. تنهنڪري هادي ۽ رهبر جي سربراهي نهايت ضروري آهي. پاڻ فرمائين پيا:
مان پُڇنئي سپرين، چِتان چر مَ لاه،
پرين اڳيان پاءِ، پلؤ مڱڻهار جئن.
ـــــ
مان پڇنئي سُپرين، چت ۾ رکج چيت،
سڙهه ڌُئاري صاف ڪر، صابڻ ساڻ سپيت،
سامونڊي سچيت، ٿي ته پهچين پار کي.
سُر سريراڳ تي 1970ع ۾ ڇپيل ڪتاب جنهن جو مرتب ماستر محمد صديق مسافر هو. سُريراڳ لاءِ لکي ٿو ته هي سُر ڇهه مول راڳن مان هڪ آهي ۽ ٻيو ڪوبه مول راڳ شاهه جي رسالي ۾ ڪونهي. هُو لکي ٿو ته هِن سُر کي سُراڳ به ڪري چوندا آهن ۽ هِن راڳ جو وقت شام جو چئين کان رات 8 وڳي تائين آهي. هن اهو لکيو آهي ۽ سُر جي معنيٰ سٺي ڪري لکي آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي طرفان 1985ع بمطابق 1404هه ۾ شاهه جو رسالو جنهن جا 3 جلد مهتمم هوتچند مولچند گربخشاڻي سُر سريراڳ بابت لکيل آهي ته: ”سُريراڳ ڇهن مول راڳن مان هڪ آهي، جن جو ذڪر مقدمه فصل 7 ۾ ڪيو ويو آهي.“ هن کان سواءِ ٻيو ڪنهن به مول راڳ جو نالو رسالي ۾ نه آيل آهي. هو لکي ٿو ته: ”رواجي نسخن ۾ هِن سُر جي پهرئين داستان ۾ هڪڙا ٻه بيت ڏنل آهن، جي نڪي قلمي نسخن ۾ اچن ٿا ۽ نه ٽرمپ صاحب واري ڇاپي ۾. آخر ۾ هڪ نهايت ننڍڙي وائي آيل آهي، جيڪا جيتوڻيڪ ڀٽ واري نسخي ۾ ڏنل آهي. اهڙي طرح هن سُر مان کوڙ سارا بيت ۽ وايون آهن، جن کي ڌاريو ڪلام چئي ۽ هِن سُر مان بلڪل جُدا ۽ الڳ ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح جيڪو ڪلام ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب واري ڇاپي ۾ نه ڏنل آهن، تنهن کي پڻ ڌاريو ڪلام تصور ڪري شاهه جي رسالي مان رد ڪيو ويو هو.“ گُربخشاڻي جيڪا مول راڳ جي ڳالهه ڪئي آهي، اُهو واقعي 6 راڳن ۽ 30 راڳڻين تي مشتمل آهي، پر شاهه سائين جن جي ڏنل نِج سنڌي موسيقيءَ جي ڪائنات ۾ مروج ڏهن ٺاٺن جون مختلف راڳڻيون ۽ راڳ شاهه جي راڳ مان شِڪليون جنم وٺي رهيون آهن. هونئن ڪلاسيڪل راڳ واري قانون موجب هڪ ٺاٺ مان 484 راڳ جون شڪليون پيدا ٿين ٿيون. ٺاٺ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ معنيٰ آهي ”زمين“. اُها زمين جنهن جا مڪمل 7 ٿنڀا هجن. جيڪڏهن 10 ٺاٺن کي 484 سان ضرب ڪبي ته بي بها سُرن جو خزانو 36464 واري روپ ۾ اُڀري ايندو ۽ جيڪڏهن 72 جنڪ ميل ٺاٺن کي 484 سان ضرب ڏينداسين ته اُن ۾ به ملهه گهڻو ٿيندو. شاهه سائين جي هِن سُر (سريراڳ) جو ظاهري مضمون آهي. سمنڊ جي مسافري ۽ اُن جا خطرا، تڏهن به منجهس هڪ وڏي تمثيل رٿيل آهي. اڳئين زماني ۾ شاهوڪار مال جا ٻيڙا ڀرائي ڏورانهن ديسن ۾ وڻج واپار ڪرڻ لاءِ ويندا هئا. چؤماسي پوري ٿيڻ بعد اُتر واءُ لڳڻ تي سفر جي تياري ڪندا هُئا. جيتوڻيڪ انهيءَ موسم ۾ سمنڊ اڪثر ڪري ماٺو ٿو ٿئي. تڏهن به وچ سير ۾، ۽ خاص ڪري وِير چڙهڻ وقت سڀني کي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ گذارڻو پوندو هو. شاهه سائين جي ڏنل اِشارن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته هيءَ سنسار به هڪ وڏو اُونهو مها ساگر آهي، جنهن مان پار لنگهڻ نهايت ڏکيو ۽ مشڪل سفر آهي. اِن تي پاڻ فرمائي رهيا آهن:
سَودو اِهوئي سَفرو، سو مون پَلئي پاءِ،
وَسُ ويچاري ناهِ ڪو، تون آگا عرض اُوناءِ،
رِي همراهِي هادِيءَ جي، مُور نه مِڙي ماءِ،
لُطفَ ساڻُ لنگهاءِ، لَهرُو لهَرنِ وِچُ مان.
ــــ
جيڪِي مَنجهه جهان سو تاري تڳي تُنهنجي،
لُطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪان،
عَدُل ڇُٽان آءٌ نه، ڪو ڦيرو ڪِجَ فضُلَ جو.
آروهي: سا. ري. مي. پا. ني سا.
امروهي: سا. ني. ڌا. پا. مي. گي. را سا.
هن راڳ جو لطيفي تار اسٿاني چالو
را را سا. ني سا را را سا. ني گي را گي. ني ڌا مي ڌا را سا
گي را سا. ني سا را سا. مي پا. پا سا
مي گي را سا. پا پا ڌا پا ڌا ڌا پا. سا را را سا
ني سا مي گي مي گي را را سا
را سا ڌا پا مي. ني را پا مي گي را
ڌا مي پا مي گي را سا