Video

سُر ڪلياڻ•

شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي طرفان شاهه سائينءَ جي ٽن سُرن تي مشتمل هڪ اردو ڪتاب، جيڪو 1965/ 1407هجريءَ ۾ شايع ٿيو، انهيءَ ڪتاب جي مرتب آغا سليم سُر ڪلياڻ بابت لکيو آهي ته ’ڪلياڻ شهر جي مناسبت سان هڪ وڏو نالو آهي. هي شهر ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد دکن ۾ شامل هو ۽ هاڻ آنڌرا پرديش جو حصو آهي.‘ ڪلياڻ راڳ هن زماني جو يادگار آهي، جڏهن 973ع ۾ چالوڪيه خاندان جي ٻيهر حڪومت ٺهي ۽ هُن خاندان جي راجا بڪرماجيت چهارم جو هڪ پٽ سوميسور هڪ ڪتاب ”ماناسولاسه“ سنسڪرت ٻولي ۾ لکيو هو، جنهن جا ٻه باب علم موسيقي بابت آهن. هِن زماني کان اڳ ۾ ڪلياڻ جو لفظ اسانجي موسيقيءَ ۾ شامل نه هو. اهڙيءَ طرح اِنهيءَ موضوع بعد آغا سليم معرفت النغمات جي مصنف ڀات کنڊي ۽ نواب شاڪر علي جي ڏنل ڪلياڻ بابت آروهي امروهي هن طرح لکي آهي.

آروهي: سا. ري. گي. پا. ڌي. سا.

امروهي: سَا. ني. ڌي. پا. مي. گي. ري. سا

آغا سليم راڳ جو ڪن رسيا ته ٿي سگهي ٿو، پر ڪنهن به طرح سان راڳ جي پوئواري ۽ هن علم کي اختيار ڪندڙن ۾ شمار نه ٿو ٿي سگهي. اصل ۾ ڪي سرگم جيڪي آغا صاحب جن لکيا آهن، اُنهن جو راڳ جي ٻن شڪلين سان تعلق آهي. يعنيٰ آروهي ۾ آڊو 5 سُر ۽ امروهي ۾ 7 سُر. يعنيٰ هيءَ شڪل ڪنهن به قسم سان ٺاٺ ۾ شامل ٿي نه سگهندي. ٺاٺ اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي زمين. اُها زمين جنهن جا ست ٿنڀا هجن. ڪلياڻ ٺاٺ جا 7 سُر ڪومل ڀيروين ٺاٺ ۾ موجود آهن. جيڪڏهن آروهي ۾ ڪلياڻ ۽ امروهي ۾ ڀيرون جا سُر استعمال ڪجن ته مڪمل سُرن جي مليل ڪائنات ختم ٿي ويندي. ڇاڪاڻ جو 12 سُرن کان علاوه 13هون ڪو سُر ٺهيو ئي ناهي. اِنهن سُرن ۾ سُر ڪلياڻ ۽ سُر يمن ڪلياڻ کي گڏائي داستان کي مئي فروش موکيءَ ۽ سندس مئخاني ۽ هُن جي زهريلي شراب کي آغا سليم جن ٻن سُرن ڪلياڻ ۽ سُر يمن ڪلياڻ ۾ گڏائي سُر يمن ڪلياڻ جي تاريخي داستان کي موکي ۽ متارا جي نالي سان اهڙي طرح لکيو آهي ته:

موکي نالي هڪ خوبصورت ڇوڪري ڪراچيءَ جي ويجهو گڏاپ جي ٺهيل مئڪدي ۾ شراب وڪڻندي هُئي. هڪ ڏينهن هُتان 8 شهزور متارا جن جي بهادريءَ جي وڏي ڌاڪ هُئي. سو اٺئي متارا گهوڙن تي سوار ٿي ڌاڙا ۽ ڦُرون ڪندا اچي موکيءَ جي مئڪدي تي پهتا ۽ موکيءَ کان شراب گهريائون. موکيءَ شراب جا پراڻا مٽ سامهون رکيا ۽ متارا مستيءَ ۾ جهُومندا واپس گهوڙن تي سوار ٿي ۽ نڪري ويا. هاڻي هڪ دفعو ٻيهر شراب پيئڻ لاءِ موکيءَ وٽ پهتا ۽ وري شراب گهريائون. موکيءَ اُنهن کي شراب پياريو، پر اُنهن تي شراب جو ڪو اثر نه ٿيو. موکيءَ پهريون دفعو جڏهن متارن کي شراب ڏنو هو، تنهن ۾ نانگ پيل هو جنهن جو زهر شراب ۾ مليل هو، پر هُو اهڙا جواڻ هئا جو اُنهن کي نانگ جي زهر جو نشو ٿي پيو هو. جڏهن ٻيهر موکيءَ اُهو شراب بنا نانگ جي زهر جي پياريو ۽ متارن تي ڪو اثر نه ٿيو ته موکيءَ انهن کان جان بخشي جو وچن وٺندي ٻُڌايو ته مون توهان کي اڳ ۾ پهريون ڀيرو جڏهن شراب ڏنو هو، تڏهن ان ۾ نانگ وڌل هو ۽ توهان نانگ جو زهر پيتو هو. اها ڳالهه ٻڌندي ئي اٺن ئي متارن جو خوف ۾ مئخاني ۾ ئي دم پرواز ڪري ويو ۽ اهڙي طرح اهي ڪردار پڻ سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو حصو بڻجي پيا. آغا سليم هن واقعي کي ٻنهي سُرن سان گڏائي لکيو آهي، هُونئن هي داستان سُر يمن ڪلياڻ جو حصو آهي.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جا ڪجهه داستان راڳ جي نالن سان جُڙيل آهن، ته ڪجهه داستان راڳ ويراڳ جي ڪندڙ راڳين ۽ راڳ ۾ مهارت رکندڙن لاءِ پڻ هڪ ڳجهارت بڻيل آهن. هن راڳ جو اصل نالو ئي ڪلياڻ آهي ۽ هن راڳ جو تعلق خاص ڪري يمن مُلڪ سان آهي ۽ هن راڳ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن پنهنجي تخليق ڪيل راڳ وديا جي الهامي چالي سان سجايو آهي، جو خود وڏا وڏا علم موسيقي جا گرو پڻ هن راڳ جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيا آهن. يمن جو راڳ اڄ به يمني ملڪ جي ڪلاڪارن ۾ موجود آهي، پر اهو يمن جنهن جو بگڙيل نالو ايمن آهي، شاهه سائين جن جي سُر يمن سان ڪٿي به گڏ نٿو ٿئي. راڳ جي چالي مطابق علم موسيقيءَ جي هن نئين سنگيت ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي پوري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مون کي شاهه جي راڳ کي پهريون ڀيرو لکڻ جو اعزاز پڻ نصيب ٿي رهيو آهي. دنيا جي مختلف سنگيت جي ڏنل آستائي انترن جي بندش کي تالن ۾ ٻڌڻ کان پوءِ تعويذ وارو روپ ڏئي نالو رکيو آهي ’سنگيت جا لڪشڻ‘. مان جيڪي راڳ تال Compose ڪيا ويا آهن، تن جا نالا آهن. لطيفي وائي تالَ، حقيقت ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي موسيقي هند ۽ يورپ جي ملڪن جي موسيقيءَ وانگر الڳ ٿلڳ قاعدن ۽ قانونن موجب اُنهن ماترائن کي پڻ نالو ڏنو اٿم. لطيفي وائي تال. تالن جون ضربون، ماترن جي گهرن جا خانا ۽ ماترا. اُنهن ماترائن ۾ شاهه سائين جن جي وائي جا ٻول فِڪس ڪري نئين ڪمپوزيشن ۾ ٻڌا آهن ۽ ٻڌڻ کان پوءِ اُنهن تعويذ جهڙين شڪلين کي نالو ڏنو آهي. شاهه جو راڳ (شاهه جو سنگيت).

سُر ڪلياڻ: ڪلاسيڪل انداز جي رنگ ۾ هيٺين سُرن ۾ هي راڳ کلندو آهي ۽ خاص ڪري اُن جو وادي سُر نکاد (ني) ۽ سَم وادي سُر گنڌار آهي. شاهه سائين جن جو هي سُر تاراسٿاني راڳ جو منفرد انگ آهي، جيڪو دنيا جي ڪنهن به علم موسيقي جي سنگيتن ۾ نٿو ملي. تاراسٿاني انگ يعني صفا مٿي کان مٿي سُرن جي ٻيڻ تان شروع ڪجي، ته دنيا ۾ ڪوبه سنگيت شاهه سائين واري راڳ جي انگن واري روپ ۾ نه ملي سگهندو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جي الهامي سنڌي چالي مان جيڪي سُر (شاهه جي راڳ آلاپڻ مان) جنم وٺي رهيا آهن، تن کي شاهه جو سنگيت جي عنوان سان پيش ڪيو ويو آهي. اُميد ته علم موسيقيءَ وسيلي شاه جي سُرن تي هيءَ نئين تحقيق اوهان کي ضرور روحاني سڪون بخشيندي.

دنيا ۾ جيترا به سُر استعمال ۾ ايندا آهن، اُهي ٽن قسمن جي سبطقن ۾ اچن ٿا، هڪ سبطق ۾ 12 سُر هوندا آهن. اهڙي طريقي سان هرهڪ ساز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 کان 5 ۽ 6 سبطقون به ملن ٿيون. مرد (male) جو آواز قدرتي طرح سان هيٺين سبطق مندراسٿان ۾ ملي ٿو. اهڙي طرح عورت (female) جو آواز وچين سبطق مڌ اسٿان کان شروع ٿئي ٿو، پر حضرت شاهه عبداللطيف سائين جن جي تخليقي راڳ جي چالن جي شروعات 3 سبطق تارا اسٿان کان ٿئي ٿي. سُر ڪلياڻ جي راڳ جي آلاپڻ جو پهر رات جي پهرئين پهر کان اڌ رات جي پهر تائين مقرر ٿيل آهي. هي راڳ رات جو 10 کان 2 تائين ڳائي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ جو ڪلياڻ پاڻ هڪ ٺاٺ آهي ۽ اُن جون ڪيتريون ئي راڳ ۽ راڳڻين جون شڪليون آهن.

شاهه جو چالو

مندر اسٿان              مڌ اسٿان                                   تار  اسٿان

   مرداڻو (آواز)                      زناني (آواز) جي شروعات     لطيفي انگ

 

تار اسٿاني انگ جي سبتڪ تان شروع ٿيندو. لطيفي چالو.

مَا

گا

ري

گا

ما

گا

ري

سا

سَا

پَا

پا

سا

 

ري گا- ري گا ري سا ري ما گا ري گا ري سا.·

ڌاني پاڌا- پَا مَا ري گا- مَا ڌا ني- گَا ري سا.

گا ري گا ما گا ري گا ما گا ري سا- سَاپَا – رَي مَا گَا رَي سَا

ما پا ري گا ما گا پا ما ري گا ماما گاگا ري ري سا.

 

ڪلاسيڪل راڳ جي سرگم جو جنم ٿيندو (Notations) اهڙي ريت:

 

             سَا                رَي        گَا         مَا         پَا           ڌَا        نَي          سَا

قائم سُر (اَچُل) سَا (اَچُل) قائم رَي (تيور)گَا (تيور) مَا (تيور) پا (اَچُل) ڌا(تيور) ني(تيور) پا. اَچُل سُر قائم سُر. آچُل (قائم سُر) سا (اَچُل) قائم

 

 

شاهه سائينءَ جي داستان سُر ڪلياڻ مان ست (7) ئي تيور (چڙهيل) سُر ملن ٿا. اهڙي طرح شاهه سائين جي سُر جو نالو سُر ڪلياڻ آهي. اهڙي طرح راڳ وديا ۾ به نالو مليل جُليل ايمن ڪلياڻ يعني ڪلاسيڪل ۾ ٺاٺ ڪلياڻ جو به جنم ٿئي ٿو.

 

  • نوٽ: ساءِ کان علاوه جتي سُرن ۾ الف جو اُچار اچي ٿو، اُتي آخر ۾ ”ي“ استعمال ڪبو. مثلاً: گا- گي- ما- مي.