حضرت شاهه عبدالطليف ڀٽائي رحه عليه جن جي هِن داستان سُر يمن ڪلياڻ جي نِج لطيفي چالي مان راڳ، ايمن ڪلياڻ جو جنم ٿئي ٿو. هن داستان ۾ شاهه سائين، رب العظيم کي حڪمت جو حاڪم ڪوٺي ۽ ڦڪيءَ کي اَمر جو محتاج سڏيو آهي ته مالڪ جي حُڪم سان اِها ڦڪِي اِنساني صحت بخشي ٿي ۽ اِها ئي ڦڪِي موت جو پيغام ڏئي ٿي. درد ڏيڻ واري ذات به پاڪ خلقڻهار جي آهي ۽ لاهڻ واري ذات به اِنهيءَ پاڪ پالڻهار جي آهي. شاهه سائين ڪٿي هِن سُر ۾ فرمائي رهيا آهن ته جي پرين سان مِلڻو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ چور جو ئي نقل ڪري پرين تائين پهچ. ڇاڪاڻ جو چور کي چوريءَ سان عشق آهي. بيت ۾ فرمائي رهيا آهن:
جي ڀائِيين پِرينءَ مِڙان، سِکُ چوران ڪِي ڌاتِ،
جاڳَڻُ جَشنُ جن کي، سُکُ نه ساريءَ راتِ،
اُڄي ٻُڄي آئِيا، وائِي ڪَنِ نه واتِ،
سَلي سُوريءَ چاڙهئا، بَيان ڪَنِ نه باتِ،
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ساڳِي سَلَن ڪِينَ ڪِي.
هِن سُر ۾ پاڻ ويڄن، حڪيمن، ڦٽن فراقن جو ڪثرت سان ذڪر ڪيو اٿن، اِنهيءَ داستان ۾ پاڻ پنهنجي ڪيفيت اِهڙي ريت بيان ڪري رهيا آهن.
ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين پَچان مَرُ پيئي،
جيرا جِڳرَ بُڪِيون، سيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄِنئون ويئي، ٿي وهِيڻِي سڄڻين.
اِنهيءَ شعر ۾ ڪاٺين جي ٽن ذاتين، ڪانڊيري، ٽانڊيري، ٻَٻُري جي ٻريل آڙاهه تي سندس ئي جيرا جگر بُڪيون ٽيئي عشق حقيقي جي سيخن تي پچي رهيا آهن، ساڳي طرح انهيءَ آڙاهه مان اُڏامندڙ چِڻگن ۽ مچ جي تپش کي محسوس ڪندي فرمائي رهيا آهن.
پتنگنِ پَههُ ڪِئو مِڙيا مٿي مَچ،
پسي لَهس نه لِچئا سڙئا مٿي سَچ،
سندا ڳِچين ڳَچ، ويچارن وڃائِيا.
آڙاهه مان اُڏامندڙ مچ جي چڻگن کي ڏسي موٽڻ وارا، عشق حقيقي ۾ ناڪام ٿي پوندا آهن. اهڙي طرح هُو نه دين جا رهن ٿا نه دنيا جا.پاڻ اِنهيءَ سُر ۾ فرمائي رهيا آهن ته عشق حقيقي وارا ڪنهن به هانءُ ڏاريندڙ واقعي کان مُنهن موڙي، دين ۽ دنيا نه وڃائيندا آهن. يعنيٰ طريقت تي ئي سڄي زندگيءَ جو سفر ڪاٽيندا آهن. پاڻ فرمائي رهيا آهن:
ڪَٽُ ڪڙهي، لوهُ ٻَري ڌُوڌا جِت ڌَڳَنِ،
مَتَرڪَنِ مُهه ڪَڍِئا، سانداڻيون سَڪَنِ،
اَڄُ پڻ آڳڙِيَنِ، ميڙو آهي مَچَ تي.
عشق ۾ پيئندڙ پُرڪش جام جا پياڪ ملندڙ جام جي پيالي مان ڪڏهن به اڌواڌ نه ڪندا آهن. اِنهيءَ ملندڙ ساقيءَ هٿان مئي لاءِ فرمائي رهيا آهن.
وِجِهج واٽاڙُئَنِ تي، مئخاني جي ماڪَ،
ٿيندِي سُڌِ سَڀَڪَهَمِ هنڌِ هنڌِ پُندي هاڪَ،
پِرهَ جا پِياڪَ، جُه سي اَڱڻِ آئيا.
سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاهه سائين جن. قديمي سنڌ جي يادگار ڪردارن کي به ياد ڪندا آيا آهن. جيئن ته لطيف سائين جن جي پوري رسالي مبارڪ جي ڏنل داستانن ۾ شاعريءَ وسيلي ظاهر ڪجهه ٻيو ۽ باطن ٻيو آهي، پاڻ قديمي تاريخي ڪردارن مان. موکي ۽ متارن جو به ذڪر اِنهيءَ سُر ۾ اهڙي ريت ڪيو اٿن.
موکي چوکِي نه ٿيئي، اصلِ اوچِي ذاتِ،
وَٽيون ڏيئِي واتِ، متارا جه مارِئا.
اِنهيءَ داستان (سُر يمن ڪلياڻ) ۾ فرمائي رهيا آهن ته جيڪڏهن ملندڙ ساقيءَ جي هٿان سُرڪ ڪنهن وَٽيءَ ۾ به ملي ٿي ته اُن تي ڪروڙين شُڪر ادا ڪر. اُنهيءَ ساقي ڪوثر جي هٿان مَٽ ملڻ جي اُميد رکندي، موسم (مُند) جو انتظار ڪر. پاڻ فرمائي رهيا آهن.
وَٽ وَٽ وَٽيءَ ۾، مَٽَ مَٽ مُندُ ٻِئو،
قدرُ ڪيف ڪلاڙَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اچن دوس دڪان تي ڪنڌَ قبول ڪِئو،
سُرها سِرُ ڏِئو، چَکنِ سُرڪَ سَيدُ چئي.
سُر يمن ڪلياڻ جي داستان ۾ پاڻ صُوفيءَ جو روپ ۽ مقام ۽ ان جو ذڪر ڀلي ڀت ڪيو آهي. پاڻ فرمائين ٿا:
صُوفي لا ڪوفِي ڪونه ڀائِس ڪيرُ،
منجهائِي منجهه وڙهي، پَڌرِ نه آهِس پيرُ،
جَنِين ساڻسِ ويرُ، ٿِي تَنين جو واهروُ.
سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڏنل شاهه سائين جي هڪ شاعراڻي ظاهري رنگ ۽ باطن ۽ ٻئي رنگ واري سمجهاڻي ۾ پاڻ ڪاتب کان مخاطب ٿي فرمائي رهيا آهن.
تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرين جو،
ڪهڙي ڪاتِبَ ڪَريين، مٿي پَنَن پيهه،
جي ورق ورائين ويهه، ته اکر اُهوئي هيڪڙو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار جن جي ڪيميائي نگاهن ۾ محبت، ميدان ۽ ارواح جو رنگ سُر يمن ڪلياڻ ۾ اهڙي ريت سمجهائن ٿا.
محبت جي ميدان ۾، ڪُڏي پوءُ ڪاهي،
ڇڏ آسانگا ارواح جا لاهوتي لاهي،
عشقُ نانگ آهي، خبر کاڌن کي پوي.
هندستان جي موسيقيءَ جي هن راڳ کي بادشاهه علاؤالدين خلجي جي زماني ۾ يعنيٰ ڪسريٰ جي دور ۾ حضرت امير خسرو متعارف ڪرايو هو. هي راڳ يمن، فارس، عجم جو راڳ آهي ۽ انهيءَ راڳ جو اصل نالو شاهه سائينءَ ڏنو آهي. يمن ڪلياڻ، ايمن ڪلياڻ راڳ جو بگڙيل نالو آهي.· جيئن ته مان اڳ ۾ به ذڪر ڪري آيو آهيان ته راڳ جو روپ ’سا‘ کان ’ما‘ جنهن کي پورو انگ ڪري سڏبو آهي. تنهن ۾ يا پوءِ سرگم جي ٻئي حصي ’پا‘ کان ’سا‘ تائين اُترانگ ۾ کلندو آهي ۽ راڳ جو روپ ڪلاسيڪل جي حوالي کان مندراستان سبتڪ جي هيٺين سُرن کان آلاپي ظاهر ڪيو ويندو آهي ۽ اِنهيءَ راڳ جي چالي کي ڪلاسيڪل انگ چئبو آهي ۽ ڪلاسيڪل روپ ۾ هِن جو نالو ايمن ڪلياڻ آهي.
شاهه سائين جن جي لطيفي انگ چالي مان يمن ڪلياڻ (ايمن ڪلياڻ) جو جنم ٿئي ٿو. هي راڳ اڌ رات کان پوءِ آلاپي سگهجي ٿو. هِن راڳ جو وادي سُر گا (تيور گنڌار) گي آهي ۽ سم وادي سُر ڌا (ڌيوت تيبر) آهي. اِنهيءَ راڳ ۾ سڀ سُر تيور يعنيٰ چڙهيل (تيز) سُر آهن. امروهي يعنيٰ واپسي ۾ ما. مڌم ما ڪومل جو مشر ميل ملي ٿو ۽ هي مڌم ڪافي ٺاٺ. بلاول ٺاٺ، ڀيرو ٺاٺ، کماچ ٺاٺ، آساوري ٺاٺ. جي سُرن کي پڻ اُُجاگر ڪري ٿو. شاهه لطيف سائين جن جو راڳ جي دنيا ۾ بلڪل هڪ الڳ ٿلڳ روپ آهي ۽ هِن لطيفي انگ جي چالي جو روپ ڪلاسيڪل جي چالي کان بلڪل مختلف ۽ مٿانهين درجي جو من ڀائيندڙ روپ آهي. ڪلاسيڪل جو چالو هيٺان کرج سان شروع ٿئي ٿو. لطيفي انگ جو چالو جتي ڪلاسيڪل جي حد جون پروازون ختم ٿين ٿيون اُتان شروع ٿئي ٿو. لطيف سائينءَ جي ڏنل موسيقي جي دنيا جي راڳ جي مختلف صنفن مان وائي هڪ مٿڀري ۽ تمام گهڻي خوبصورت شاهه سائين جن جي تخليق ڪيل صنف آهي. شاهه سائينءَ جي وائي ۾ دنبوري مان پڻ ماترن ۾ ٻڌل سنڌي تال جنم وٺي رهيا آهن.
آروهي: سا. ري. گي. مي. پا. ڌي. ني. سا.
امروهي: سا. ني ڌي. پا. مي. گي. ما. گي. ري سا.
وادي سُر: گنڌار. گي
سم وادي سُر: ڌيوت. ڌي
لطيفي انگ چالو
گَي گَي پا ڌي پا. سا سا. ني رَي سَا. ني رَي گَي رَي سا
ني ڌي پا. مَي گَي. مي ڌي مي ڌي ني ڌي مي ڌي. پا مي گي
مَا مَا گَي رَي گَي. مَا گَي رَي ني. ڌي. گي ري گي ري سا ڌي
ڌي ني ري ني. گي رَي گي. ني ڌي پا ما. پا سَا سَا. ني رَي سَا ڌي
ني ڌي پا مي.پا ڌي پا. ماگي ماگي. ري ري گي. ما پا ما گي ري سا. ڌي
سا ني رَي سَا. ني رَي گَي رَي گَي گَي. رَي گَي رَي سَا
گي ري گي. ني ڌي پا. ما پا. ڌي پا. مي ڌي ني ڌي سا ني ڌي مي
گي رَي مَي. گَي. مَا مَا. رَي گَي ني ڌي پا مَي گَي رَي گَي. مَي گَي سَا رَي گَي