Video

سُر کنڀات

سُر کنڀات، جنهن کي هند ۽ سنڌ جي ٿر (راجستان) جيسلمير جي پنج پٿنگن، ماڙ، اُڀو، کاڏاڙا، سَم ۽ ڍاٽ جي قديمي راڄڌانين ۾ کمڀاوتي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي سُر ماڙيچي ٻولي يعنيٰ ماڙ واري ٻوليءَ ۾ هزارين سال اڳ ۾ آلاپيو ويندو هو ۽ هن ۾ گوجري ۽ لوڻاگري داستان راجستاني (ٿر) واري سماٽڪي ٻوليءَ ۾ ڳايا ويندا هئا. ڪلاسيڪل راڳ جو جنم پڻ اِنهيءَ لوڪ موسيقيءَ مان جنم ورتو آهي. کمڀاوتي هُن دور جي راجائن مهاراجائن جي خوشين جي تهوارن ۾ سندن گُواڙ يعنيٰ راڄ جا مڱڻهار ڳائيندا هئا. انهيءَ راڳ جو نظام حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سائين جن جي روبرو ڏُئن ۽ جهرمٽ گيتن جي روپ ۾ آنٽل خان ۽ چئنچل خان پيش ڪيا هُئا، جنهن کان بعد ۾ ٿي سگهي ٿو ته شاهه سائين هِن سُر جو نالو سُر کمڀات/ کنڀات رکيو هجي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي جو رسالو جيڪو بعد ۾ 1406/1985ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه مرڪز ڪميٽيءَ طرفان شايع ٿيو، اُن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي کنڀات هڪ شهر جي نالي سان لکيو آهي، جيڪو گجرات جي الهندي طرف کنڀات جي نار جي مُهڙ تي بيٺل آهي. اِنهيءَ شهر تي اِهو نالو هِن ڪري پيو جو منجهس مهاديو جو چشمو سڪمڀ تيرٿ نالي هوندو هو. کنڀات لفظ اِنهيءَ سڪمڀ تيرٿ جي بگڙيل صورت آهي. کنڀات ڪنهن سمي هڪ وسيل بندرگاهه هوندو هو ۽ ديسان ديس سندس واپار عُروج تي هلندو هو. عرب واپاري به هن بندرگاهه ڏي گهڻو وڻج واپار ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. مشهور عربي تاريخ نويس مسعودي به پنهنجي ڪتاب مُروج لذهب ۾ هِن بندرگاهه جو ذڪر ڪيل آهي. نار جي لٽجڻ ڪري. آهستي آهستي ويو، سندس چلتو گهٽبو. تان جو هاڻ هڪ ننڍو شهر وڃي بچيو آهي. هن سُر کي کنڀات انهيءَ ڪري سڏين ٿا، جو اصل اتي جي ڪنهن نامياري گوئيي جو رچيل آهي. هِن سُر کي سُر کماچ به ڪري چوندا آهن. گُربخشاڻي هن راڳ جي آلاپڻ جو پهر رات 10 جو لکي رهيو آهي. هِن راڳ جي اثر کان سُرن جي بيهڪ سان ۽ سُرن جي سچائيءَ سان من ۾ ڌيرج ۽ ڳنڀيرتا اُتپن ٿيندي آهي.  رواجي قديمي نُسخن ۾ هن سُر جي پهرئين داستان ۾ هڪڙو بيت ڏنل آهي، جو نڪي ڪي ڪنهن قلمي نسخي ۾ نظر اچي ٿو.

ٽرمپ صاحب واري ڇاپي ۾، داستان 2 ۾ هڪڙا چار بيت جدا جدا هنڌن تي پکڙيل آهن، جن جي بناوٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي اڃا اڳيان بيت آهن، تن جو فقط نقل يا جواب آهن. ازانسواءِ ڪنهن به قلمي نُسخي يا ٽرمپ صاحب واري ڇاپي ۾ درج ٿيل ناهن. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جي ڏنل هرهڪ سُر ۾ جيڪي الهامي بيت آهن، تن کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جا سُڄاڻ پارکو ۽ ساڃاهه وند قرآن پاڪ (جي ترجمي) جو درجو ڏين ٿا. شاهه سائين جن جي هرهڪ سُر ۾ ڏنل بيتن جي ظاهر ۾ ڪجهه ۽ باطن ۾ ڪجهه ٻيو اونهو اسرار رکيل آهي، جيئن ته پاڻ هن سُر کنڀات ۾ فرمائي رهيا آهن:

کڻي نيڻ خُمار مان، ڪِئائون نازُ نظر

سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،

جهڪو ٿيو جوهر، جانِب جي جمال سين.

شاهه سائين جي انهيءَ بيت کي غور سان ڏسبو ۽ پوءِ جيڪڏهن محسوس ڪبو ته اِهي خماريل نيڻ نُوري ناز ڀريا ڪنهن جا ٿي سگهن ٿا، جنهن جي هڪ نظر جي اشاري سان سُورج جي تيش گهٽجڻ ۽ چنڊ جي روشني سامهون ڏسڻ سان چنڊ ڪوماڻجي پوي ۽ خلقيل خلقڻهار جي طلسماتي ڪائنات جو جوهر جهڪو ٿي پوي ته اِها نظر ڪنهن جي نظر ناز ٿي سگهي ٿي. اِهو اُونهو اسرار پروڙڻ لاءِ درويشي سيرت گهرجي ٿي. انهيءَ سيرت جي ولي صفت بزرگ هستين لاءِ پاڻ فرمائي رهيا آهن ته:

سُڻي ويڻ ڪَنن سين، ورائج مَ وري،

هاديءَ جي هدايتَ جي،  آهي ايءُ ڳَري،

تَنِ سَڄي ساهِ سَرِي، جن ماريو نفس ماٺ سين.

ساڳي طرح انهيءَ سُر کنڀات ۾ پاڻ چنڊ جي حُسن کي پنهنجي نظرثاني محبوب خدا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي حُسن جي پلڪ جهڙي حيثيت نه ڏيندي، بيت ۾ فرمائي ٿو ته:

چوڏهيءَ چنڊ، تون اُڀرين، سهسين ڪرين سينگار،

پَلَڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلن ڪرين هزار،

جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو.

سُر کنڀات جنهن کي اڄ به راجسٿان/ ٿر ۾ کمڀاتي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي سُر خوشين جي ڏيهاڙن تي ڪئين صديون اڳ به ٿري راجسٿان ڏوئن جي صورت ۾ راجائن مهاراجائن جي آڏو اُتي جا مڱڻهار آلاپيندا هئا ۽ اهڙي طرح کمڀاوتي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ آنٽل خان (آنٽڙيو) ۽ چئنچل خان (چانچڙيو/ جيڻو) هِتان شروع ڪيو، کمڀاتي، بلاول، هرجس، سورٺ، ميگهه، ديس ۽ ٻين راڳن ۾ ماڙيچا گهراڻي جا گائڪ قديم لوڪ موسيقيءَ ۾ (ڏوئا) ڏيندا هئا. شاهه سائينءَ پنهنجي قدرتي ۽ الهامي راڳن جي چالي سان سجائي ۽ هڪ نئين راڳ جي شڪل تخليق ڏنائون، جنهن تي نالو ڏنائون سُر کنڀات، ائين تمام گهڻو ۽ خوبصورت راڳ شاهه سائين جن جي چالي مان جنم وٺي ٿو. هِن سُر ۾ شاهه سائين انسانيت جو درس ڏنو آهي. انهيءَ سُر ۾ شاهه سائين چنڊ ستارن ۽ سج جي روشنين کي حضرت محمد مصطفيٰ (صلي الله عليه وسلم) جي نور جي سامهون ڪابه حيثيت نه ڏني آهي. انهن جون روشنيون پنهنجي محبوب جي سامهون اهڙيءَ ريت رکيون آهن ته چنڊ ستارا ۽ سج انهن جي رُونما ٿيڻ جو پڻ وقت مقرر آهي، پر پنجتن پاڪ جي حُسن جو رنگ هميشه هڪجهڙو آهي. اهو وقت جو محتاج نٿو رهي. مهيني/ ماهه جون ڪي راتيون چنڊ نروار نه ٿيندو آهي ۽ چنڊ جي مڪمل روشني منهنجي پرينءَ جي هڪ جهلڪ جهڙي به ناهي. چنڊ جو حسن ڪڏهن گول ته ڪڏهن اڌ ته ڪڏهن زري برابر رهي ٿو. انهيءَ سُر ۾ اُٺن جو پڻ ذڪر ڀلي ڀت ڪيل آهي. رات جي اونداهيءَ ۾ جيڪڏهن ميا مون کي پرين سندي پار ڏي پهچائين ته توکي ڳچيءَ ۾ ڳانا ياقوت جا پارايان، ۽ تنهنجي لغام هيرن سان مڙهايان.

چنڊ تون ته اُڀرين ضرور ٿو، پر ڪجهه ڏينهن لاءِ اونداهيءَ ۾ به رهين ٿو، پر منهنجي محبوب جو حسن هميشه روشن ۽ هڪجهڙو رهي ٿو. اونداهيءَ واري رات ۾ ٿرن ۽ جبلن تي اُٺ تي چڙهي پڻ سفر جو به ڪثرت سان ذڪر ڪيل آهي. اِنهيءَ سُر ۾ شاهه سائين پنهنجي محبوبن سان ملڻ لاءِ مُرادون به باسين ٿا:  پنهنجي محبوب مشتاقن جي تمام گهڻي سِڪ ۽ محبت رکي اٿن.

شاهه جي رسالي مان سُر کنڀات ۾ ڊاڪٽر گرُبخشاڻي کنڀات جي معنيٰ هڪ بندرگاهه سان ڏني آهي. ڪئين صديون اڳ ۾ ماڙيچڪي ٻوليءَ ۾ کنڀاتي جي نالي سان هِن راڳ جي شڪل ۾ ڏُئا، ڇَند، ڪويتائون ڪري آلاپيندا هئا، جيڪي اڄ به اُتر سنڌ جي وصيب واري علائقي کان وٺي ٿر جي علائقن ۾ رڄواڙن جا مير عالم پنهنجي پنهنجي انداز ۾ آلاپيندا آهن.

شاهه سائين جن هن راڳ جي شڪل جو اهڙو ته چالو ڏنو جو خود ڪلاسيڪل مها راڳي به اُن چالي جي چال کي سڃاڻي نه سگهيا آهن. ڪلاسيڪي راڳ جي اعتبار کان کنڀاوتي ۽ کماچ ۾ فرق اِهو آهي ته کماچ جي آروهي ۾ رکب (ري) جو سُر استعمال نه آڻبو آهي. کنڀاوتي جي آروهي ۾ رکب (ري) استعمال ۾ آڻبي آهي ۽ امروهي ۾ ورج سُر آهي. هِن راڳ جي مڌم (ما) کان کرج مٿين سَا تائين اچڻ جو هڪ (ڌا) جو استعمال سان هي راڳ کماچ کان الڳ ٿي پوي ٿو. هِن راڳ جي شڪل سان مشابهت رکندڙ راڳ جون شڪليون اهڙي ريت آهن.

(1) کماچ، (2) تلنگ، (3) دُرگا جنهن کي اسين سنڌ ۾ ملهاري جي نالي سان سڃاڻپ رکون ٿا، (4) سورٺ، (5) ديس (6) م،لڪ ڪامود (7) جئه جئه ونتي، (8) گونڊ ملهار (9) غارا هي راڳ به مسلمان گائڪن ۽ نائڪن جي پيداوار آهي، (10) بڊهنس، (11) نارايني، (12) پرتاب ورالي، (13) ناگ سُراولي. هي شڪليون مشابهت رکن ٿيون سُر کنڀات سان.

هيٺ پهريائين سُر کنڀات جي آروهي امروهي لکجي ٿي:

آروهي: سا. ري. پا. ما. ڌا. پا. ني. سا

امروهي: سا. ني. ڌا. پا. گا. ما. گا. ما. سا

شاهه سائين جن جي ڏنل راڳَ جي شڪلين ۾ جيڪي سُر استعمال ۾ اچن ٿا، تن جي شڪلين کي سڃاڻڻ لاءِ مون کي 24 سالن جو عرصو لڳو آهي. داستان مان پيدا ٿيندڙ سُر ۽ اُن جي سرگم وسيلي نوٽيشن ڪرڻ جو پهريون اعزاز نصيب ٿي رهيو آهي. هيٺ شاهه جي هِن سُر کنڀات جو چالو پيش ڪجي ٿو.

 

تار اسٿاني لطيفي چالو

پاما. ما گي ري سا. سا پا. پا ما.  ما ري گي. سا

سا ري پا ما. گي ما پا ما. ري گي ما سا ري پا ما گي

سا پا ڌي ني. پا مَا رَي گَي. مَا سَا گَي

پا ڌي ما پا. ني ڌي رَي سَا. سَا گَي رَا. مَا گَي پَا مَا

گَي رَي مَا پَا. رَي ڌي.پا ما پا. گَي مَا رَي گَي. پَا

سَا رَي گَي مَا. سَا رَي پَا مَا گَي