Video

سُر سامونڊي

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو ڪلام زندگي جي هر رخ ۽ موڙ تي انسانيت ۽ انسانذات لاءِ ديني ۽ دنياوي رهنمائي ڪري ٿو. شاهه سائين جو ڪلام هڪ فرد کان وٺي دنيا جي قومن لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي. اسين سنڌ واسي محبت ۽ عقيدت واري نگاهه سان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڀٽائي گهوٽ، لاکيڻو لطيف، ڀرجهلو لطيف ۽ سندس شاعريءَ واري نياپي کي حق ۽ سچ واري ٻولي تصور ڪريون ٿا. منهنجي راءِ آهي ته شاهه سائينءَ جا اصل ۾ 42 سُر هئا، جن مان 36 سُر بچيا، اُنهن 36 سُرن جو ڪجهه تفصيل اڳ ۾ منهنجي ڇپيل ڪتاب ”سُر شاهه سمنڊ“ ۾ موجود آهي، جنهن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي. اڄوڪي دور ۾ باقي وڃي 30 سُر بچيا آهن، جن مان به خاص ڪري 3 سُر گهاتو، ڪاپائتي، پرڀاتي، انهن سُرن جا آلاپ ورلاپ تند ۽ چالا شاهه جا فقير راڳي وڃائي ويٺا آهن. انهن ٽنهي سُرن کي لطيفي چالي مطابق نئين سر ڪمپوز ڪري آڊيو وڊيو ۾ ريڪارڊ ڪري اوهان تائين پهچائي رهيو آهيان. اهڙي طرح سُر سامونڊيءَ ۾ شاهه سائينءَ وِڇڙيل وَهُن جو احوال نقش ڪري ڏنو آهي، جيئن پاڻ سُر سريراڳ ۾ وڻجارن جو ذڪر ڪيو اٿس. هِن سُر سامونڊي ۾ ڏنل شاعراڻي شعور جون ٻه خاص خوبيون ڀليءَ ڀت ظاهر آهن. هڪڙو ته منجهس دلسوزي ۽ رقت نهايت نازڪيءَ سان ادا ڪئي وئي آهي ۽ ٻيو ته عورت ذات جي دلي جذبن ۽ اُمنگن جي اهڙي چٽي مورت ڪڍي وئي آهي، جو ڄڻ ته هي روپ شاهه سائين پنهنجي لاءِ تجويز ڪيو هجي ۽ هرهڪ سُورمي واري داستان ۾ ڄڻ ته اُهي سڀ روپ شاهه سائين پنهنجي لاءِ استعمال ڪيا هجن.

هن سُر سامونڊي ۾ شاهه صاحب وڻجاري جي اندر جا احوال طرحين طرحين انداز ۾ پيش ڪيا آهن، جيئن ته پاڻ فرمائي ٿو:

چَمَڪيون چؤڌار، ڌَڄُون ڌاڙيچَن جِيون،

ماءِ سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگارَ،

اُنِين جي پَچارَ، ڪالونڪَرَ ڪانگُ ڪري.

ڪٿي شاهه سائين سمنڊ پار ويل پرين جي واپسي ۽ سندن ديدار ڪرڻ لاءِ دُعائون ۽ باسون باسيندي محسوس ڪرائي رهيو آهي:

سَرَ نسِريا پاندُ، اُتر لڳا، آءُ پرين،

مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.

هِن سُر ۾ ڪانڌ جي موٽي اچڻ جو اوسيئڙو  ۽ انتظار، بندر تي ناکئن کان پڇائون ڪرڻ، پِيرن تي پڙ باسڻ، درياهه تي اکا پائڻ، چؤواٽن تي واپس ورڻ وارن لئه ڏيئا ٻارڻ وغيره. اُنهن سڀني انتظار ڪرائيندڙ واقعن جو نهايت درد وارو بيان ڪيل آهي:

سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،

مون کي ٿي ماري، اُنين سندي ڳالهڙي.

انتظار واري ڪيفيت ۾ پاڻ فرمائي ٿو  ته:

لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙهه اُپٽِئا،

ڪارَڻِ تن پِريَنِ، ويٺي واٽ نهاريان.

اڳتي هلي فرمائي ٿو:

وڻجارن وري پِرهَ پَڳَه ڇوڙيا،

اوليون پَسي ان جيون، پيئڙم ڳَچَ ڳَري،

وِيندي ماءِ مري، ساري سامونڊين کي.

هِن سُر ۾ شاهه سائينءَ سمنڊ جي خاموش لهرن ۽ اُن ۾ سمايل طوفانن جو به ذڪر ڪيو آهي. شاهه سائين شاعراڻي انداز ۾ پنهنجي ٻوليءَ وسيلي ماڻهن جي شعور کي بيدار ڪيو آهي. دلسوزي ۽ رقت نهايت نازڪ انداز سان بيان ڪيون آهن. وڻجارن جي اندر جا احوال، طرحين طرحين جا خيال ۽ مناظر ائين بيان ڪيا آهن، جيئن پاڻ اکين سان ڏٺا هجن. هن سُر ۾ ايڏو ته درد ۽ گُداز وارو بيان ڪيو آهي، جو دل لڳائي پڙهڻ وارن جا وار ڪانڊارجيو وڃن. هن سُر ۾ جيڪا تِکي مِٺي هوا سمنڊ جي ڇاتيءَ تي لڳي سمنڊ کي ڇولين جي رُوپ ۾ رقص ڪرائي ٿي ۽ چانڊوڪي راتِ ۾ جيئن سمنڊ جي مٿان چاندي جي سڪي وانگر چنڊ چمڪي رهيو هجي، تيئن سُر سامونڊيءَ جو تعلق پڻ سنڌي پرڪاش راڳ سان آهي ۽ هن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروهي ۽ امروهي اوڊو سمپورن آهي. يعنيٰ آروهي ۾ پنج سُر ۽ امروهي ۾ ست سُر آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار جن هن راڳ کي راڳ وديا ۾ اهڙو ته چالو ڏنو آهي، جيڪو هِند جي ڏنل سنگيت سان ڪونه ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاهه جي سنگيت ۾ هن جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آهي. وادي سُر گنڌار ۽ سم وادي سُر ڌيوت. راڳ جي آلاپڻ جو پهر شام کان رات تائين جو آهي.

آروهي:         سا. گي. مي . پا. ني سا.

امروهي:       سا. ني. ڌا. پا. مي. گي. را سا.

 

لطيفي تار اسٿاني چالو

ني سَا رَا سَا. گَي. مَي. گَي رَا سَا. ني سَا گي مي. پا ڌا. مي پا

مي گي مي گي را گي را سا.

مي ڌا ڌا پا. پا سَا. رَا گَي رَا سَا سَا. ني رَا سَا. مي ڌا پا. مي گي مي گي

پا ما. پا ڌاڌا ني ڌا پا سَا رَا رَا. گَي گَي. ني ڌا ڌا. مَي. گَي. مَي گَي. رَا سَا

سَا سَا رَا رَا سَا. ني ڌا پا ما را را سا. مي گي پا مي گي را. را ني ڌا پا

مَي گَي مَي گَي رَا رَا سَا.