[اسڪرين تي ڪلوز اپ ۾
تيزيءَ سان ڦرندڙ ڦيٿو، ۽ موسيقي]
ڪَٽ-
|
[هڪ ٻار رستي تي ڦيٿو ڊوڙائيندو وڃي. ڳائڻ وارو بئڪ گرائونڊ ۾ آهي.] |
ڦِر ڦِر ڦِر ڦِر منهنجا ڦيٿا، سڀ کي ڪر حيران، ساري جڳ جو چرخو چورين، اعليٰ تنهنجو شان. |
||
|
[ڳائڻ وارو سامهون آهي.] |
ڇُو ڇو ڇُو ڇو، ڇِڪ ڇِڪ ڇِڪ ڇِڪ |
||
|
|
ڀڳو وڃي راڪاسُ، |
||
|
|
ڪُو ڪُو ڪُو ڪُو، ڪُوڪ ڪَرڻ سان گَجي پيو آڪاسُ: |
||
|
|
مور به ناهي، |
||
|
|
ڍور به ناهي، |
||
|
|
هلي رڳو ڦيٿي تي- |
||
|
|
ڀڃو ته ٻارو ڇا هي؟ |
||
|
ٻار جواب ڏين ٿا: |
ريل گاڏي! |
||
|
ڳائڻ وارو: |
ها...... |
||
|
[اسڪرين تي ريل گاڏي.] |
ڦِر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا، |
||
|
|
سڀ کي ڪر حيران، |
||
|
|
ساري جڳ جو چرخو چورين، |
||
|
|
اعليٰ تنهنجو شان! |
||
|
|
|
||
|
[اسڪرين تي ڳائڻ وارو.] |
ڇِم ڇم ڇم ڇم ڇير وڄي ٿي، |
||
|
|
خوب اُڏامي ڌُوڙ، |
||
|
|
ڏاند کڻن ٿا ڪاٺُ ڪُلهي تي، |
||
|
|
تنهن ۾ ناهي ڪُوڙ: |
||
|
|
ڪَڇون به ناهي، |
||
|
|
وِڇون به ناهي، |
||
|
|
هلي رڳو ڦيٿي تي- |
||
|
|
ڀڃو ته ٻارو ڇا هي؟ |
||
|
|
|
||
|
ٻار: |
ڍڳي گاڏي! |
||
|
ڳائڻ وارو: |
ها....! |
||
|
[اسڪرين تي ڍڳي گاڏي.] |
ڦر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا |
||
|
|
سڀ کي ڪر حيران، |
||
|
|
ساري جڳ جو چرخو چورين، |
||
|
|
اعليٰ تنهنجو شان! |
||
|
|
|
||
|
اسڪرين تي ڳائڻ وارو: |
ٽَپ ٽَپ ٽَپ ٽَپ گهوڙو ڊوڙي، |
||
|
|
تنهن کي لال لغام، |
||
|
|
گهوڙي سان گڏ تنبو ڊوڙي، |
||
|
|
چهبڪ ساڻ اُڏام: |
||
|
|
ڪوپ به ناهي، |
||
|
|
ٽوپ به ناهي، |
||
|
|
هلي رڳو ڦيٿي تي- |
||
|
|
ڀڃو ته ٻارو ڇاهي؟ |
||
|
ٻار: |
ٽانگو! |
||
|
ڳائڻ وارو: |
ها...! |
||
|
ڪٽ- |
|
||
|
[اسڪرين تي ٽانگو] |
ڦر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا، |
||
|
|
سڀ کي ڪر حيران، |
||
|
|
ساري جڳ جو چرخو چورين، |
||
|
|
اعليٰ تنهنجو شان. |
||
|
|
|
||
|
اسڪرين تي ڳائڻ وارو: |
روڊ مٿي هڪ راڻي آئي، |
||
|
|
پِين پِين پان پان پُون، |
||
|
|
اک ڇنڀ اندر گم ٿي ويندي، |
||
|
|
پُڄي نه سگهندين تون: |
||
|
|
مُوري به ناهي، |
||
|
|
تُوري به ناهي، |
||
|
|
هلي رڳو ڦيٿي تي- |
||
|
|
ڀڃو ته ٻار ڇا هي؟ |
||
|
ٻار: |
موٽرڪار! |
||
|
ڳائڻ وارو |
ها...! |
||
|
ڪٽ- |
|
||
|
[اسڪرين تي موٽرڪار] |
ڦر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا، |
||
|
|
سڀ کي ڪر حيران، |
||
|
|
ساري جڳ جو چرخو چورين، |
||
|
|
اعليٰ تنهنجو شان! |
||
|
|
|
||
|
ڪَٽ- |
|
||
|
[شروع وارو منظر ٻار رستي تي ڦيٿو ڊوڙائي رهيو آهي.] |
|
||
|
|
|
||
|
|
|
||
|
|
|
||
|
13.02.1975 |
موسيقار: ظفر علي |
فنڪار: مينا شاهه ۽ ساٿي |
|