Video

سنڌوءَ جي ڪهاڻي

اي منهنجا پيارا پُٽڙا!

اي مُنهنجي پياري نياڻي!

اچ مان ٻُڌايان توکي ’سنڌوءَ‘ جي اڄ ڪهاڻي!

’سنڌوءَ‘ جي ٻُڌ ڪهاڻي، سنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي!

 

مشهور آهي جيڪا، جَڳَ ۾ نَدين جي راڻي،

صدين کان آهي قائم هن ڏيهه جي ڌَياڻي،

تهذيبَ کان به جهُوني، تاريخَ کان پُراڻي:

سنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي....!

 

سنڌوءَ جي سِيرَ ۾ ڏس، ڪيمياگريءَ جي قُدرتَ،

مِٽيءَ به سونُ آهي، پاڻي به آهي اَمرت،

ڄائي هماليا جي، ڪيڏِي نه آ سِياڻي:

سنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي....!

بَرفَن جي شاهزادي، ڪيلاشَ ۾ ڪُڏي ٿي،

جهَرڻن ۾ ڪِئن ٿي جهومي، جبلن کي ڪِئن ٿُڏي ٿي،

هونئن مانسرووَر ۾ ڪيڏي نه هئي نِماڻي:

سنڌو جي ٻُڌ ڪهاڻي...!

’لَداخ‘ کي لَتاڙي، ’گِلگت‘ کان آئي ’هُنزا‘،

جبلن جي جانِ جهوري، پَٿر ڪيائين پُرزا،

بيحد بُلندين تان، ڪشميرَ ڏانهن اُڏاڻي:

سنڌوءَ جي ٻڌ ڪهاڻي...!

ڪشمير کان جو نِڪتي، پنجابَ ڏي اُڏامي،

پنجن نَدين اَدب سان ڊوڙي ڏِني سَلامي،

هاڻي هلي ٿي سِنڌ ڏي، ڇا ٽورَ آ شَهاڻي:

سنڌوءَ جي ٻڌ ڪهاڻي...!

ڌرتيءَ جي ساري خُوشبو سنڌوءَ ۾ جا سمائي،

قدمن ۾ سنڌ جي سا، آڻي اُنهيءَ پُڄائي،

هر جيءَ ۾ جانِ آئي، هر ساهَه سگههَ ماڻي:

سنڌوءَ جي ٻڌ ڪهاڻي...!

ڪشمورَ کان ڪراچي، سنڌوءَ جي موجَ مستي،

ساگر اندر اَچيو ٿِي پنهنجي وڃائي هَستي،

هيڏي سڄي سفر جي ٿِي خيرَ سان پُڄاڻي:

سنڌوءَ جي ٻڌ ڪهاڻي...!

 

 

ــــ