ٻڌو بابلي جا پارَ، ٻڌو بابلي جا پارَ،
جنهن جا نخرا نَوَ هزار، جنهن جا ٽهڪ ٽماٽيدارَ-
ٻڌو...!
ٻاتيون ٻوليون ٻولي، سڀ جي دِل هرکائي،
ڏيڍ فُٽو هي ماڻهو ساري گهر کي ڀُوڪ بنائي:
ڀوڪ بنائي، ٽافي کائي،
ٿولي مالَ به کائي:
جنهن جا ريشم جهڙا وارَ، جنهن جون ڳالهيون ماکيءَ لارَ-
ٻڌو...
گهر جو لٺ سردارُ سڏائي، کائي کنڊ ملائِي،
کِي کِي- کِي کِي، کيچل کيٽو، کٽ پٽ کوٽ پِٽائي:
کوٽِ پٽائي،
ميز ٽپائي،
سڀ سان آهي لڙائي:
هاڻي کائي ويٺو مارَ، رڙيون راڄ ٻُڌن چوڌارَ-
ٻڌو...!
آئيندي جي آس به آهي، اڄ جو آهه سهارو،
ساري گهر جي سُونهن انهيءَ سان، سڀ جي اک جو تارو:
اک جو تارو،
ڀاڳ ڀلارو،
سڀ کي آهه پيارو:
جنهن تي ابي جو آڌارُ، جنهن تان امڙ ٿئي ٻلهار-
ٻڌو....!
|
6.8.1975 |
موسيقار: ڪريم شهاب الدين |
فنڪار: غفور گل |