Video

اَڙِي نِنڊَ!

اَڙِي ننڊ، خوابن جو توکي قسم،

اچي مُنهنجي ننڍڙي جي نيڻن ۾ سُمهه!

 

تون اڄ پوپٽن جي پرن تي چڙِهي،

ڀنڀورين جا باغن ۾ پيرا کڻي:

هلي اچ گُلابن تي رکندٖي قدم....!

 

تون ايندينءَ ته ڳالهيون عجب ٿينديون،

پَريون هن کي پينگهن ۾ لوڏينديون:

اچي هِن جي خوابن جي دنيا ته گهُم....!

 

اٿئي ڏاڍو نازڪ هي نازن پليو،

اِجهو هي رُنو ۽ اِجهو هي کِليو:

تون اچ هوريان هوريان، نهايت نرم....!

 

 

23.08.2004