اچو ته گڏجي ڌُوم مَچايون، گيتن جي گونجارَ ڪريون،
نئين سَمي جا سازَ وڄائي، هرڪا دل بيدار ڪريون...!
اسين سدا سونهارا آهيون،
پيارا، ڀاڳ ڀلارا آهيون،
جڳ جي اک جا تارا آهيون-
برپٽ باغ بهار ڪريون...!
محنت ساڻ آ محبت پنهنجي،
محنت ۾ ئي عظمت پنهنجي،
محنت زور، ضرورت پنهنجي-
محنت جو ونهوار ڪريون...!
نئين سمي سان وِک وڌائي،
علمَ عملَ جي جوتِ جڳائي،
پيار جو پورهيو خوب ڪمائي،
ملڪ جو ناماچار ڪريون...!
1973 ڌُن: نذر حسين