ٻارو رَکو صحت جو خيالُ،
صِحت بنا جيئڻ جنجالُ.
صبح اُٿڻ سان ڏندڻ ڪريو،
وهنجي، ڌوتل ڪپڙا پَهريو،
وارَ سنواري ٿيو نِهالُ...!
نيرن کائي وڃو اِسڪول،
خوب پڙهڻ ۾ ٿيو مشغول،
پاسِ ٿي ڏيکاريو هر سالُ...!
منجهند جو آرامُ ڪريو،
گهر جي ڪم جو ڌيانُ ڌَريو،
شامَ جو کيڏو بيٽ ۽ بالُ...!
سِجُ لهي ته پڙهڻ تي ويهو،
’هوم ورڪ‘ سڀ پورو ڪريو،
ڪريو پورو هر سوالُ...!