سيارو آيو سيءُ کڻي،
اُس به نِڪري ڇڻي ڇڻي،
ٿڙ ٿڙ، ٿڙ ٿڙ، لِڱ ٿڙڪن،
ڏڪ ڏڪ، ڏڪ، ڏڪ، ڏَند ڏڪن،
هٿ سيڪيندي بات بڻي...!
رِلي ته مُور نه سيءُ جهلـٖـي،
هاڻ ته ڪمبل سوَڙ کپي:
ٿڌ وڌي وئي آهي گهڻي...!
گرم لَٽَن هوندي به ٺَرون،
ساجهر پَر اسڪول وڃون،
ڳالهه اِها سڀني کي وڻي...!
24.02.2003