Video

عيدَ آئي

پائي ڪپڙا ڳاڙها، ساوا،

گلن ڦلن ۽ چِلڪي وارا،

آئي کڻي گهر گهر واڌائي،

عيد آئي، عيد آئي!

 

هڪڙي هٿ ۾ کيرَ سيويون،

ٻئي هٿ ۾ آندائين خرچيون،

ٻارن خوش ٿي موجَ ملهائي،

عيد آئي، عيد آئي.

 

پاڙي ۾ ڪو بُکيو هوئي،

ٻالڪ ڪو خرچيءَ لاءِ روئي،

هلو ڪريون تِن جي پورائي-

عيد آئي، عيد آئي!