Video

سائيڪل

بابا ڏياري سائيڪل،

بابا ڏياري سائيڪل،

ڪير هلي هاڻي پيدل،

ڪير هلي هاڻي پيدل!

 

سائيڪل منهنجي نئين نياري،

گهنٽي هن جي ٽِڻ ٽِڻ واري،

واه ڦري ٿو ڪيئن هينڊل...!

 

مُور نه ٿئي ٿي پنڪچر،

ائين ڊوڙي جيئن لاري موٽر،

هٿن مان تِرڪي پيو هينڊل...!

 

سڀ کان سستي، سؤلي سواري،

سارو ڏينهن گهمان چوڌاري،

ڪونه ٿئي پيٽرول جو بل...!

 

ڌِيان سان روڊ تي هلندو آهيان،

آسي پاسي ڏِسندو آهيان،

تڪڙ ڪڏهن، نه ڪريان ڀُل...!

 

ڳاڙهي بتيءَ تي بيهندو آهيان،

سائي بتيءَ تي هلندو آهيان،

ٽوڙيان ڪونه ڪڏهن سنگل...!

04.02.2003