Video

روشن تارا

ٽم ٽم، ٽم ٽم،

ٽم ٽم، ٽم، ٽم،

ٽم ٽم، ٽمڪن تارا،

ڏس آهن ڪيڏا پيارا!

ڪئن جِهرمِر جِهرمر جَرڪن،

ڄڻ پوپٽَ ڦَڙ ڦَڙ ڦڙڪن،

ڄڻ ٽانڊاڻا ٿا ٽهڪن:

ڪن اوندهه ۾ اُجيارا-

ٽِم ٽم.......

ڪن چنڊ سان لِڪلِڪوٽيون،

يا ڪن ٿا ڪِنگر ڪَلوٽيون،

هي نُورَڀريون ڦِرموٽيون:

هي لاٽون لکَ هزارا-

ٽِم ٽم......

جِئن اُڀَ تي چنڊ ستارا،

تِئن آهيون اسين سُونهارا،

ڌرتيءَ جا روشن تارا:

ڪريون جڳ کي باغ بهارا-

ٽم ٽم......

 

20.5.1975

موسيقار: ظفر علي

فنڪار: بيبي ثميره