Video

منهنجي گُڏِيءَ جا پارَ

منهنجي گُڏيءَ جا اهڙا پارَ،

اچيو ڏسن پاڙي جا ٻارَ.

 

وارَ وِڇون ۽ اکيون ٽانڊا،

نَڪُ نيسارو، چَپَ چيلاٽا،

وه وا، چيلهه چِٻي چوڌار...

 

ڪپڙا ليڙون، نَخرو ٻيڻو،

هَڙَ ۾ هريڙون، بانور ٽيڻو،

لَٽِي ڄاڻي نه ڪو ڪم ڪار...

 

ڪجلُ لڳايان، سينڌِ بڻايان،

پَٽَ پٽيهَرَ، زيورَ پايان،

اٿس هر ڳالهه کان انڪار...