منهنجو لغڙ اُڏاڻو چنڊَ ڏي،
اڃا اَنڌِي ڏسي پئي جنڊَ ڏي!
ڦَڙَ ڦَڙَ، ڦَڙَ ڦَڙَ، ڦُون ڦَرڙاٽَ،
زون زٽ، زون زٽ، زون زرڙاٽَ...!
رنگ ته جنهن جو روپهري،
ڏورِي تنهن ۾ سونهري:
اکيون ڦاڙي ڏس چمڪاٽ-
ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!
پُڇ ته جنهن جو پندرهن ميل،
تنهن ۾ پُوتا مون رابيلَ:
سُرهي ٿي وئي ساري واٽَ-
ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!
وِي ٽُو، ٽِي ٽُو، جنبو جيٽ،
سڀئي اُڏامن هن کان ليٽ:
ڄاڻ اُڏاڻو، ٿيا ڪڙڪاٽ-
ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!
هيڏانهن ويو يا هوڏانهن ويو؟
اُڀ کي ڦاڙي ڪيڏانهن ويو؟
تارا ڪَتيون ڪن سُرٻاٽَ:
ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!
مانـــجهي انـــدر ائـــٽم بــــم،
جيڪو ٽڪريو، ڄاڻ ڀسم،
ڏس هو راڪِٽ ٿي ويو ڪاٽَ-
ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!
چنڊ سان پيچ لڙائي خوب،
ڇِڪ سان ڊوڙون پائي خوب:
موٽي آيو پنهنجي گهاٽَ-
ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!
05.07.1975