Video

منهنجو لغڙ اُڏاڻو چنڊ ڏي

منهنجو لغڙ اُڏاڻو چنڊَ ڏي،

اڃا اَنڌِي ڏسي پئي جنڊَ ڏي!

 

ڦَڙَ ڦَڙَ، ڦَڙَ ڦَڙَ، ڦُون ڦَرڙاٽَ،

زون زٽ، زون زٽ، زون زرڙاٽَ...!

 

رنگ ته جنهن جو روپهري،

ڏورِي تنهن ۾ سونهري:

اکيون ڦاڙي ڏس چمڪاٽ-

ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!

 

پُڇ ته جنهن جو پندرهن ميل،

تنهن ۾ پُوتا مون رابيلَ:

سُرهي ٿي وئي ساري واٽَ-

ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!

وِي ٽُو، ٽِي ٽُو، جنبو جيٽ،

سڀئي اُڏامن هن کان ليٽ:

ڄاڻ اُڏاڻو، ٿيا ڪڙڪاٽ-

ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!

 

هيڏانهن ويو يا هوڏانهن ويو؟

اُڀ کي ڦاڙي ڪيڏانهن ويو؟

تارا ڪَتيون ڪن سُرٻاٽَ:

ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!

 

مانـــجهي انـــدر  ائـــٽم بــــم،

جيڪو ٽڪريو، ڄاڻ ڀسم،

ڏس هو راڪِٽ ٿي ويو ڪاٽَ-

ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!

 

چنڊ سان پيچ لڙائي خوب،

ڇِڪ سان ڊوڙون پائي خوب:

موٽي آيو پنهنجي گهاٽَ-

ڦڙ ڦڙ- ڦڙ ڦڙ...!

 

 

05.07.1975