انبن جي آ موسم آئِي،
ڪير ٿو کائي رَس مَلائِي.
’چوسا‘، خاص ’گلاب‘ ۽ ’لنگڙا‘،
مٺڙا مٺڙا، کَٽڙا کٽڙا،
’سنڌڙيءَ‘ جهڙي جنسَ نه ڪائِي...!
گوشت، مڇي، مرغي نه وڻي ٿي،
بابا! انبَ وٺي اچ جلدي،
مون کان ڪانه ٿئي ٿي پڙهائِي..! ·
ڪانگل کائـٖـي، طوطو کائـٖـي،
امان، بابا، ڏاڏو کائـٖـي،
کائـٖـي هرڪو مرد ۽ مائِـي...!