Video

اَمڙ مارِ نه مُون!

امڙ مار نه مون، منهنجي توبهن توبهن!

توبهن، منهنجي توبهن توبهن!

آءٌ تنهنجو پٽڙو چڱون:

الا ڙي، امڙ مارِ نه مُون!

 

کيٽو کِٽ کِٽ هاڻ نه ڪندس،

مانيءَ ويلي مُور نه رُسندس،

ڪين ٿيندس بي ڪَمون...!

 

اُٿي سَويري اسڪول ويندس،

ڀيڻ گُڏِيءَ کي تنگِ نه ڪندس،

ڀلي سَڙن رَمون، کمون...!

 

هاڻ ته روڪ ڀلا تون هٿن کي،

پَپِي کِلي ڏي پنهنجي پَپَن کي،

ڏي ڪجهه ٻيرَ ۽ ڄَمون...!

وهه واهه! امڙ مار نه مُون!

 

 

19.01.1998