سال سڄي جون مندون چار،
ڀلي سڀن کان آهي بهار!
مند ته جادوءَ جهڙي هيءَ،
ڪيئن نه پاڻ ڀَڄِي ويا سيءَ،
آهي سڀني جي سردار...
باغ ۾ پوپٽ اُڏرن کوڙ،
ڀونئرَ ڀنڀوريون ڏسجن کوڙ،
باتيون بلبل جون به هزار...
وڻن ڍڪِيا سڀ ساوا ويسَ،
سَرها سُرها سارا ديسَ،
گل ئي گل سارو سنسار...!