ٻارَ، هِنئين جا هارَ، گُلن جِئن نازڪ نِپجن ٿا،
آرَ، انگلَ، انڪارَ، گهڙيءَ ۾ وِرچن، پَرچن ٿا.
جي روئن، دل کي گهائن، جي مُرڪن مَن کي ڀائن،
ٻولَ عجائب ٽولَ، سِپيءَ ۾ موتِي سِپجن ٿا.
هِي ماکيءَ جهڙا مٺڙا، هي پوپٽَ، ڌيئرون، پُٽڙا،
اِيئن اکين ۾، جيئن امڙ جا تارا چِلڪن ٿا.
هي ٻاگهيون، دودا ٿيندا، هي ڏاها، جوڌا ٿيندا،
ٻار وڏا مهندارَ، هِينئر جي ننڍڙا ڏِسجن ٿا.