اچو عجب هڪ سئر ڪريون،
جــانورن جــو باغُ گهمــون!
قسمين قسمين جهنگ جناور آهن هت،
مور ۽ طوطا، ڀولا باندر آهن هت،
گينڊا هاٿي، اٺ پکي ۽ نانگ مڇيون،
اچو عجب...!
شينهن ته آهي جهنگ سڄي جو شاهنشاهه،
ڏسو اکين ۾ ڄڻ ته مَشالا ٻرن پيا،
هن جي هيبت ساڻ دهلجيو وڃن دِليون:
اچو عجب...!
رِڇُ ته پنهنجو ساڳيو ڀالو گُڏو آ،
هٽي پري ٿيو هي ڏاڍو لُچو آ،
ڏسي اسان کي ڪيئن نه پيو مِچڪائي اکيون،
اچو عجب...
ڪَن ته وِڃڻا، ڏند تَرارون، پاڻ جبل،
سونڊ سان پيئي پاڻي، اکين منجهه ڪجل،
ڪير هي آهي؟ اچو پرولي هيءَ سليون،
اچو عجب....!