سونَ ولائت ۾ هئي رهندي، سونَ سرَيکي سونل ٻائي،
ننڍڙي پياري سونل ٻائِي.
|
سونل ٻائي هلي ناناڻي، |
آئي نانيءَ وٽ سانجهيءَ ٽاڻي. |
|
نانيءَ سونل کي سيرو کارايو، |
پوءِ سونل لئه هنڌ وِڇايو. |
|
هنڌ تي ليٽي سونل ٻائي، |
نانيءَ پوءِ آکاڻي ٻڌائي. |
|
گل پريءَ جي ڳالهه ٻڌايَئين، |
سونل کي پوءِ هيئن سمجهايَئين: |
|
”ڳوٺ جي ڀرسان، اُتر پاسي، |
هڪڙو شاهي جهنگل آهي. |
|
تنهن جهنگ ۾ ڪيئي رڇَ رهن ٿا، |
ٻارن کي سي کڻي وڃن ٿا. |
|
تون اُن پاسي مُور نه وڃجئين، |
باقي هر ڪنهن پاسي گهمجئين.“ |
|
صبح ٿيڻ سان آيون سرتيون، |
ٻيرَ پٽڻ لئه جهنگ ڏي نِڪتيون، |
|
سونل ٻوليو، ”جهنگ نه هلجي“، |
سرتين ٻوليو، ”ڇا لئه ڊڄجي؟“ |
|
نيٺ سڀئي جهنگ ۾ پهتيون، |
ٻيرَ ڏسي سڀ ڏاڍيون خوش ٿيون. |
|
سونل هڪڙي پاسي ويئي، |
ڳاڙهن ٻيرن تي اکِ پيئي. |
|
ٻير چونڊيندي هلندي ويئي، |
سَرتين کان سا وِڇڙي ويئي. |
|
اوچتو هڪڙي دانهن ٻُڌائين، |
ڊڄي ڊڄي اُن پاسي ڏٺائين. |
|
رڇَ جو هڪڙو ننڍڙو ٻچڙو، |
بک ۾ پاهه ٿيو پئي ڏاڍو. |
|
سونل کي جا ڪهلَ اچي وئي، |
کيس ڏِنئين ٻيرن جي جهولي. |
|
ننڍڙي ٻچڙي کي جو ڍؤ ٿيو، |
سونل تي سو خوش ٿيو ڏاڍو. |
|
اوچتو رِڇڻ آئي ڀڄندي، |
سونل کي مارڻ لئه رَنڀندي. |
|
”هون هون! هون هون!“ ٻچڙي ٻوليو، |
ڳالهه سڄيءَ کي ماءُ سان کوليو: |
|
”سونل منهنجي سَرتي آهي، |
جهنگل ۾ ڀُلجي پئي آهي.“ |
|
رِڇڻ ٻوليو، ”جيئين سدائين، |
سونل ڌيءَ، متان گهٻرائين!“ |
|
پوءِ سونل کي پُٺ تي چائي، |
نانيءَ وٽ آئي پهچائي. |
فنڪار ۽ موسيقار: ظفر علي