
پريون خوابن ۾ وندرائن،
مٺڙا راڳ ٻڌائن.
سهڻيون سهڻيون ننڍڙيون پريون
بخــتـن واريـون ڀـاڳـن ڀـريــون،
لوليـون ڏئي ريجهائن،
مـٺــڙا راڳ ٻـڌائــن.
چانديءَ جهڙا پر انهن جا،
ويس به سهڻا سهڻا تن جا،
پيـنگهو لـوڏي ڳائن،
مـٺـڙا راڳ ٻـڌائـــن.
گـود ويــهاري سيــر ڪــرائـن،
ننــڊ ۾ نئـون نئـون ديس گهمائن،
ٻـارن کـي پـرچـائن،
مـٺـڙا راڳ ٻـڌائــن.
آواز: مظهر حسين ۽ ساٿي شاعر: سيد منظور نقوي