
اِجهـــــــا ريـــــلَ آئـــــــي، اِجهــــا ريـــــلَ آئــــــي،
ننڍي بابُوءَ ٽيشــــــڻ تي گـِهـــــنٽي وڄــــائي.
اڳيان جنهن جي اِنجڻ ڏسو ڪيئن وڻي ٿي؟
هـٽـائـڻ لاءِ مــاڻـهن کي سـيـٽي هڻي ٿي:
اِجها ريل آئي اِجها ريل آئي!
ڏِسو ڪيئن ته ٽيشڻ تي گاڏا بيهن ٿا،
۽ مـاڻهــــــــو اُنهـن ۾ چـَڙهـــــــن ٿـا، لـــهــــــن ٿـا:
اِجها ريل آئي، اِجها ريل آئي!
هي بابُو ڏسو، جنهن جي ڪاري آ ڏاڙهي،
جَهنڊيون ٻه اٿس، هڪ آ سائي ٻي ڳاڙهي،
اِجها ريل آئي، اِجها ريل آئي!
اُٿــــــو، ريـــــل- بابُــو ٿـــــو سيــــٽـِــــي وڄــــائـــي،
وڃــــڻ لاءِ هــــاڻــــــي ٿـــــو گــــــاڏي هـــــلائــــي.
آواز: رجب علي شاعر: مظفر حسين جوش
(1995- 1919ع)