
ٻُڌو هيءَ مون کان ڳالهه نرالي،
ڏِسو نـِرالو کيلُ.
ڏسو نرالو کيل، ٻارو!
ڏِسو نـِرالو کيلُ.
تـِلڪِ چاڙهيءَ تان ٻيڙي ڊوڙي،
سـنڌو نـديءَ ۾ ريـل، ٻارو!
ڏِسو نِـرالو کيلُ!
هاٿـِيءَ جي ٿـِي شادي، جنهن ۾ ٻلين خوبُ پئي ڳايو،
چاچي چٻري ناچُ ڪَيو پئي، طوطي ڍولُ وڄايو،
ڏِسو نـِرالو کيلُ!
گهُمندي ڦـِرندي شهرَ ۾ اُٺَ کي کائـِي ويو گابو ڪارو،
آني مان هڪ باندر نڪـِتو، جنهن جو رنگ هو ڳاڙهو:
ڏِسو نرالو کيلُ!
راڻي باغ ۾ ڪالهه ٿي گُذرِي، جانورن جي مَئـِچ،
بئٽنگ ڪئي هُئي گدڙن، جنهن ۾ لومڙيءَ ورتي ڪئچ:
ڏِسو نِرالو کيلُ!
ڏِسو نـِرالو کيلُ، ٻارو!
ڏِسو نِـرالو کيلُ!
آواز: ماسٽر محمد ابراهيم شاعر: مظفر حسين جوش
(1995-1919ع)