
هلو هلو ته اي ٻارو نئون ڪو شهر گهمون،
هلو هلو ته اي ٻارو نئون ڪو شهر گهمون
بازار هن جو آهي نالو قصا خاني بازار،
ٻڌيون ته هونديون توهان پڻ وڏن کان ڳالهيون هزار،
هلو هلو ته پشاور جي هيءَ بازار گهُمون،
هلو هلو ته اي ٻارو نئون ڪو شهر گهمون.
ڏسو هُو سامهون مسجد آهي مهابت جي،
هو يونيورسٽي ۽ بيهڪ ڏسو عمارت جي،
هلو هلو ته عمارت اها به ڏسندا هلون،
هلو هلو ته اي ٻارو نئون ڪو شهر ڏسون.
هُو ميوزيم آهي ۽ هُن پاسي قلعو آهي،
هُو ڪاليج آهي ۽ باغيچو هُو وڏو آهي،
هلو هلو ته موٽي وري پنهنجي گهر جي راهه وٺون،
هلو هلو ته اي ٻارو نئون ڪو شهر ڏسون.
آواز: استاد محمد جمن شاعر: بلاول پرديسي