
اوهين ديس جا روشن تارا،
ساکي آهن چنڊ ستارا،
اوهين ديس جا روشن تارا.
جڳ مڳ، جڳ مڳ جرڪو ٿا،
مکڙين وانگر مُرڪو ٿا،
ابــي امــڙ جــا، جــيءَ جيـارا،
اوهين ديس جا روشن تارا.
ديس لاءِ ٿڌڙي هير آهيو،
خوابن جي تعبير آهيو،
سنڌ جا ساٿي آهيو سگهارا،
اوهين ديس جا روشن تارا!
ننڍڙا نينگر ائين کلن ٿا،
ٽاريءَ، ٽاريءَ گل ٽڙن ٿا،
ٽهڪ انهن جا، پيارا پيارا،
اوهين ديس جا چنڊ ستارا!