
ڀُــــــورن وارن واري ٻــــلــــــڙي.
نـِيـــريـــن اکــــڙيـــن وارِي ٻـــلـــــڙي.
سهـڻو مُـنهـن ۽ نـقشـو پيـارو،
مُنـــهـن بـِلــــــور جيــــــان مــــوچـــارو،
هلڪــي سلڪــي، نازڪ بـــــي حد.
نـــخــــريـلــــــــي ۽ نـــيـــــــاري ٻـــلــــــــڙي!
گوشت کي هرگز ڪين ڇڏي ٿي،
ٿالهيون ٿانوَ سڀئي چَٽي ٿي.
لـِڪي لـِڪي ۽ ڊوڙي جهٽ پٽ،
ڪــــوئـــــا کــــائـــــي پـــيــــــاري ٻــــلــــڙي.
ڪوئـِي گهر ۾ کاڌو کـائي،
ڀر ۾ بيٺي راڳ ٿــــي ڳـائي.
ڪوئي مون کي ڀـي کارائي،
چـــاهـــــي ٿـــــي ويـــچــــاري ٻـــلــــڙي.
آواز: ماسٽر محمد ابراهيم شاعر: سيد منظور نقوي
(1997-1924ع)